انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ دوست گهڻو ڪري فائر فوڪس استعمال ڪندا آهن حالانڪه ان کان بهتر ٻيا به آهن۔ ڪجه ڏينهن اڳ مون ميڪس ٿون برائوزر شيئر ڪيو هو پر دوستن استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي ان کي ريجيڪٽ ڪري ڇڏيو ، اڄ وري هڪ ٻيو برائوزر شيئر ڪريان ڪريان ٿو انشاالله دوستن کي پسند ايندو ، ڪميٽ برڊ نالي سان هي برائوزر ڏسڻ ۾ ته فائر فوڪس جهڙو ئي آهي پر فائر فوڪس کان ٻيڻو تيز آهي ۔ هيٺين لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪرڻ فرمائيندا۔ http://download.cometbird.com/download-all/CometBird-3.6.16.win32.en-US.20110325162526.installer.exe
جواب: دنيا جو تيز ترين برائوزر ادا عبد العزيز سمون صاحب اسان ته ڪروم سان خوش آهيون، جنهن دوست کي نوان تجربا ڪرڻا هجن ته انهن لاءِ سٺو برائوزر ٿي سگهي ٿو
جواب: دنيا جو تيز ترين برائوزر پر اڄ سائين رشيد سمون صاحب جن جي ايڊوائيز سان فائرفوڪس استعمال ڪيو سي ته هاڻ فائرفوڪس جا به ديوانا ٿي ويا آهيون، ڪم جو ڪري ٿو!!
جواب: دنيا جو تيز ترين برائوزر يار عبدالعزيز، اسين سنڌي ماڻهون وفادار، انڪري جيڪي پراڻيون شيون آهن انهن سان دل لڳيو وڃي، جيئن جيڪا شادي ڪئي سون الائي ڪيترن سالن کانپوءِ به ساڳي آهي ۔۔۔ خئير ڀوڳن کان علاوه ۔۔۔ اوهانجا ونڊ تمام سٺا هوندا آهن ۽ ڪمپيوٽڙ استعمال ڪندڙن لاءِ تحفا ۔۔۔ ڊائونلوڊ ڪري ڏسونٿا ۔۔۔ ۽ نتيجي جي خبر ته تڏهن پوندي جڏهن ڀلي گهوڙي جي سواري ڪبي ۔۔۔ جڙيا هجو
جواب: دنيا جو تيز ترين برائوزر سائين اوهان جو ڇا مطلب؟ پراڻي شادي جي نيڪي به ڪيو ٿا وري گهوڙِي به مٽايو ٿا!!
جواب: دنيا جو تيز ترين برائوزر اصل ۾ ڳالهه صرف ويب برائوز ڪرڻ جي هجي ته اسپيڊي برائوزر استعمال ڪرڻ ۾ ڪو هرج ناهي ۔۔۔ پر اهڙن برائوزرس ۾ پلگ انس جي سپورٽ ۽ سڪيورٽي نه هئڻ جي برابر هوندي آهي۔۔۔ جنهن ڪري مختلف جاين تي استعمال ڪندڙ پاسورڊن جي هٿ مان نڪرڻ جو ڊپ رهي ٿو۔۔۔ ان ڪري ماڻهون هميشه اعتماد واري برائوزر طرف وڌيڪ نظر رکن ٿا۔۔۔ هتي دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته هلڪا ڦلڪا تجربا ڪندي احساس ٿيو ته پنهنجو برائوزر ٺاهڻ به ايترو ڏکيو ناهي۔۔ ان ڪري سنڌ سلامت طرفان هڪ سنڌي ويب برائوزر بنائڻ جو پروجيڪٽ به لسٽ ۾ شامل آهي۔۔ بس وقت ملڻ جي دير آهي۔۔۔
جواب: دنيا جو تيز ترين برائوزر سائين پو دنيا ۾ تهلڪو مچي ويندو، الله ڪري وقت ملي ۽ اهو پروجيڪٽ جلد دنيا آڏو منظر عام تي اچي وڃي۔ آمين۔۔
جواب: دنيا جو تيز ترين برائوزر واه ڙي ادا رشيد تنهنجا ڀاڳ۔مون کي ته تمام خوشي ٿي سنڌي ويب برائوزر جي۔مهرباني سائين