عبدالغني لوهار
سينيئر رڪن
اسان جي هڪ محترم دوست ذوالفقار واهوچوصاحب بار بارهي التجا پئي ڪئي آهي جيڪا اوهان اڳيان پيش آهي.
سنڌي جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ 157 سال قديم سنڌي ميڊيم اسڪول نارائڻ جگن ناٿ وديا ”اين جي وي “ جيڪو حڪومتي لاپرواهي ۽ عدم دلچسپي سبب ختم ٿي ويو هيو ، جنهن ۾ شاگرد استادن جي انگ کان ٻيڻ تي گھٽ هيا ، هن چونڊيل حڪومت اچڻ کان پوءِ مون سنيئر وزير پير مظهرالحق کي درخواست ڪئي جنهن اسڪول جي مرمت ڪرائي ۽ هڪ هاءِ ايڪس وين فراهم ڪئي مون فوري طور تي ان ۾ 150 سو ٻارڙا داخ...ل ڪرايا ۽ وري سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ کي درخواست ڪري هڪ بس لاءِ 45 لک رپيا گرانٽ ورتي ان رقم مان هڪ بس خريد ڪئي جيڪا ابراهيم حيدري مان غريب 150 بارڙن کي اسڪول کڻي اچي ٿي هاڻ پرائمري ۾ 350 ، هائير سڪنڊري ۾ 400۽ گرلز هائير سيڪنڊري ۾ 150 نياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿيون ، مون گذريل ٽن سالن کان هن اسڪول لاءِ چندو ڪري اها بس ۽ وين هلائي رهيو آهيان ، هن وقت مون وٽ فنڊ ۾ هڪ رپيو به ناهي ، هرمهيني 85 هزار رپيا گاڏين جي تيل ۽ميٽيننس تي خرچ اچي ٿو ، مان اوهان سنڌ واسين کي مسلسل اپيلون ڪري رهيو آهيان ته اسان چارڪروڙ ماڻهون ڪراچي ۾ هڪ سنڌي ميڊيم اسڪول نٿا هلائي سگھون ، اسان پنهنجن ادارن کان ايترو لاتعلق ڇو آهيون ، اسان ڇو پنهنجن ادارن کي پنهنجو نٿا سمجھون ، اوهان مان ڪير به اهڙو ناهي جيڪو اچي چوي ته ادا اوهان پنهنجا مسئلا ٻڌايو اسان اهي حل ڪريون ٿا ، سڄي دنيا ۾ سماج سرڪاري اسڪولن ۽ اسپتالن کي مدد ڪن ٿا ، اسان کي ڇا ٿي ويو آهي اسان ڇو ائين ٿي پيا آهيون ، اسان جيڪڏهن پنهنجن ادارن جي مالڪي نه ڪنداسين ته ٻيا ڇو اچي اسان جي ادارن جي مدد ڪندا، مان اوهان سمورن فيس بڪ استعمال ڪندڙ سنڌين کي هٿ ٻڌي درخواست ٿو ڪريان ته خدا را ٿورو ننڊ مان اٿو ، اها سستي ، ڪاهلي ۽ لاپرواهي ڇڏيو، اوهان ڌرتي جا وارث آهيو ، اسان ۽ اوهان جي لاپرواهي اسان کي ڪٿي پنهنجي ڌرتي تي ايترو ڪمزور نه ڪري ڇڏي جو اسان ريڊ انڊين بڻجي وڃون ، چار ڪروڙ سنڌي جيڪڏهن رپيو رپيو به پنهنجي ادارن جي مدد ۾ ڏيو ن ته اسان اهڙي تباهي ۽ بربادي کي منهن نه ڏيون ، مان وري به اوهان دوستن کي اپيل ٿو ڪريان ته اين جي وي اسڪول جي مدد ڪريو ته جيئن اسان ان کي پنهنجو جوڀن موٽائي ڏيون ۽ ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي جو اسڪول بچائي پنهنجي ٻولي سان محبت جو اظهار ڪريون، اسان سڀ سنڌ سنڌ ته ڪريون ٿا پر سنڌين ۽ سنڌي ٻولي سان محبت نٿا ڪريون ، اهو رويو ختم ڪريو .