نثارابڙو
نائب منتظم
]
[URL=http://imageshack.us/photo/my-images/402/baluch2.jpg/]
سنڌ جيڪا هن وقت ڇڙوڇڙ آهي. جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ربط موجود ناهي. سائين جيئم سيد جي فڪر تي هلڻ جي دعويٰ ڪندڙ مختلف گروهن ۽ تنظيمن، خطي ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن مان فائدو وٺڻ توڙي ملڪي ۽ عالمي فورمن تي سنڌ جي حق ۾ لابنگ ڪرڻ جي بدران هڪ ٻئي جي خلاف ڀنڊي ٻاري رکي آهي. ملين مارچ ۽ فريڊم مارچ جا Events پڻ کل جوڳا بڻايا پيا وڃن. درست ۽ سنجيده حڪمت عملي نه هجڻ ڪري جيئي سنڌجا مختلف گروپ هڪ ڏينهن به سنڌ ۽ سيد لاءِ گڏجڻ لاءِ تيار ناهن سياست جي اهم مورچن کي فضول سمجهي خالي ڇڏيو ويو آهي. جن ذريعي عوام سان گڏجڻ جو ۽ ويساهه جوڙڻ جو موقعو ميسر ٿئي ٿو. تن محاذن کي پڻ گذريل 65 سالن کان لاتعلق بڻايو ويو آهي. نتيجو اڄ جي هن صورتحال ۾ سج جيان چٽو ڏسي سگهجي ٿو ته سنڌجي ڀرسان موجود بلوچستان دنيا جي سپر پاور ملڪ آمريڪا جي سينيٽ ۾ گونجي رهيو آهي. اسان کي هڪ دفعو ٻيهر قومي تحريڪ جو سنجيده جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي.
پر اسان کي اهو نه وسارڻ گھرجي ته وطن جي بقاءُ ۽ ايندڙ نسل جي عزت آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ سياسي جدوجهد جي سمورن طور طريقن کان معروضي حالتن تحت استعمال ڪرڻ ۾ ڪڏهن به انڪار نه ڪرڻ گھرجي. اسان کي سمجهڻ گھرجي ته اسان جون زندگيون اسان جي قومي مفادن کان اهم ناهن. اسان جا خواب رڳو اسان جي اڄ سان جڙيل ناهن پر اهي خواب 5 ڪروڙ انسانن جي بهتر مستقبل سان واڳيل آهن. ان لاءِ اچو ته سنڌ جي آجپي جي درست واٽ وٺڻ لاءِ سنڌ ۾ نئين بحث جي شروعات ڪريون. جنهن بحث جو مقصد سنڌ کي هر قسم جي غلاميءَ مان ڪڍڻ جي رستي جي تلاش هجڻ گھرجي نه ئي پٽڪن کي ڌوڙ ڪرڻ جي رسم دهرائڻ جي روش هجي
بلوچن وٽ هن وقت پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ انتهائي سگهارا تاريخي دليل موجود آهن. جن ۾ هنن جو انگريز سرڪار سان ٺاهه کان وٺي هندستان يا پاڪستان ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار وارو دليل انتهائي سگهارو آهي. مختلف دورن تي هلندڙ مزاحمتي تحريڪون جن ۾ بلوچن کي بظاهر تمام گھڻو نقصان کڻڻو پيو هو جو ڪيس پڻ ثابت ڪري ٿو ته بلوچ ڪڏهن به دلي طور تي هن ملڪ سان گڏ رهڻ لاءِ تيار نه رهيا آهن. توڙي جو بلوچ قوم جا اڳواڻ مختلف وقتن تي پارلياماني سياست به ڪندا رهيا آهن. جن ۾ عطاءُ الله مينگل کان وٺي ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ توڙي شهيد بالاچ مري، جيڪو مارجڻ وقت پڻ بلوچستان اسيمبليءَ جو ميمبر هو. پر لڳي ائين ٿو ته سندس پارلياماني محاذ پڻ هڪ جنگي مورچو هو. جنهن ذريعي هنن دنيا کي هي پيغام ڏيڻ چاهيو پئي ته اسان پنهنجي قوم جا چونڊيل اڳواڻ آهيون. سندن اها حڪمت عملي اڄ مجموعي طور قوم کي طاقتور ڪري بيهاري بيٺي آهي. جو پارلياماني محاذ تي موجود ڊاڪٽر عبدالمالڪ توڙي حاصل بزنجو سندن دليل ڏيندڙ سپاهي بڻيل آهن.
