بلوچستان جي قومي تحريڪ ۽ سنڌ !!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    بلوچستان جي قومي تحريڪ ۽ سنڌ !!!

    [​IMG]
    [/URL
    ]

    [JUSTIFY]بلوچن وٽ هن وقت پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ انتهائي سگهارا تاريخي دليل موجود آهن. جن ۾ هنن جو انگريز سرڪار سان ٺاهه کان وٺي هندستان يا پاڪستان ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار وارو دليل انتهائي سگهارو آهي. مختلف دورن تي هلندڙ مزاحمتي تحريڪون جن ۾ بلوچن کي بظاهر تمام گھڻو نقصان کڻڻو پيو هو جو ڪيس پڻ ثابت ڪري ٿو ته بلوچ ڪڏهن به دلي طور تي هن ملڪ سان گڏ رهڻ لاءِ تيار نه رهيا آهن. توڙي جو بلوچ قوم جا اڳواڻ مختلف وقتن تي پارلياماني سياست به ڪندا رهيا آهن. جن ۾ عطاءُ الله مينگل کان وٺي ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ توڙي شهيد بالاچ مري، جيڪو مارجڻ وقت پڻ بلوچستان اسيمبليءَ جو ميمبر هو. پر لڳي ائين ٿو ته سندس پارلياماني محاذ پڻ هڪ جنگي مورچو هو. جنهن ذريعي هنن دنيا کي هي پيغام ڏيڻ چاهيو پئي ته اسان پنهنجي قوم جا چونڊيل اڳواڻ آهيون. سندن اها حڪمت عملي اڄ مجموعي طور قوم کي طاقتور ڪري بيهاري بيٺي آهي. جو پارلياماني محاذ تي موجود ڊاڪٽر عبدالمالڪ توڙي حاصل بزنجو سندن دليل ڏيندڙ سپاهي بڻيل آهن. [/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]جيترا هنن جا سرگرم چاري مورچي تي ويڙهه وڙهندا آهن. ان لاءِ بلوچستان جي تبديل ٿيندڙ حالتن وقت اسان کي خطي ۾ ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ تبديلين کي به وسارڻ نه گھرجي، معدني وسيلن سان مالا مال وسيع و عريض علائقي تي مشتمل بلوچستان جنهن وٽ گھرو سمنڊ ۽ افغانستان، توڙي ايران سان لڳندڙ جاگرافيائي سرحدون جيڪي سڀاڻي جي سرمائيدار دنيا کي هڪ هٻچي نگاهن سان ڏسڻ تي مجبور ڪري رهيون آهن. سي بلوچستان جي قومي تحريڪ جي پٺيان سرگرم عمل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پر ڇا بلوچستان جي قومي تحريڪ پنهنجو مقصد جلدي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي؟ اهو سوال هن وقت انتهائي اهم آهي ڇا ڪاڻ ته جيترو هيءَ تحريڪ ڊگھو وقت وٺندي ان دوران هزارين نوجوان پنهنجي جانين جا نذرانا پنهنجي وطن تان گھوري چڪا هوندا. هزارين ونيون، بيواهه ٿي چيڪون هونديون ۽ هزارين ٻار يتيم ٿي چڪا هوندا. ان لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته 2020ع تائين به جيڪڏهن هيءَ جنگ هلي تڏهن به 60 لک بلوچن کي ڪيترين ئي قربانين مان گذري پار پوڻو پوندو ۽ ڪيترن دلچسپ توڙي ڪرب سان ڀريل واقعن مان گذرڻو پوندو.
    پر انهيءَ سموري صورتحال مان جيڪڏهن بلوچستان پنهنجي آزادي واري منزل تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته هن رياست لاءِ سنڌ اهڙو خطو هوندو جنهن جي لاءِ غلاميءَ جا سنگهر اڃان وڌيڪ طاقتور طور ٿيندا. رياست جي طاقت جو سڄو ڌيان سنڌ تي رهندو. جنهن ۾ معاشي ڦرلٽ کان وٺي غلامي جي نئين دؤر جي شروعات ٿيندي.

