• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دعاء جي قبوليت جو وقت آهي!!

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن

هڪ شادي شد همراھ هڪ ڏينهن رمضان شريف ۾ افطاري جي وقت دستر خاني تي ويٺو هو، اذان جو انتظار هوس، ۽ ان جي گهر واري افطاري تيار ڪري رهي هئي.
ايتري ۾ مڙس ٻئي هٿ مٿي کڻي پنهنجي دوست خالد لاءِ دعاء ڪرڻ لڳو:
الله سائين منهنجي پياري دوست خالد جي جلد شادي آسان ڪر، هن کي هڪ نيڪ صالح گهر واري نصيب فرماءِ ۽ خوشحال زندگي نصيب فرمائيس....
ايتري ۾ هِن جي گهر واري اچي کيس وڏي زور سان لَتَ (ڪِڪِ) هنئي!!
چيئينس: خير ته آهي! مونکي ايڏي زور سان ڇو لَتَ هنيَئي؟!
مان ته پنهنجي دوست خالد لاءِ شادي جي دعاء ڪري رهيو هوس!
گهر واري چيس: مونکي خبر آهي!!
پڇيئينس: پوءِ تون مونکي ڇو لَتَ هنئين؟
گهر واري: ان لاءِ هر دعاء گهر، پر شادي جي نه!!!
وَرُ:اهو ڇو ڀلا؟!

وني: ڇو ته فرشتا اهڙي ساڳي دعاء تو لاءِ به ڪندا... ۽ هي ته ٽائيم به دعاء جي قبوليت جو آهي!!!
 
Back
Top