• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين هي مسئلو مهرباني ڪري حل ڪريو

محمد رمضان منڌرو

سينيئر رڪن
سائين اسلام عليڪم
جيئن ته مون کي مائيڪرو سافٽ آفيس 2007 انسٽال ڪڙني آهي سو انشٽال جي دوران هي ايرر پيو اچي
ٻه سي ڊيون آهن ٻنهي۾ اهو ايرر پيو اچي
،MICROSOFT OFFICE ENTERPRISE 2007 ENCOUNTERED AN ERROR DURIG SETUP

وڌيڪ تفصيل لا تصوير
6oneiu.jpg

مهرباني ڪري اهو مسئلو حل ڪندا ڇو ته اڄ آچر آهي انهي ڪري ڪجهه نوٽس ٺاهڻا آهن
لک لائق + مهربانيون
 
جواب: سائين هي مسئلو مهرباني ڪري حل ڪريو

اڪثر گهوسٽ ونڊوز جي انسٽاليشن دوران ڪافي فائيلز ونڊوز فولڊر ۾ ڪاپي ٿيڻ کان رهجي وينديون آهن۔۔۔ يا وري بار بار فليش ڊرائيو کي ڪمپيوٽر سان لڳائڻ ڪري ۽ وري ان کي سيفلي ريموو بجاءِ پلگ آئوٽ ڪرڻ ڪري ونڊوز جون ڪافي فائيلز ڊيميج ٿينديون آهن۔۔۔ جيڪي ونڊوز کي ڪرپٽ ڪرڻ جي عمل ڏانهن ڌڪينديون رهنديون آهن۔۔۔

خير توهان هتي ڪلڪ ڪري هڪ زپڊ فائل ڊائونلوڊ ڪريو ۽ ايڪسٽريڪٽ ڪري ان مان fp4autl.dll نالي فائيل ڪاپي ڪري هيٺين لوڪيشن تي پهچي پيسٽ ڪريو۔۔۔

c:\program files\common files\microsoft shared\web server extensions\40\bin

ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔ ۽ هڪ دفعو ٻيهر آفيس انسٽال ڪريو۔۔۔ اميد ته هن دفعي توهان اڳيان اهو ايرر نه ايندو۔۔۔

Office+7+problem.bmp
 
جواب: سائين هي مسئلو مهرباني ڪري حل ڪريو

اڪثر گهوسٽ ونڊوز جي انسٽاليشن دوران ڪافي فائيلز ونڊوز فولڊر ۾ ڪاپي ٿيڻ کان رهجي وينديون آهن

منهنجو به اهو خيال آهي ته گهوسٽ ونڊوز سيف ناهن پر سنگت ۾ ڪافي اهرا مانهو آهن جيڪي نه ٿا مڃن ته ايئن ناهي۔ گهوسٽ ونڊوز سيف آهي۔ اوهان وت انهي جي گلا ۾ ڪي اٿينٽتڪ دليل آهن ته مهرباني ڪري اهي هتي پيش ڪريو!
 
جواب: سائين هي مسئلو مهرباني ڪري حل ڪريو

سائين هن لنڪ ڊائونلوڊ جو ڪو آپشن آهي ئي ڪونه
نه ئي فائل آٽو ڊائونلوڊ ٿي ٿئي

ادا اوهان سائين رشيد صاحب جن جي ڏنل لنڪ مٿان رائيٽ ڪلڪ ڪري سيو لنڪ ايز تي ڪلڪ ڪريو، مون وٽ زپ فائل ڊائونلوڊ ٿي پئي۔
 
جواب: سائين هي مسئلو مهرباني ڪري حل ڪريو

اصل ۾ لنڪ سولو ڪرڻ جي چڪر ۾ شايد ڏکيو ٿي ويو۔۔ خير هن دفعي لنڪ کي ڊائريڪٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ بجاءِ لنڪ جي ڊائونلوڊ پني جو لنڪ ڏئي درست ڪيو ويو آهي۔۔۔ توهان ان پني تي پهچي مطلوبا فائيل ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔
 
جواب: سائين هي مسئلو مهرباني ڪري حل ڪريو

ادا اوهان سائين رشيد صاحب جن جي ڏنل لنڪ مٿان رائيٽ ڪلڪ ڪري سيو لنڪ ايز تي ڪلڪ ڪريو،
 
جواب: سائين هي مسئلو مهرباني ڪري حل ڪريو

ادا رشيد سمون تمام بهترين ڳالھ ٻڌائي آهي۔ ان مان اسان کي به ڪافي ڪجھ سکڻ لائي مليو آهي۔
 
Back
Top