    [/JUSTIFY]
    [​IMG]

    سنڌ جيڪا هن وقت ڇڙوڇڙ آهي. جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ربط موجود ناهي. سائين جيئم سيد جي فڪر تي هلڻ جي دعويٰ ڪندڙ مختلف گروهن ۽ تنظيمن، خطي ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن مان فائدو وٺڻ توڙي ملڪي ۽ عالمي فورمن تي سنڌ جي حق ۾ لابنگ ڪرڻ جي بدران هڪ ٻئي جي خلاف ڀنڊي ٻاري رکي آهي. ملين مارچ ۽ فريڊم مارچ جا Events پڻ کل جوڳا بڻايا پيا وڃن. درست ۽ سنجيده حڪمت عملي نه هجڻ ڪري جيئي سنڌجا مختلف گروپ هڪ ڏينهن به سنڌ ۽ سيد لاءِ گڏجڻ لاءِ تيار ناهن سياست جي اهم مورچن کي فضول سمجهي خالي ڇڏيو ويو آهي. جن ذريعي عوام سان گڏجڻ جو ۽ ويساهه جوڙڻ جو موقعو ميسر ٿئي ٿو. تن محاذن کي پڻ گذريل 65 سالن کان لاتعلق بڻايو ويو آهي. نتيجو اڄ جي هن صورتحال ۾ سج جيان چٽو ڏسي سگهجي ٿو ته سنڌجي ڀرسان موجود بلوچستان دنيا جي سپر پاور ملڪ آمريڪا جي سينيٽ ۾ گونجي رهيو آهي. اسان کي هڪ دفعو ٻيهر قومي تحريڪ جو سنجيده جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي.

    [​IMG]

    [JUSTIFY]اسان کي پنهنجي تحريڪ جا رخ تعين ڪرڻ کان پهرين مادر وطن سنڌ جي دشمنن جو تعين ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏوگڏ حڪمت عملي ۽ پاليسي تي پڻ نئين سر سوچ ويچار ڪرڻ جي گھرج آهي. مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جي 65ع سالن جي تاريخ ثابت ڪيو آهي سنڌ کي ٽن قوتن هميشه نقصان پهچايو آهي. جنهن ۾ پنجاب، پناهگير جنهن جي نمائندگي هن وقت ايم ڪيو ايم ڪري رهي آهي ۽ جاگيردار اچي وڃن ٿا. سائين جي ايم سيد پڻ پنجاب پناهگير مستقل مفادن جي ٽرمنالاجي استعمال ڪئي آهي. اسان مان ڪافي دوست سنڌ جي موجوده حالتن جو ذميوار فقط پنجاب کي سمجهن ٿا پر ان جي اتحادي پناهگير ۽ جاگيردارن جي سنڌ دشمنين کي وساري ويهن ٿا. هن وقت سنڌ جنهن سياسي مزاحمت جي مزاج سان اڳتي وڌي رهي آهي ان لاءِ مان ذاتي طور تي پراميد هوندي ان حق ۾ آهيان ته اسان هن رياست کي سندن اتحادين سميت پرامن سياسي جدوجهد ذريعي شڪست ڏيئي سگهون ٿا. عالمي ضمير کي پڻ پنهنجي معاشي قتل توڙي ثقافتي تباهيءَ تي جاڳائي سگهون ٿا. جنهن جدوجهد لاءِ سائين جي ايم سيد عدم تشدد جي ڳالهه ڪئي هئي.
    [/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]
    پر اسان کي اهو نه وسارڻ گھرجي ته وطن جي بقاءُ ۽ ايندڙ نسل جي عزت آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ سياسي جدوجهد جي سمورن طور طريقن کان معروضي حالتن تحت استعمال ڪرڻ ۾ ڪڏهن به انڪار نه ڪرڻ گھرجي. اسان کي سمجهڻ گھرجي ته اسان جون زندگيون اسان جي قومي مفادن کان اهم ناهن. اسان جا خواب رڳو اسان جي اڄ سان جڙيل ناهن پر اهي خواب 5 ڪروڙ انسانن جي بهتر مستقبل سان واڳيل آهن. ان لاءِ اچو ته سنڌ جي آجپي جي درست واٽ وٺڻ لاءِ سنڌ ۾ نئين بحث جي شروعات ڪريون. جنهن بحث جو مقصد سنڌ کي هر قسم جي غلاميءَ مان ڪڍڻ جي رستي جي تلاش هجڻ گھرجي نه ئي پٽڪن کي ڌوڙ ڪرڻ جي رسم دهرائڻ جي روش هجي

    [/JUSTIFY]
    ڊاڪٽر قادربخش Drqadir Bux فيسبڪ جي ٿورن سان
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: بلوچستان جي قومي تحريڪ ۽ سنڌ !!!