[URL=http://imageshack.us/photo/my-images/402/baluch2.jpg/]

جيترا هنن جا سرگرم چاري مورچي تي ويڙهه وڙهندا آهن. ان لاءِ بلوچستان جي تبديل ٿيندڙ حالتن وقت اسان کي خطي ۾ ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ تبديلين کي به وسارڻ نه گھرجي، معدني وسيلن سان مالا مال وسيع و عريض علائقي تي مشتمل بلوچستان جنهن وٽ گھرو سمنڊ ۽ افغانستان، توڙي ايران سان لڳندڙ جاگرافيائي سرحدون جيڪي سڀاڻي جي سرمائيدار دنيا کي هڪ هٻچي نگاهن سان ڏسڻ تي مجبور ڪري رهيون آهن. سي بلوچستان جي قومي تحريڪ جي پٺيان سرگرم عمل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پر ڇا بلوچستان جي قومي تحريڪ پنهنجو مقصد جلدي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي؟ اهو سوال هن وقت انتهائي اهم آهي ڇا ڪاڻ ته جيترو هيءَ تحريڪ ڊگھو وقت وٺندي ان دوران هزارين نوجوان پنهنجي جانين جا نذرانا پنهنجي وطن تان گھوري چڪا هوندا. هزارين ونيون، بيواهه ٿي چيڪون هونديون ۽ هزارين ٻار يتيم ٿي چڪا هوندا. ان لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته 2020ع تائين به جيڪڏهن هيءَ جنگ هلي تڏهن به 60 لک بلوچن کي ڪيترين ئي قربانين مان گذري پار پوڻو پوندو ۽ ڪيترن دلچسپ توڙي ڪرب سان ڀريل واقعن مان گذرڻو پوندو.
پر انهيءَ سموري صورتحال مان جيڪڏهن بلوچستان پنهنجي آزادي واري منزل تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته هن رياست لاءِ سنڌ اهڙو خطو هوندو جنهن جي لاءِ غلاميءَ جا سنگهر اڃان وڌيڪ طاقتور طور ٿيندا. رياست جي طاقت جو سڄو ڌيان سنڌ تي رهندو. جنهن ۾ معاشي ڦرلٽ کان وٺي غلامي جي نئين دؤر جي شروعات ٿيندي.
پر انهيءَ سموري صورتحال مان جيڪڏهن بلوچستان پنهنجي آزادي واري منزل تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته هن رياست لاءِ سنڌ اهڙو خطو هوندو جنهن جي لاءِ غلاميءَ جا سنگهر اڃان وڌيڪ طاقتور طور ٿيندا. رياست جي طاقت جو سڄو ڌيان سنڌ تي رهندو. جنهن ۾ معاشي ڦرلٽ کان وٺي غلامي جي نئين دؤر جي شروعات ٿيندي.
