• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٻولي قومي ٻولي ۔ غزل . مجيب سنڌي

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
غزل . مجيب سنڌي

تنـهنـجي ٻـولـي منهنجي ٻـولي
سنــڌي ٻـولـي قـومـي ٻـولـي

بـيـدل ڀـٽـائـي ايـاز بـخـاري
واري سهڻـي سهنـجـي سولـي

ڌ ا ر ي ٻــولــي تـيــري مـيـري
آهــي ڪـيـڏي يـر بـي ڊولـي

سـنــڌو ديــش مـقـدر آهـي
جيـجـل جـي آ مـلـيـل لـولـي

سـڀ کـان وڌ آ مجيب مٺڙي
سنـڌي ٻـولـي چـاهت ڇـولـي
 
جواب: سنڌي ٻولي قومي ٻولي ۔ غزل . مجيب سنڌي

ادا مجيب لک شاباسون اوهان دوستن کي جو پنهنجي علم، فهم ۽ ڏاهپ سان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وفا ۾ پنهنجي ڏات استعمال ڪري اسان جهڙن جي ضمير کي جهنجهوڙيا پيا ۔۔۔

تمام سهڻو پيغام، آسان ۽ سهڻن لفظن ۾

تنهنجي ٻولي، منهنجي ٻولي
سنڌي ٻولي، سنڌي ٻولي

لک قرب
 
جواب: سنڌي ٻولي قومي ٻولي ۔ غزل . مجيب سنڌي

تنـهنـجي ٻـولـي منهنجي ٻـولي
سنــڌي ٻـولـي قـومـي ٻـولـي

بـيـدل ڀـٽـائـي ايـاز بـخـاري
واري سهڻـي سهنـجـي سولـي


مجيب سائين تمام سهڻي شاعري

اسان سڀني جي به ساڳي ئي ٻولي آهي، جنهن ۾ امڙ لولي ڏني آهي۔۔۔۔

اهائي ٻولي آهي جنهن ۾ ٻاتا ٻول ڳالهائي وڏا ٿيا آهيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اها ٻولي ڪا وسرڻ جي آهي ڇا ؟؟؟ اها ٻولي اسان جي قومي ٻولي آهي ۔۔۔ پوء ڪو ان کي مڃي ٿو يا نه ۔۔۔۔ پر سنڌي ٻولي قومي ٻولي۔
 
Back
Top