    سائين ڊاڪٽر قادر بخش صاحب جو انتهائي بهترين ۽ وڏي اهميت رکندڙ ليک ونڊڻ لا ٿورا۔
    هن ليک اسان جي ذهن کي ڦيراٽيون ڏوائي ڇڏيون آهن۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بلوچستان جي قومي تحريڪ ۽ سنڌ !!!

    سائين نثار مهربانيون

    بلوچن جي تحريڪ واقعي هڪ اهم موڙ تي پهتل آهي ۽ مونکي 1971 وارا حالات نظر پيا اچن۔ بلوچن جي ٽهريڪ کي آمريڪا ۽ هندستان جي سپورٽ آهي ۽ اهي ان لاء پاڪستاني حڪومت کي بليڪ ميل ڪري پنهنجا مقصد ماڻڻ جون ڪوششون ضرور ڪندا۔ پر ياد رکو اڳتي هلي بلوچ قيادت انهن ئي ملڪن هٿان مجبور ٿيندي پر پوء به هو پنهنجو ملڪ ۽ ڌرتي حاصل ڪري ويندا۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: بلوچستان جي قومي تحريڪ ۽ سنڌ !!!

    ساڳئي ڊاڪٽر صاحب هي به هڪ ليک ونڊ ڪيو آهي؛

    بلوچستان جي ٻرندڙ باهه جو سيڪ سنڌ تائين ڇو نه پهتو؟

    [JUSTIFY]ڪجهه وقت اڳ جڏهن بلوچستان ۾ هلندڙ قومي تحريڪ جي شدت ۾ ڪجهه ڍرائي ۽ گهٽتائي اچي وئي هئي. سيد نوروز خان شهيد ۽ ٻين پاران بلوچ آجوئي (آزادي) جي دکايل باهه بظاهر اجهاڻل اجهاڻل هجن وارو ڏيک ڏئي رهي هئي. توڻي جو گدانن (بلوچستان ۾ خاص قسم جي جهوپڙين) ۾ رهندڙ، گڊ جو گوشت کائيندڙ بلوچستان جي ماڻهن جي جبل جيان سگهارن سينن ۾ ان وقت بغاوت جو هڪ وڏو لاڙو موجود هو. ظاهري طور شانت ڏسجي رهيو هو، ان ڏينهن ۾ بلوچستان جي شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن خاص طور مبارڪ قاضي، غلام ماٺار واري ماحول کي ٽوڙڻ لاءِ بلوچستان جي قومي تحريڪ ۾ شامل نوجوانن کي سنڌ مان سبق سکڻ جو درس ڏنو ۽ تنهن ڪري کين گڏيل جدوجهد ڪرڻ گهرجي. جيئن مبارڪ قاضي جو هڪ شعر آهي:

    سُرمَگين بُولان و مهرانا يڪ آسَ بُن اِنت
    من نزانان بزگين سنِڌا بچاران يا تَرا
    ترجمو: سرمئي شام جهڙي بولان جي ڌرتي ۽ مهراڻ ۾ ئي باهه ۾ ٻَري پئي. آءُ نٿو ڄاڻان ته ويچاري سنڌ ڏانهن ڏسان ته توکي ڏسان.