سنڌ جيڪا هن وقت ڇڙوڇڙ آهي. جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ربط موجود ناهي. سائين جيئم سيد جي فڪر تي هلڻ جي دعويٰ ڪندڙ مختلف گروهن ۽ تنظيمن، خطي ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن مان فائدو وٺڻ توڙي ملڪي ۽ عالمي فورمن تي سنڌ جي حق ۾ لابنگ ڪرڻ جي بدران هڪ ٻئي جي خلاف ڀنڊي ٻاري رکي آهي. ملين مارچ ۽ فريڊم مارچ جا Events پڻ کل جوڳا بڻايا پيا وڃن. درست ۽ سنجيده حڪمت عملي نه هجڻ ڪري جيئي سنڌجا مختلف گروپ هڪ ڏينهن به سنڌ ۽ سيد لاءِ گڏجڻ لاءِ تيار ناهن سياست جي اهم مورچن کي فضول سمجهي خالي ڇڏيو ويو آهي. جن ذريعي عوام سان گڏجڻ جو ۽ ويساهه جوڙڻ جو موقعو ميسر ٿئي ٿو. تن محاذن کي پڻ گذريل 65 سالن کان لاتعلق بڻايو ويو آهي. نتيجو اڄ جي هن صورتحال ۾ سج جيان چٽو ڏسي سگهجي ٿو ته سنڌجي ڀرسان موجود بلوچستان دنيا جي سپر پاور ملڪ آمريڪا جي سينيٽ ۾ گونجي رهيو آهي. اسان کي هڪ دفعو ٻيهر قومي تحريڪ جو سنجيده جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي.
اسان کي پنهنجي تحريڪ جا رخ تعين ڪرڻ کان پهرين مادر وطن سنڌ جي دشمنن جو تعين ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏوگڏ حڪمت عملي ۽ پاليسي تي پڻ نئين سر سوچ ويچار ڪرڻ جي گھرج آهي. مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جي 65ع سالن جي تاريخ ثابت ڪيو آهي سنڌ کي ٽن قوتن هميشه نقصان پهچايو آهي. جنهن ۾ پنجاب، پناهگير جنهن جي نمائندگي هن وقت ايم ڪيو ايم ڪري رهي آهي ۽ جاگيردار اچي وڃن ٿا. سائين جي ايم سيد پڻ پنجاب پناهگير مستقل مفادن جي ٽرمنالاجي استعمال ڪئي آهي. اسان مان ڪافي دوست سنڌ جي موجوده حالتن جو ذميوار فقط پنجاب کي سمجهن ٿا پر ان جي اتحادي پناهگير ۽ جاگيردارن جي سنڌ دشمنين کي وساري ويهن ٿا. هن وقت سنڌ جنهن سياسي مزاحمت جي مزاج سان اڳتي وڌي رهي آهي ان لاءِ مان ذاتي طور تي پراميد هوندي ان حق ۾ آهيان ته اسان هن رياست کي سندن اتحادين سميت پرامن سياسي جدوجهد ذريعي شڪست ڏيئي سگهون ٿا. عالمي ضمير کي پڻ پنهنجي معاشي قتل توڙي ثقافتي تباهيءَ تي جاڳائي سگهون ٿا. جنهن جدوجهد لاءِ سائين جي ايم سيد عدم تشدد جي ڳالهه ڪئي هئي.
پر اسان کي اهو نه وسارڻ گھرجي ته وطن جي بقاءُ ۽ ايندڙ نسل جي عزت آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ سياسي جدوجهد جي سمورن طور طريقن کان معروضي حالتن تحت استعمال ڪرڻ ۾ ڪڏهن به انڪار نه ڪرڻ گھرجي. اسان کي سمجهڻ گھرجي ته اسان جون زندگيون اسان جي قومي مفادن کان اهم ناهن. اسان جا خواب رڳو اسان جي اڄ سان جڙيل ناهن پر اهي خواب 5 ڪروڙ انسانن جي بهتر مستقبل سان واڳيل آهن. ان لاءِ اچو ته سنڌ جي آجپي جي درست واٽ وٺڻ لاءِ سنڌ ۾ نئين بحث جي شروعات ڪريون. جنهن بحث جو مقصد سنڌ کي هر قسم جي غلاميءَ مان ڪڍڻ جي رستي جي تلاش هجڻ گھرجي نه ئي پٽڪن کي ڌوڙ ڪرڻ جي رسم دهرائڻ جي روش هجي
ڊاڪٽر قادربخش Drqadir Bux فيسبڪ جي ٿورن سان