    اهي ۽ ٻيا ڪيترائي شعر آهن جن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو ذڪر آهي. پر اڄ انهن شاعرن کي ضرور تعجب ٿيو هوندو، پنهنجي ڳالهه تي پشيماني نه تڏهن به فخر نه هوندو. ڇاڪاڻ ته اڄ جڏهن بلوچ پنهنجو ڪيس عالمي ايوانن تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. بلوچستان جي تاريخ ۾ هڪ ڀيرو وري اهڙو وقت آيو جڏهن بلوچستان تپي ٽامو بڻجي وئي آهي. سر مچارن جي سينن جو ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو آهي. بلوچ قومي تحريڪ جي نوجوانن پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي هڪ وار وري ڏڪڻ تي مجبور ڪيو آهي. جڏهن اردو ميڊيا به بلوچستان جي قومي تحريڪ کي ڪوريج ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي موت جهڙي ماٺ ۾ مبتلا آهي. نواب اڪبر بگٽيءَ جي شهادت خلاف زبردست احتجاج ڪندڙ سنڌ اڄ ايترن سارن بلوچ قومي تحريڪ جي ڪارڪنن جي قتل ٿيڻ واري گرم ماحول ۾ چَپ سِبي ويٺو آهي. اها وڏي حيرت جهڙي ڳالهه آهي. منهنجي چوڻ جو بلڪل اِهو مطلب نه آهي ته سنڌي بلوچن جو ساٿ ڏين، پر منهنجو مقصد آهي ته سنڌين لاءِ به هي هڪ بهترين وقت آهي، جڏهن اسٽيبلشمنٽ ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ عالمي قوتن جي تنقيد جو نشانو بڻجي رهي آهي. اهڙي وقت ۾ سنڌي به پنهنجو آواز عالمي ايوانن تائين پهچائي سگهن ٿا. سنڌي ۽ بلوچ ٻنهي جي تباهي ۽ بربادي جو ذميوار اسٽيبلشمينٽ آهي تنهن ڪري ساڳي وقت ٻنهي پاسن کان جدوجهد ڪرڻ ضروري آهي، پر افسوس ته ائين ٿيندي نٿو ڏسجي! سنڌ جي قومي تحريڪ اهڙي دور ۾ به وايا تپڻي مان نه نڪري سگهي آهي ۽ هڪ ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي ڪارڪنن جون توانايون زيان ڪري رهي آهي. سماجي علمن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سماج جي فطري قانونن پٽاندڙ ڪڏهن ڪڏهن ٿوري حاصلات لاءِ گهڻي جدوجهد ڪرڻي هوندي آهي ۽ ڪڏهن ٿوري جاکوڙ سان گهڻو ڪجهه حاصل ٿيندو آهي. سنڌ لاءِ شايد هي اهڙو موقعو آهي، جنهن ٿوري جاکوڙ سان گهڻو ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو.

    بلوچن کي آمريڪا آزادي وٺي ڏي يا نه پر اها هڪ حقيقت آهي ته بلوچستان ڪنهن به وقت پنهنجي آزاديءَ جي ديويءَ کي ڀاڪرن ۾ ڀريندو. بلوچ قومي تحريڪ جي نوجوانن کي پاڻ تي پُورو پُورو ڀروسو آهي ته انهن جي وطن تي هاڻي ڪوبه ڌاريو اُنهن جي مرضيءَ بنا نٿو رهي سگهي، بلوچستان جي قومي تحريڪ هاڻي رڳو سردارن جي بغاوت نه رهي آهي بلڪه بلوچ پڙهيل لکيل نوجوانن جي هٿن ۾ اچي ويئي آهي. انهن وٽ ڊاڪٽر الله نظر جهڙو نوجوان آهي، جنهن M.B.B.S جي امتحان ۾ سونو ٻلو حاصل ڪرڻ کان پوءِ نوڪري ڪري پئسو ڏوڪڙ ڪمائڻ بدران جبلن تي چڙهي قومي تحريڪ ۾ پنهنجو حصو پتي ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بلوچن وٽ ثنا سنگت جي ڀيڻ جهڙيون بهادر ڇوڪريون آهن. جنهن پنهنجي حسين ۽ نوجوان ڀاءُ جي تڏي تي ويهڻ بدران ڪراچيءَ ۾ قومي ڪارڪنن جي مظاهري ۾ شرڪت ڪرڻ کي بهتر سمجهيو، انهن وٽ قدير بلوچ جهڙا جهونا ڪارڪن آهن جنهن پنهنجو نوجوان پُٽ جليل ريڪيءَ کي ايجنسين هٿان شهيد ڪرائي به مايوسيءَ کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنو آهي. جڏهن به قومن ۾ اهڙا جذبا پيدا ٿيندا آهن ته ان قوم کي ٽينڪن ۽ بندوقن سان هارائڻ ناممڪن بڻجي ويندو آهي. تنهنڪري سنڌين لاءِ هي بهترين موقعو آهي، پنهنجا حق وٺڻ جو. 71ع ۾ بنگلاديش وقت به سنڌين وڏي غلطي ڪئي هئي ائين نه ٿئي ته اسان هڪ ڀيرو وري غلطي ڪريون ۽ مٿين جملي ۾ بنگلاديش جي جاءِ ڪو ٻيو لفظ اچي پر اسان هتي ئي ويٺا هجون....
    [/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو