لاکيڻي لطيف جي سُر رامڪلي جي مُک وارتا واري ڌرتي هنگلاج ، جنهن کي دنيا ڀر جا هندو ڀائر ۽ ڀيڻون هنگلاج ماتا جي ياترا ٻي صورت ۾ هن ياترا کي اُتم تيرٿ ياترا ڪري ڪوٺيندا آهن جي سفر جو اکين ڏٺو احوال تصويرن ساڻ رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمدناز [JUSTIFY]سنڌ سلامت جا دوستو ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم، جيئي سنڌ نمستي گُذريل اڱاري تاريخ 21 فيبروري 2012 تي پنهنجي ڀاءُ نوراحمد سمون سان گڏجي بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا آيس، دوستو جيئن ته ضلع لسٻيلو تاريخي لحاظ سان دنيا جي انيڪ قصن ۽ حقيقتن سان ڀريو پيو آهي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جا پنج سُر ، سسئي، سسئي آبري، ڪوهياري، حُسيني معذوري (هنن جملي سُرن ۾ سانئڻ سسئي جي جدوجهد جي داستان ضلع لسٻيلي بلوچستان جي ماڳن مڪانن، بر ن پٽن ، ڳوٺن، شهرن ، جبلن ، ندي نالن جا داستان لاکيڻي لطيف رقمطراز ڪيا آهن) يمن ڪلياڻ (هن سُر ۾ موکي ۽ متارن جو ذڪر آهي اهي موکي ۽ متارا به ضلعي لسٻيلي جي حب تعلقي ۾ دفن ٿيل آهن، سُر پرڀاتِي ۾ به سپڙ بادشاهه جو ذڪر ٿيل آهي ۽ سپڙ بادشاهه ڪنهن دور ۾ لسٻيلا رياست جو سخي مرد حاڪم ٿي گُذريو آهي آخر ۾ رامڪلي هي سُر ، ساري جو سارو ضلع لسٻيلا بلوچستان جي علائقي لياري جي هنگول جي ماڳن مڪانن سان تعلق رکي ٿو .جڏهن هتي پهتس ته دل چاهيو ته لطيف سائين جن جن هستين ۽ ماڳ مڪانن جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي انهن هستين ۽ ماڳ مڪانن جو سير يا ياترا ڪري ڪي مشاهدا ماڻيان، سو گُذريل هفتي کان ڪافي سارن ماڳ مڪانن جو سير ڪري چُڪو آهيان ان سلسلي ۾ ڪالهه بروز ڇنڇر تاريخ 25 فيبروري 2012 تي لاکيڻي لطيف جي سُر رامڪليءَ جي مُک ڪردار هنگلاج ماتا جي آستاني جي ياترا ڪرڻ محبت جو پيار جو ڪو نئون آستان جوڙڻ لاءِ صُٻح جو ڏهين وڳي پنهنجي ڀاءُ نوراحمد سمون جي تعاون سان ڊپٽي ڪمشنر هائوس اُٿل شهر کان آر سي ڊي روڊ ڪراچي طرف ٽوڊي ٽيوٽا ڪرولا ڪار ذريعي ڊرائيور ۽ هڪ گن مين ساڻ کڻي روانو ٿي ويس، ڀاءُ نوراحمد سمون سدائين منهنجي انهي مشاهدي ماڻڻ واري ياترائن ۾ منهنجي مدد ڪندو آهي ڪڏهن مالي ، ڪڏهن سفر جي لاءِ ڪنوينس، ڪڏهن سيفٽي ۽ سيڪورٽي جي مدد جيئن ته اٿل شهر کان ڪراچي طرف زيرو پوائنٽ تائين جو مفاصلو صر ف 16 ڪلو ميٽر آهي ، سو زيرو پوائنٽ کان ڪوسٽل هاءِ وي ذريعي اولهه طرف گوادر جو مفاصلو تقريبن 530 ڪلو ميٽر آهي رستي ۾ لياري شهر ، سنڌ جي عظيم عشقيه داستان سسئي پنهون جي نان سان جُڙندڙ لاکيڻي لطيف جي شاعري جي حوالي سان هاڙو برپٽ (ميدان) ۽ ڦور ندي به اچي ٿي، ان کان پوءِ اگهور ندي، ان کان پوءِ دنيا جي سمورن هندو ڀائرن ۽ ڀينرن جي عقيدي موجب وڏي ۾ وڏي تيرٿ ياترا وارو آستان هنگلاج ماتا واري ياترا آهي جنهن کي اُتم (سڀ کان اعلا ) تيرٿ ياترا چيو ويندو آهي۔ منهنجي هن سفر جو قصد به هنگلاج ماتا جي سرزمين تي پهچي لاکيڻي لطيف جي مشاهداتي سفر کي اکين سان ڏسي سُر رامڪلي جي حوالي سان هنگلاج واري ماتا جي ياترا ڪرڻ هو، ڪنهن وقت ۾ هنگلاج جي سفر کي دنيا جو ڏکئي ۾ ڏکيو سفر ڪوٺيو ويندو هو، انڊيا جا هندو ياتري سنڌ جا بزرگ درويش، سنڌ جا هندو ڀائر ۽ ڀينرون ۽ دنيا جا سياح وڏا ڪشالا ڪٽي سمنڊ ، جبل برپٽ جهاڳي هنگلاج ماتا جي ياترا ڪرڻ ايندا هُئا ۽ هن سرزمين جي اسرار ۽ رموزکان واقف ٿيندا هُئا، هندو ڀائر ۽ ڀينرون ته پنهنجي مذهب مطابق اتم تيرٿ ڪري پنهنجو وڏي ۾ وڏو مذهبي فريضو ادا ڪندا هُئا پر مسلمان بزرگ به هن هنگلاج ماتا جي سرزمين تي پهچي چلا ڪشي ڪري الله سائين جي قدرت جا سوين رنگ پنهنجي مشاهدن ۾ پسندا هُئا، ان سلسلي ۾ مونکي سنڌ جي گهوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا سامين سان گڏ ڪيل پنڌ هن اهم ترين هنگلاج واڌي جي اسرار کي اڃا به نکاري نروار ڪندي نظر اچن ٿا۔ سنڌ ۾ اهي ڳالهيون هر سُگهڙ کان ننڍي هوندي کان ٻُڌندو اچان ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جڏهن سامين سان گڏجي هنگلاج سفر لا اسُهڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته ڪنهن لطيف سائين جي انهي سفر تي طعنو هڻندي چيو ته :[/JUSTIFY] ڪوڙا سامي ڪوڙا سندن پنڌ، هوت ملي هر هنڌ هُو نه ملي هنگلاج ۾۔۔۔۔! لاکيڻي لطيف اهو بيت بُڌي ائين چيو ته : سچا سامِي سچا سندن پنڌ، هوت ملي هر هنڌ، هنن ڏٺو هنگلاج ۾۔۔۔۔۔! [JUSTIFY]۽ ائين پنهنجو مشاهداتي سفر (ياترا) جاري رکيو، سو مان به لاکيڻي لطيف جي انهي سفر جي اهميت کي مان ڌيندي پنهنجي دل ۾ هنگلاج ماتا جي ڏيهه کي ڌسڻ جي اُڪير ڀري هنگلاج ماتا جي ياترا ڪرڻ وڃي رهيو هُئس، رستي ۾ ڪوسٽل ها وي لياري ليويزچوڪي جي انچارج محترم عبدالجليل سومرو بحيثيت رستي جو سُونهون ، (گائيڊ) طور اسان جي گاڏي ۾ اسان سان گڏ ويٺو، دوستن کي سُڌ هُجي ته ليويز جا ٿاڻا ۽ ليويز جون چوڪيون لسٻيلا ضلع ۾ ڀا نوراحمد سمون جيڪو هن ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر آهي جي ماتحتي ۾ اچن ٿا، سو ڀا نوراحمد سمون شايد جنهن گاڏي ۾ مان هي ياترا ڪرڻ وڃي رهيو هُئس ان گاڏي جي ڊرائيور کي چيو هو ته رستي جي سونهين طور لياري چوڪي ليويز جي انچارج عبدالجليل سومرو کي به کنيو وڃي ته جيئن انهي سموري رستي جي ڄاڻ آساني سان مونکي ملي سگهي۔ عبدالجليل سومرو پاڻ سان گڏ چار پنج منرل واٽر پاڻي جو بوتلون ، ڪجهه فروٽ به رکيو گاڏي ۾، جليل سومري سان خوش خير عافيت ٿي ۽ هن ٻُڌايو ته لياري چوڪي ليويز جي حد سندس چوڪي کان وٺي بُوزي ٽاپ(ضلع اورماره بلوچستان جي شروعاتي حد تائين آهي) ان ڪري هنگلاج ماتا جو مندر به سندس لياري ڪوسٽل ها وي ليويز چيڪ پوسٽ جي حد ۾ اچي ٿو۔ مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي ته بلڪل صحيح معنا ۾ گائڊ جو بندوبست منهنجي ڀا نوراحمد سمون منهنجي هن ياترا لا ڪيو آهي۔ رستي ۾ هڪڙو تمام وڏو بيابان ڏسڻ ۾ آيو بيابان اهڙو هو جو کٽڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي سوجيئن ته مان ڊرائيور جي پاسي واري فرنٽ سيٽ تي ويٺل هُئس ڪنڌ ڦيرائي ليويزي چوڪي جي انچارج جميل سومري کان معلوم ڪيم جيڪو اسان جي ڪاري جي پوئين سيٽ تي گن مين سان گڏ ويٺو هو ته هي ڪهڙو علائقو آهي چارئي طرف رڳو سُڃ ئي سُڃ آهي ؟ جميل سومرو مُرڪي پيو چوڻ لڳو ته سائين اهو ظالم بيابان ، برپٽ ”هاڙو“ آهي جڏهن سانئڻ سسئي پنهنجي پُنهون کي ڳولهيندي ڳولهيندي هتي پُهتي هُئي ۽ ماڻهن غلط بياني ڪري انهي برپٽ جو ڏس پتو ڏنو هو ته تنهنجي پنهون جا پار پتا اتي ملندا سو جڏهن سسئي اتي پهتي ته انهي علائقي ۾ وڃائجي ويئي يڪو ٽي ڏينهن ٽي راتيون رُلندي رهي ان کانپو سسئي انهي ميدان جي رهواسين کي بددعا ڏني ته هن هاڙي جا ماڻهو ۽ اهو هاڙو ميدان پاڻي جي هڪ هڪ بُوند لا ترسندو سدائين انهي هنڌ دُوڙ پئي اُڏامندي انهي ڏينهن کان وٺي اڃان تائين هن علائقي جا ماڻهو جڏهن ن برپٽ ۾ گهڙندا آهن ته هن عجيب غريب بيابان ۾ وڃائجي ويندا آهن هتي هڪڙي بوندپاڻي لا ترسندا آهن هن هاڙهي ميدان ۾ چارئي طرف رڳو سُڃ ئي سُڃ واڪا ڪندي آهي لاکيڻو لطيف انهي هاڙهي بيابان جو ذڪر پنهنجي بيتن ۾ هن ريت ڪيو آهي[/JUSTIFY] ويہُ مَ مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، هاڙهي هڏِ مَ هلُ؛ ڪُوڙِي ڪَجِ مَ ڪڏهين، سَچِي ڳالھ مَ سَلُ؛ جانِبَ لءِ مَ جَلُ، سُورَ وِسارِ مَ سَسُئِي سُر سسئي آبري داستان پهريون بيت يارهون پُنهونءَ ڇڏيو پوءِ، جانِبُ جَبَلُ ڳولئين؛ تيلاهين تَنگُون ڪَرئين، جيلانهين تون جوءِ؛ ساڄَنُ سُڃَ نِهارِئين، ڏُکِي! ڏوہُ ڪيوءِ؛ هاڙهي هوتُ نه هوءِ، وري پُڇُ ويٺِيُنِ کي سُر سسئي آبري داستان ٽيون بيت پهريون ڇُلان، مَنجھمِ نه ڇاڪَ، پُران، پَوَنِمِ پُرِڪَڻا؛ مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مَزاڪَ؛ چِتُ سَندو مُون چاڪَ، هاڙهي هڏِ هڻِي ڪيو سُر سسئي آبري داستان چوٿون بيت يارهون [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو اميد ته لاکيڻي لطيف جي مٿيئن بيتن ۾ لفظ هاڙهي جو ذڪر منهنجي ڏنل سمجهاڻي هاڙهي ميدان جي حقيقت مطابق سمجهي ويا هوندا۔ انهي ميدان جي پاسي ۾ مون پنهنجي گاڏي روڪائي انهي ميدان ۾ غير ارادي طور ڊوڙون پاتيون ۽ سانئڻ سسئي جي هوت پنهون لا ڪيل هٿن پيرن گوڏن مونن ڀر ڊوڙون پائڻ واري يادن کي تازو ڪري اکين مان گوڙها وهائي سانئڻ سسئي کي مون محبتن جي ڀيٽا ڏني منهنجي ڪيل انهي عجيب عمل تي ڪار جو ڊرائيور ، چوڪي جو انچارج ۽ مون سان گڏ هلندڙ گن مين حيران ٿي ويا کين ڪهڙي خبر ته اسان پيار جا پانڌيئڙا پنهنجي پرين لا ڪشالا ڪڍڻ وارن جي يادن کي تازو ڪري پنهنجي دل ۾ پريم جا لکين ڏيئا جلائيندا آهيون۔۔۔۔![/JUSTIFY] [JUSTIFY]انهي هاڙي جي ميدان جون ڪجهه تصويرون سنڌ سلامت جي دوستن لا ڪڍيون ۽ پنهنجي يادگيري لا چوڪي جي انچارج محترم جليل سومرو کي چيم انهي هاڙهي جي ميدان جي وچ ۾ منهنجي تصويرون به ڪڍيون وڃن . ان کان پو اسان اچي پنهنجي گاڏي ۾ ويٺاسين جيئن ته اسان جي اڳئين منزل هنگلاچ ماتا جو مندر هُئي سامهون ڏٺم ته ٽي اُٺڻيون(ڏاچيون ) ڪوسٽل ها وي وراري روڊ کي هاڙهي برپٽ واري پاسي کان ڪراس ڪري ٻي پاسي وڃي رهيون هيون سو ڊرائيور کي چيم ته ڪار ٿوري دير بيهاري ڪار ٿوري دير لا ڊرائيور بيهاري ته مان لهي پنهنجي ڪئميرا مان انهن ويندل ڏاچين جون تصويرون ڪڍيون ، وري اچي گاڏي ۾ ويٺس، اڳيان آياسين ته يڪيون ٽي چار وڏيون پليون نظر آيون انهن پلين کي جڏهن ڪراس ڪيو ٿي ته چوڪي انچارج جليل سومرو چيو ته سائين هي ڦور ندي آهي ، هن ندي به سانئڻ سسئي کي ڏُک رسايو هو، اڙي مان حيرت ۾ ڀرجي ويس اهو وري ڪيئن ؟ مون جليل سومري ڏانهن مُنهن ورائي چيو ، چوڻ لڳو ته سائين هي ڦور ندي ان وقت ڦوهه جواني ۽ رواني سان وهندي هُئي سانئڻ سسئي جڏهن هاڙهي جو ڏکيو ميدان ڪراس ڪري هن ندي وٽ پهتي ته ندي ۾ پاڻي پنهنجي تيزي ۽ تک سان وهي رهيو هو، سسئي ويچاري کي پنهنجي پرين سان جلدي ملڻ ۾ هي ندي ۽ ان جو گهرو ۽ تک وارو پاڻي رنڊڪ محسوس ٿيو سو انهي ندي کي پاراتو ڏنائين ته تون منهنجي ۽ منهنجي پرين پنهون جي وچ ۾ رنڊڪ ٿي آهين ان ڪري الله سائين ڪندو ته تنهنجو اهو پاڻي ۽ تنهنجي اها تک چند پل جو مهمان هوندي انهي ڏينهن کان وٺي ڪيترو به جبلن تان پاڻي هن ندي ۾ وهي اچي پر چند منٽن ۾ اهو پاڻي ائين گُذري وهي ويندو آهي جو ڄڻ پاڻي هتان کان وهيو ئي ڪونهي، پاڻي جو هڪڙو ڌٻو به نظر ڪونه ايندو ۽ هي ندي بلڪل سُڪل ٺوٺ ٿي ويندي آهي. ( والله عالم بل صواب) مون انهي ڦور ندي جي تصوير به ڪڍي۔ دوستو ان کان پو اگهور ندي آئي اگهور ندي واري پل ڪراس ڪري اگيان آياسين ته سامهون روڊ جي ساڄي پاسي سائين بورڊ تي هنگلاچ ماتا جي ياترا ڪرڻ وارن کي ڀليڪار جا اردو ۾ خير مقدمي ڪلمات لکيل هُئا، ۽ تير جي نشاني سان اولهه طرف ناني مندر جي سمت جي نشاندهي ٿيل هُئي ۽ لکيل هو ته هنگلاج ماتا جو مندر 15 ڪلو ميٽر پري، ٿوري دير اتي اسان پنهنجي ٽوڊي ٽويوٽا ڪرولا ڪار روڪي ، اتي موجود ڀر پاسي جو تصويرون ڪڍيونسين کاٻي پاسي نظر ڊوڙايم ته اتي هڪڙو ٻيو سانئن بورڊ نظر آيو جنهن تي لکيل هو ته ست سئو ٻارهن عيسوي ۾ آيل قاسم جي پُٽ محمد جي فوجين جون قبرون (جن کي هتي جي بهادر سنڌي سپوت ماڻهن شايد پنهنجي وطن تي هلان ڪري اچڻ جي پاداش ۾ موت جو مزو چکايو هو) مون انهي سانئن بورڊ جي تصوير به ڪڍي۔جيئن ته هنگلاج ماتا جو مندر هاڻي اسان کان صرف 15 ڪلو ميٽر پري هو اسان وري اچي گاڏي ۾ ويٺاسين اسان جي ٽويوٽا اولهه طرف دشوار گُذار جابلو رستي جي وچان ڊوڙندي ويئي ڪافي ڊگها جبل ۽ طويل جابلو سلسلو هو سوچڻ لڳس جڏهن سواري جا جديد موقعا ميسر ڪونه هوندا هُئا ان وقت جي ياترين کي شاباس هُجي جو هو پيرين پنڌ ڪشالا ڪاٽي هي دشوار گذار ڏونگر ڏوري ڏينهن مهينن ۾ اچي هن هنگلاج ماتا جا سلامي ٿيندا هُئا۔[/JUSTIFY] [JUSTIFY]منهنجي خيال ۾ پرين پسڻ جو سارو فلسفو ئي پرين جي سڪ ۾ پنهنجو گهر ٻار ڇڏي ، پنهنجن پراون کي ڇڏي سُک چين ڦٽائي جبل پهاڙ جهاڳي، پنهنجا پير پٿون ڪري متعين ڪيل منزل تي پهچڻ آهي پو مذهبي حُڪمن موجب ڪو سفر جو تڪليفون ، قربانيون ڪري مڪي مديني پهچي دين اسلام جي سڀ کان وڏي فرض حج جي سعادت حاصل ڪري حاجي سڏائي ٿو ۽ ڪو هندو مذهب مطابق هنگلاج ماتا جي نگري ۾ پهچي اتم تيرٿ ياترا ڪري اتم تيرٿ ياتري سڏائي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟[/JUSTIFY] [JUSTIFY]تقريبن 10 ڪلو ميٽر اسان جي گاڏي پنهنجو سفر طئه ڪري چُڪي هُئي چوڪي انچارج جليل سومري چيو ته سائين هاڻي اسان هنگول ندي جي وچ پيٽ مان گُذري هنگلاج ماتا جي جي نگري ۾ پنهنجو پير پائينداسين ، اهو ته شڪر آهي ۽ اسان جي قسمت سُٺي آهي جو هنگول ندي ۾ پاڻي بلڪل ڪونه آهي ڇو ته هن طويل جابلو سلسلي جنهن جو حدون پوري بلوچستان کان وٺي ايران ، افغانستان تائين ڦهليل آهن ڪٿي به برسات پئي ته تمام گهڻي تيزي سان ۽ تک سان پاڻي هن هنگول ندي ۾ وهي ايندو آهي ۽ نتيجي طور تي هنگول ندي جي کاٻي پاسي وارا کاٻي پاسي رهي ويندا آهن ته ساڄي پاسي وارا ساڄي پاسي رهي ويندا آهن ۽ هنگلاج ماتا جو مندر جيئن ته هنگول ندي جو ساڄو پاسو آهي اتان کان کاٻي پاسي وارن ٻي صورت ۾ دنيا وارن سان رابطو ڪٽجي ويندو آهي پو اهو پاڻي ڀلي هنگول ندي مان پنج ڏينهن تيزي ۽ تک سان وهي يا مهينو وهي جليل سومرو مسسلسل پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته هن ندي جي گهرائي جي ڪري هن ۾ وڏا ڪُن به آهن جنهن ۾ واڳون به آهن ، سندس اها ڳالهه جاري هُئي ته سامهون هڪڙي هنگول ندي جي وچ ۾ هڪڙي بورڊ تي نظر پئي ته هي واڳوئن جو ايريا آهي آهي ان ڪري توجه ڏني وڃي ۔ مون پاڻ الله سائين جو شڪر ادا ڪيو ته هنگول ندي ۾ پاڻي بلڪل ڪونه هو ،اسان جي گاڏي آرام سان هنگول ندي جي خالي پيٽ مان گذري رهي هئي۔ سامهون نظر ڊوڙايم تي هڪڙي وڏي مضبوط پُل جي تعمير جو ڪم هنگلاج ماتا جي مندر وڃڻ واري گس کان هنگول ندي مٿان زور شور سان جاري هو، انهي پل جي مُڪمل تعمير کان پو ساري دنيا جي هنگلاچ ماتا جي ياترين لا هنگول ندي جو پاڻي ڪو مسئلو نه رهندو 24 ڪلاڪ هنگلاج ماتا جو ياتري آرام سان هنگلاج ماتا جي مندر جو درشن ڪري سگهندو، دوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر محترم محمد اسلم ڀوتاڻي صاحب ذاتي طور ڪوششون وٺي ساري دنيا جي هنگلاج ماتا جي ياترين سميت سياحن جي سهوليت لا هنگول ندي مٿان هنگلاج ماتا جي مندر وڃڻ واري گسَ تان پُل جي تعمير وارو منصوبو جوڙي تمام گهڻي خرچ سان هن پل کي تعمير ڪرڻ جو حُڪم ڏنو، ۽ پل ٺهرائڻ واري هن عظيم ڪم جو سهرو صرف ۽ صرف بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر محترم محمد اسلم ڀوتاڻي جي سر تي ٿيندو. هن علائقي جي ماڻهن جو خيال آهي ته هنگلاج ماتا جي ميلي واري ڏينهن تائين جيڪو اپريل 2012ع ۾ ٿيندو تائين هن پُل جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿي ويندو۔ هن پُل جي تعمير ٿيڻ کانپو هنگلاج ماتا جا ياتري ڪراچي شهر کان پنهنجي گاڏين ذريعي ٽن يا چئن ڪلاڪن ۾ هنگلاج مندر جو درشن ڪري سگهندا، آر سي ڊي روڊ ۽ ڪوسٽل ها وي تمام بهترين ۽ مضبوط سموري بلوچستان کي پوري دنيا سان جوڙڻ جا زميني اچ وڃ جا سلسلا آهن سي جنرل مشرف جي دور ۾ جُڙي راس ٿيا انهي روڊ ۽ ها وي ذريعي هنگلاج ماتا جي ياترا جو ڏکيو ۽ اڻانگو سفر هاڻي تمام سُهل آسان ۽ سڪون وارو ٿي ويو آهي وڏي ڳالهه ته پوري بلوچستان ۾ ضلع لسٻيلو بهترين ۽ مربوط صلاحيتي انتظامن جي ڪري تمام پرسڪون ضلعو آهي پر امن آهي، ڦرون ، ڌاڙا، نه هُئڻ برابر آهن ۔ اهي سڀ بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر محترم محمد اسلم ڀوتاڻي صاحب جي هتي جي عام خاص ماڻهن سان ڀرپور رابطي جي ڪري ممڪن ۽ هتي جي عوام جي بي لوث خدمتن سبب ٿي سگهيو آهي ۔[/JUSTIFY] [JUSTIFY] اسان جي گاڏي هنگول ندي مان هلندي هنگلاج ماتا جي مندر واري پاسي طرف پهتي جڏهن ندي ڪراس ٿي ته مون پاسي ۾ ويٺل ڊرائيور جمالي کان پڇيو ته هنگلاج مندر پهچي وياسين ته چوڻ لڳو سائين اڃان پنج ڇهه ڪلو ميٽر جابلو رستو آهي ان کانپو پنهنجي منزل اچي ويندي، سامهون بورڊ تي نظر پئي جنهن ۾ لکيل هو شري گڻيش جو مندر۔ ايتري م چوڪي جي انچارج جليل سومرو چيو ته سائين هتي جيڪي به هندو ياتري ايندا آهن اهي چوندا آهن ته هنگلاج ماتا جو اهو سنديس آهي ته منهنجي مندر جي درشن ڪرڻ کان پهرين شري گڻيش جي هن آستاني جي سلامي ڏيئي پو کيس وٽ اچو جيڪڏهن انهن گڻيش ديوتا جي هن آستاني جي سلامي نه ڏني ته سندن تيرٿ ياترا مڪمل ڪانه ٿيندي، مون پنهنجي ڪار ڊرائيور کي ڪار روڪڻ جو چيو ۽ گڻيش ديوتا جي آستاني جون تصويرون ڪڍڻ ۽ ياترا لا هن آستاني ۾ وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ڪار جي ڊرائيور هن آستاني جي دروازي جي سائڊ کان ڪار بيهاري گن مين وڌي اچي ڪار جو دروازو کوليو مان ڪار مان لٿس ته منهنجي پويان پويان چوڪي انچارج جليل سومرو ۽ ڊرائيور جمالي اچي بيٺا مان گڻيش ديوتا جي هن مندر جي دروزي کان هن آستاني ۾ داخل ٿي ويس، منهنجي هٿ ۾ سنڌ سلامت جي ڪئميرا هُئا ۽ اتي جون تصويرون ڪڍڻ ۾ لڳي ويس سامهون ڪمري نما هڪڙو مندر ٻيو هو جنهن ۾ گڻيش ديوتا جي مورتي رکيل هُئي ان جو دروازو بند نظر آيو پر ان ۾ ڪو ڪُلف يا تالو لڳل ڪونه هو سو چوڪي انچارج جليل سومري کي چيم ته هن مندر جو دروازو کوليو وڃي جليل سومري چيو ته سائين ڇا توهان مندر ۾ اندر وڃڻ ٿا چاهيو مون کيس چيو ته ها منهنجو ارادو آهي ته هنگلاج ماتا جي هڪ هڪ ماڳ مڪان جو مشاهدوڪري ان جون تصويرون ساري دنيا سان ونڊ ڪريان جليل سومري فوري گڻيش ديوتا جي مندر جو دروازو کوليو احترام سان اندر داخل ٿي گڻيش ديوتا جي مورتي جون تصويرون ڪڍيم ، ڪو هن مندر جو پوڄاري يا ڀڳت اتي موجود ڪونه هُو جو گڻيش ديوتا جي هن آستاني ۽ مورتي جي باري ۾ تاريخي ۽ مذهبي حوالي سان وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهان ها، ٿوري دير هن آستاني ۾ گذاري ٻاهر نڪري آياسين، چوڪي انچارج جميل سومري کان معلومات ورتم ته لاکيڻي لطيف جي سُر رامڪلي جي مُک ڪردار ناني جو مندر اڃان ڪيترو پري آهي، چوڻ لڳو ته بس هاڻي اسان جلدي هنگلاج ماتا جي مندر جي حدن جو مک دروزو (گيٽ ) ڪراس ڪنداسين پر ناني جي مندر تائين اسان جي ڪار هلي ڪانه سگهندي ان هنڌ تي پهچڻ لا اسان کي پنڌ هلڻو پوندو ڇو ته ڏکيو جابلو رستو آهي، ڪار يا گاڏي وارو رستو ممڪن ڪونهي ، اسان جي ڪار هڪڙي وڏي گيٽ تائين پهتي جنهن ۾ لکيل ها ته اسان هنگلاج ماتا جي ياترين کي ڀليڪار تا چئون ڪار کي بيهاري مون انهي گيٽ جي اردگرد جي ماحول جون تصويرون ڪڍيون انهي دوران ڊرائيور ڪار کي گيٽ اندر ڊرائيو ڪري ڪاهي آيو۔ هاڻي اسين هنگلاج ماتا جي مندر واري حدن جي اندر هُئاسين ڪجهه تصويرون ڪڍي وري اچي ڪار ۾ ويٺاسين ٻه ٽي فرلانگ هلي ڪار کي روڊ جي هڪ پاسي بيهاريوسين ڇو ته اڳيان ڪوبه ڪار واسطي رستو ڪونه هو۔ [/JUSTIFY] [JUSTIFY]ڪار مان لٿاسين ته سامهون هڪ اڌڙوٽ همراهه اچي رهيو هو ڳچي ۾ ڪنٺا ڪافي ساريون مالائون گلي ۾ پيل هُئس اڇي ڏاڙهي مٿي تي ٽوال ويڙهيل گوڏ ٻڌل هُئس سندس رُخ اسان ڏانهن هو اچي اسان کي پرنام ڪري نمستي چيائين مان اڳيان وڌي اچي کيس پنهنجي طرفان ۽ سنڌ واسين طرفان سلام چيو ۔ چوڪي انچارج جليل سومرو کي شايد اهو همراهه سُڃاڻندو هو، کيس چوڻ لڳو سومرا صاحب ڀلي ڪري آيا ماتا جي هن نگري ۾ جليل سومري هن همراهه سان منهنجو تعارف ڪرايو ته هي نثاراحمدناز سمون آهي هي ضلع جي ڊپٽي ڪمشنر نوراحمد سمون جو وڏو ڀا آهي ۽ سنڌ کان هنگلاج ماتا جي ياترا ڪرڻ آيو آهي ، اها ڳالهه ٻُڌي هُن همراهه مونکي ڀاڪرن ۾ ڀري ڀليڪار چئي ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته سندس نالو مهاراج گوپال گري آهي هن هنگلاج ماتا جي مندر جو وڏو(مها) پُوڄاري آهي سندس تعلق سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي سان آهي، مونکي مهاراج گوپال گرِي سان ملي هڪڙي پنهنجائپ وارو اُتساهه وارو احساس ٿيو، مهاراج گوپال گري چيو ته سائين هاڻي توهان اسان جا مهمان آهيو ، ائين ڪچهري ڪندي اڳيان وڌندا وياسين هنگلاج ماتا جي مندر جي تاريخي حيثيت کي لکين سالن جي تاريخ سان ڀيٽيندي مهاراج گوپال گرِي پنهنجي هندو مذهب ۽ ڪٿائن موجب چوڻ لڳو ته پوري دنيا صرف هتي هنگلاج ۾ ئي هنگلاج ماتا جو آستانو آهي هر هنڌ تيرٿ ٿيندا اهن پر هن ماتا جو تيرٿ صرف هتي پاڪستان ۾ ٿيندو آهي ، ٻيا جيڪي به تيرٿ دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ٿيندا آهن اهي عام تيرٿ آهن پر هنگلاج ماتا جي ياترا وارو تيرٿ اُتم( اعلا) تيرٿ چيو ويندو آهي ۔ اسان ڪچهري ڪندا اڳيان وڌندا وياسين ته انهي رستي جي سائيڊ م هڪڙو مندر نظر آيو ان مندر جي چئوڌاري ڪافي سارا جهنڊالڳل نظر اچي رهيا هُئا مون فوري اها صدا لڳائي ته شايد اهو ئي مندر هنگلاج ماتا جو مندر آهي اها ڳالهه ٻُڌي چوڪي انچارج جليل سومري چيو ته سائين اڃان هنگلاج ماتا(ناني جو مندر) پري آهي ايتري ۾ اسان سان گڏ هلندڙ مهاراج گوپال گَرِي چيو ته نه سائين هي مندر ميلڻي ماتا جو آهي انهي ماتا کي يوگڻي ۽ مساڻي ماتا به سڏيو ويندو آهي ۽ پوري دنيا ۾ 64 يوگنيون ماتائون آهن هن ماتا تي اڪثر ڪري نانگ بلائن، وڇون، ۽ ڪنهن به قسم جي زهريلي جانور جي ڏنگ يا چڪ جي زهر کي ختم ڪرڻ لا هندو مذهب ۾ پوڄائون ڪيون وينديون آهن ۽ چلا ڪاٽيا ويندا آهن ۔ مون مهاراج گوپال گَرِي کي گُذارش ڪئي ته مهاراج مان انهي مندر ۾ اندر وڃڻ ٿو چاهيان مهاراج چيو ته بلڪل سائين اچو ته اندر هلون ٿا، يوگني ماتا جي مندر ۾ وياسين ۽ يوگني ماتا جي مندر جي مورتي جون کوڙ ساريون تصويرون ڪجهه مون ۽ ڪجهه چوڪي انچارج جليل سومروڪڍيون۔[/JUSTIFY] [JUSTIFY]يوگني ماتا جي مندر جون تصويرون ڪڍڻ کان پو اسان مندر مان ٻاهر نڪتاسين مهاپوڄاري گوپال وک وک تي سندس ڌرمي ڳالهيون هن هنگلاج جي پهاڙي سلسلن جون ٻُڌائيندو هليو ، اوچتو مون مهاراج گوپال گَرِي کان هڪڙو اهم سوال اهو ڪيو ته هيڏي وڏي توهان جي هنگلاج ماتا جي تيرٿ ياترا آهي لاکيڻي لطيف به سُر رامڪلي ۾ سنياسين ، سامين ، جوڳين ۽ ڪاپڙين جي ڳالهه[/JUSTIFY] وارو! ويراڳِـيُنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ؛ قَدَمُ ڪاپَڙِيُنِ جا، لِيلائي لَهيجِ؛ پِـيرَتَ پَسِيو پَٿَ جي، وَڃَڻَ کي وڃيجِ؛ راتو ڏِينهَن رِڙهيجِ، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري وَٽِنِ ويٺِي آهِيان، ڏِسِيو ڪِينَ ڏِسان؛ جَنهِن جِهوئِي ناهِ ڪِي، سا ڪا سُونهَن سَندِيانِ؛ پَسِيو ڪِينَ پَسانِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري ڪَيَمِ ڪاپَڙِيُنِ جي، پَهرين ڏِينهن پَرُوڙَ؛ سَگھا ساعَتَ نه هڪڙي، چارئي پَهرَ چُورَ؛ سدائين سيَّدُ چئي، هونِ سناسي ۾ سُورَ؛ جوڳي ساڻَ ضَرُورَ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾. [JUSTIFY]جهڙا لازوال ۽ لاجواب بيت مشاهدو ماڻي لکيا آهن آخر ڪهڙو سبب آهي جو مونکي اڄ هن هنگلاج ماتا جي آستاني تي ڪو هڪڙو به جوڳي ، سنياسي، سامي، ۽ ڪاپڙي نظر ڪونه پيو اچي؟ منهنجي انهي اوچتي سوال تي هنگلاج ماتا جو مها پوڄاري ٿوري ديرلا پريشان ٿي ويو پر گهڙي کن کان پو هو شانت ٿي ويو ۽ مونکي هُن اهڙو ته زبردست جواب ڏنو جو انهي سندس جواب جو جواب مون وٽ ڪونه هو مان لاجواب ٿي ويس، خبر اٿَوَ ته مها پوڄاري مونکي ڪهڙو جواب ڏنو ۔۔۔۔۔! مها پوڄاري گوپال گري شانت ۽ سڪون سان جواب ڏيندي چيو ته ڪير ٿو چئي ته هن آستاني تي هنئير ، ڪو سنياسي، ڪو جوڳي، ڪو ڪاپڙي موجود ڪونهي هي هيڏو جو نثارناز سنڌ کان ڪهي آيل سنياسي، جوڳي، سامي، ۽ ڪاپڙي هن آستاني تي آيو آهي فرق صرف اهو آهي ته کيس گهيڙو رتن ڪپڙن جي بدران بلو رنگ جو ڪڙتو، اڇي ڇيٽ جي شلوار پير ۾ گهيتلو بوٽ مٿي تي سنڌي ٽوپي ۽ ڳچي ۾ سنڌي اجرڪ ويڙهيل آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!! دوستو توهان اندازو لڳايو ڪيڏو نه زبردست ۽ لاجواب ڪرڻ وارو جواب هو هنگلاج ماتا جي مهاپوڄاري گوپال گَرِي جو۔[/JUSTIFY] [JUSTIFY]اسان ڳالهيون ڪندي اڳيان وڌندا وياسين سامهون هڪڙو ٻيو مندر نظر آيو سمجهيم ته شايد لاکيڻي لطيف جي سُر رامڪلي جي مُک ڪردار هنگلاج ماتا جو مندر لاشڪ اهو ئي آهي ، مهاراج گوپال گَرِي ۽ چوڪي انچارج منهنجي انهي خيال کي پروڙي ويا ، ٻنهي هڪ ئي وقت ڳالهائيندي چيو ته سائين نثارناز نه نه هي هنگلاج ماتا جو مندر ڪونهي، پر هي ڪالي جو مندر آهي، اڇا ! چلو هن مندر ۾ به هلون ٿا، تصويرون ڪڍي ساري دنيا جي سنڌين سان اها ڳالهه به ونڊيون ٿا ته هن آستاني تي ڪالي ماتا به پنهنجا قدم گهمايا هُئا ، هن ڪالي ماتا جي مندر جي باري ۾ ٻُڌائيندي مهاراج گوپال گَرِي چيو ته هزارين سال پهرين هن علائقي ۾ هنگول نالي راجه حڪومت ڪندو هو سندس قوم ”هنگ“ قوم هُئي ، تمام ظالم راجه هوندو هو، جيڪا به حسين عورت ڏسندو هو ته ان تي هرکي پوندو هو ڪالي ماتا هن آستاني تي حسين اپسرا جي روپ ۾ آئي جڏهن هنگول بادشاهه گندي نيت سان هن جي ويجهو آيو ته ڪالي ماتا پاپين سان ويڙاهند ڪرڻ مهل جيڪو روپ دهشت ۽ ڊپ وارو اختيار ڪندي آهي اهو روپ اختيار ڪيو، هنگول راجه ڪالي ماتا جو اهو دهشت وارو روپ ڏسي ڊپ ۾ هن آستاني کان ڀڄي ويو، مون مهاراج گوپال گَرِي کان انهي حقيقت جي باري ۾ پڇيو ته انهي حقيقت جي ڄاڻ کيس ڪٿان ملي چوڻ لڳو ته کيس اها ڄاڻ نسل در نسل رشي مُنين ، ڌرمي ڪتابن مان ملي آهي۔۔۔۔۔۔۔! مون ڪالي ماتا جي مندر جون تصويرون ڪڍيون ۽ ڪالي ماتا جي سڀ کان خطرناڪ مورتي جي تصوير پڻ ڪڍي، ٿوري دير اتي ويهڻ کان پو اسان ڪالي جي مندر مان باهر نڪتاسين، ڪالي ماتا جي مندر جي ٻاهر واري ماحول جون به کوڙساريون تصويرون ڪڍيم جنهن ۾ هڪڙو عجيب ًغريب آسٿان هو جنهن جي چارئي طرف مختلف رنگن جا جهنڊا لڳل هُئا، ان آستاني جي باري ۾ مهاراج گوپال گَرِي کان پڇندي پڇندي الائي ڇو پُڇي نه سگهيس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟[/JUSTIFY] [JUSTIFY]سامهون ڊٺم ته وڏي جابلو غوفا (وڏي جبل کي هيٺان کان ڪاٽي ڇت جيان بنائڻ کي غوفا چئبو آهي ) نظر آئي انهي غوفا جي هيٺان وڏو سارو ميدان نظر آيو جنهن ۾ هڪ وقت چار پنج سئو ماڻهو ويهي سگهن ٿا انهي ميدان جي ڇيڙي تي هڪڙو وڏو اونچائي تي مندر نظر آيو جنهن ۾ وڃڻ لا ڪافي ساريون سيڙهيون هيون جنهن جي مدد سان ئي انهي مندر ۾ وڃڻ ممڪن ٿي سگهيو ٿي، پڪ ڄاتم ته اهو ئي مندر اهو ئي آستانو هنگلاج ماتا جو آهي جنهن جي حاضري ڀري ساري دنيا جا هندو ياتري تيرٿ ڪري اتم تيرٿ ياتري جو اعزاز ماڻيندا آهن ۔ مهاراج گوپال گَرِي چيو ته سائين اهوئي آستانو اسان جي هنگلاج ماتا جو آهي ، منهنجي هن ياترا جي آخري منزل منهنجي نظرن جي سامهون هُئي، انهي غوفا جي سمورين مورتين جون تصويرون ڪڍندو ويس ۽ هنگول نيشنل پارڪ جي دشوار گُذار جابلو چوٽين جي وچ ۾ غوفا ۾ هي هنگلاج ماتا جو مندر واقعي هڪڙو عجيب سمان ۽ ماحول جوڙي رهيو هو، تصويرون برابر ڪڍندو ويس ، هاڻي مهاراج گوپال گَرِي کي گُذارش ڪندي چيم ته هنگلاج ماتا جي مندر ۾ وڃڻ ٿو چاهيان ، مهاراج چيو ته اَوَ شِ هلبو، پاڻ سيڙهيون مٿي چڙهندو ويو اسان سڀ ،مان ، چوڪي انچارج جليل سومرو ، ڪار ڊرائيور جمالي ۽ گن مين سندس پويان پويان مٿي مندر جون سيڙهيون ڪراس ڪندا هنگلاج ماتاجي مندر ۾ داخل ٿي وياسين۔[/JUSTIFY] [JUSTIFY]هنگلاج ماتا جي مها پوڄاري گوپال گري وڏي آرتي ۽ پوڄا جي صورت ۾ هنگلاج ماتا جي مورتي جي سامهون ٻئي هٿ جوڙي جئه ماتا دي چيو! ۽ اسان کي هنگلاج ماتا جي مندر ۾ مورتي جي سامهون ويهڻ جو چيو، آئون ، چوڪي جو انچارج عبدالجليل سومرو، ڪار جو ڊرائيور منظور جمالي، ۽ گن مين هنگلاج ماتا جي مندر جي اندر ٽائل واري فرش تي ويهي رهيا سين، مهاراج گوپال گِرِي ٿوري دير هنگلاج ماتا جي پوڄا ڪري اتي رکيل اگربتيون ٻاري هڪڙي تمام ننڍڙي ڪاشي واري منجِي کي ريڙهي ان تي ويٺو ، ۽ مون سان همڪلام ٿيندي چيو ته سائين نثار ناز هي اٿئو اسان جي هنگلاج ماتا جو پوتر آستانو، هتي ڪئين پير فقير هن آستاني جو درشن ڪرڻ ايندا آهن سنڌ جو گهوٽ ڀٽائي به هن آستاني تي آيو هو، هڪڙي جڳه ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته سامهون واري جا تي لاکيڻي لطيف هنگلاج ماتا کي کير جو ڪٽورو پياريو هو، هنگلاج ماتا مورتي مان اصلي شڪل ۾ اچي لاکيڻي لطيف جو کير پيتو هو، وري پوڄاري بلڪل ان جي سامهون طرف اشارو ڪندي چيو ته هن طرف سامي پنهنجي تپسيا ۾ هنگلاج ماتا جي مورتي جي پوڄا ڪري رهيا هُئا جڏهن انهن شاهه سائين کي هنگلاج ماتا کي ظاهر ظهور اصلي شڪل ۾ کير پياريندي ڏٺو ته انهن پڪ ڄاتي ته لاکيڻو لطيف وڏو پهتل آهي ! ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته ڇو نه شاهه سائين کي جهلي ان کي ڪُهِي ان کي رڌي پچائي کايون ته جيئن اهي به انتريامي ۽ ڪامل ٿي وڃن، لاکيڻو لطيف جيئن ته الله وارو نيڪ ولي هو سو انهن سامين جي اندر جي ساڙ کي سمجهي ويو ۽ هتان کان هن جبل مان ٽُٻي هنئي ۽ وڃي مڪلي مان نڪتو سامِي شاهه سائين کي ڳولهيندا رهجي ويا۔ مون انهي هنڌ جو کوڙ ساريون تصويرون ڪڍيون لاکيڻي لطيف جنهن هنڌان ٽٻي هنئي اتي هڪڙي ننڍڙي دري هُئي، ڪنهن لاکيڻي لطيف جي عاشق ڀٽائي سائين جي هڪڙي تمام ننڍڙي خيالي تصوير انهي دري جي مٿان به لڳائي ڇڏِي آهي۔ پوڄاري انهي دري واري هنڌ جو تمام محبت سان ديدار ڪرايو۔ اسان دري جو تصويرون ڪڍي وري هنگلاج ماتا جي مندر ۾ آياسين اتي پوڄاري کان هنگلاج ماتا جي تاريخي حيثيت جي باري ۾ پُڇا ڪيم ته پوڄاري گوپال گَرِي چوڻ لڳو ته هنگلاج لفظ جي معنى آهي هنگول راجه جي قوم جيڪا هنگول راجه جي ظلمن کان تنگ هُئي ڇو ته هنگول بادشاهه جيڪو هن پوري علائقي جو ظالم ترين حُڪمران هو اتي ڪنهن به نياڻي سياڻي جي عزت محفوظ ڪانه هُئي، سو هنگلاج ماتا هتي اچي انهي هنگول بادشاهه سان ويڙهاند ڪري انهيءَ قوم کي نجات ڏياري هُئي ۽ هنگول قوم جي لاڄ (لڄ) بچائي هُئي ان ڪري هن عظيم ماتا کي هنگلاج چيو ويندو آهي ۔ مون وڌيڪ سوال ڪري پوڄاري صاحب کان پُڇيو ته انهي حساب سان هنگلاج ماتا هن علائقي جي لاڄ بچائيندڙ آهي هڪڙو پازيٽو ڪردار آهي، پر هي جيڪو علائقو آهي ان کي لياري جو علائقو سڏيو وڃي ٿو ۽ هنگول ندي ، هنگول نيشنل پارڪ جنهن ۾ ناياب جنگلي جيوت جي نسلي افزائش ٿئي ٿي تقريبن سوين هم چورس ميلن جو هي علائقو سموري جو سمورو هنگول جي نالي سان سڏيو ۽ سُڃاتو وڃي ٿو جنهن جو ثبوت حڪومت بلوچستان پاران جا بجا لکيل بورڊ هنگول جي نالي سان آهن ۽ بقول توهان جي هنگول ڪاٽو ڪردار آهي پوءِ به اڃا تائين هر طرف هنگول جا بورڊ ڇو آهن؟ مها پوڄاري ان جو جواب اهو ڏنو ته ڀلي ڇا به هُجي پر اهو هنگول جو علائقو وري به هنگلاج ماتا جي ڪري ڄاتو ۽ سُڃاتو وڃي ٿو۔ ڳالهه کي وڌائيندي هنگلاج ماتا جي پوڄاري چيو ته هنگول بادشاه ظالم هُئڻ جي باوجود پنهنجي ديوين ۽ ديوتائن جي پوڄا ڪندو هو ، انهن جي محبت حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن جا ڏينهن راتين جون راتيون تپسيا ڪندو هو، جڏهن ديوتا ۽ ديوي سندس انهي تپسيا عيوض ان تي راضي به ٿي پوندا هُئا، ان ڪري هُن هڪ ڀيرو هنگلاج ماتا جي تمام گهڻي تپسيا ڪئي ڪافي ڏينهن چلو ڪٽڻ کان پوءِ هنگلاج ماتا پسن ٿي هنگول بادشاهه جي سامهون آئي ، هنگول بادشاهه صرف هڪڙي وينتي ڪئي ته کيس )[/JUSTIFY]
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا سائين لاجواب ياترا، بهترين سياح جي حيثيت سان گائيڊ سان گڏ ايئن لڳي پيو ڄڻ مان پاڻ اتي موجود هجان ۽ ياترا ڪندو هجان، لک لائق، اوهان جا۔ لطيف سرڪار جنهن کي ڳايو آهي انهن تاريخي ماڳن جا ديدار ٿا ڪرايو، ڌڻي اوهان کي سلامت رکي، رپورٽ جي باقي حصو جو انتظار آهي ئي آهي ، پر يقينن اوهان ڪا به رپورٽ تصويرن جي بغير ناهيو ڏيندا انهن جو به انتظار، ٻيو ٻڌايو ته هاڻ اوهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا محترم سائين زبردست ياترا آهي ۔ دلچسپ معلومات پڻ ۔ مهرباني اوهانجي
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا جيسيتائين هن سفر جو اکين ڏٺو احوال لکت ۾ پورو ٿئي تيستائين في الحال هي ڪجهه تصويرون انهي سفر جون توهان سان ونڊ ٿو ڪريان هنگلاچ ماتا جي مندر جي ياترا ڪرڻ واري سفر ۾ مون سان گڏ هلندڙ منهنجا ساٿي سنڌي ٽوپي وارو جمالي ڊرائيور، وچ ۾ ليويز چوڪي جو انچارج عبدالجليل سومرو پاسي ۾ گن مين ۽ پٺيان ٽوڊي ٽويوٽا ڪرولا ڪار جنهن ۾ اسان سفر ڪيو سانئڻ سسئي هن هاڙهي واري برپٽ ۾ رندن منجهه رُلي هُئي ۽ اتي جي ماڻهن کيس پنهون جو غلط ڏس پتو ڏنو هو هن هاڙهي جي بر پٽ ۾ سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز ڊوڙون پائي اکين مان نير وهائي سانئڻ سسئي جي هوت پنهون لا ڊوڙون پائڻ واري ياد کي تاز و پن ڪيو ، هاڙهي جو ظالم ميدان ۽ سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز هاڙهي واري ميدان جي ٻي ڀر ويندڙ ڏاچيون هنگلاچ ماتا وڃڻ وارن لا سانئن بورڊ ان سائن بورڊ ۾ واضح طور تي هنگلاج مندر 15 ڪلو ميٽر پري لکيو پيو آهي تير واري پٽي تي واضح طور ناني مندر لکيل آهي ۽ سمت جو اشارو ڏنل آهي هن سائن بورڊ تي واضح طور تي قاسم جي پُٽ محمد جي فوجين جي قبرن جي ڳالهه لکيل آهي( انهن فوجين کي پنهنجي وطن تي تي هلان ڪري اچڻ جي پاداش ۾ هتان جي سنڌي سپوت پُٽن موت جو مزو چکايو هو) ۽ هن سائين بورڊ ۾ 712 عيسوي سن جو به ذڪر ٿيل آهي
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا سائين توهان جي هن سفرنامي (ياترا) جو حال احوال ۽ رپورٽ پسي تمام گهڻو مزو آيو۔۔ اتفاق سان ڪالهه رات ٿاڻو بولا خان جي ايڪسچينج ۾ مون هنگلاج جي ياترا نالي هڪ ڪتاب پئي پڙهيو جيڪو طوالت ۽ وقت جي گهٽتائي توڙي ڪم ڪار جي ڪري مون وڌ ۾ وڌ 2 يا 3 صفحا مس پڙهيا۔۔ اميد ته توهان جي هن رپورٽ ۾ اسان کي تاريخي قديمي ماڳ بابت وڌيڪ ڄاڻ ضرور ملندي۔۔
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا سائين ايڏي پيرائتي انداز هنگلاج ياترا ڏئي ڪري ٿَڪَ لاهي ڇڏيا اٿوَ۔ تصويرون به واهه جو آهن پر گهٽ آهن ۽ اَهڙيون اُميدون آئينده لاءِ به رکون ٿا ۔
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا مهرباني ادا طاهر سنڌي ، جو توهان منهنجي هن هنگلاج ماتا واري داستان کي پڙهيو ۽ ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ تون به اسان سان هن ياترا واري سفر ۾ گُڏ هُجين دوست طاهر دل ته گهڻو پي چاهيو ته هن ياترا واري سفر کي جلدي لکي تصويرن سميت توهان سان ونڊيان پر اڃان تائين لکي پورو ڪري ڪونه سگهيو آهيان، اڄ 29 فيبروري 2012 ڏينهن اربع تي به صُبح جو اٺين وڳي کان مُني هڪ وڳي تائين مسلسل اهو احوال لکيو اٿم اجهو وڌيڪ ايترو لکي سگهيو آهيان ٻه ٽي ڀيرا بجلي به هلي وئي پر شڪر جو ليپ ٽاپ جي بيٽري جي فل چارج هُئڻ ڪري منهنجي محنت رائگان ڪانه وئي وٺي ڊائريڪٽ سنڌ سلامت جي هن ايڊيٽ واري ايڊيٽر تان لکيم اٿم ، دعا ڪر ته جلدي هي سفر نامون مڪمل ڪري وٺان اڃا ڪافي سارن ماڳ مڪانن جا احوال جيڪي مون بذات خود وڃي مشاهدو ڪيا آهن بلوچستان جي ضلع لسٻيلا جا ۽ تصويري صورت ۾ سنڌ سلامت واسطي ڪوريج به ڪري ڇڏيا آهن انهن جو به احوال توهان سان ونڊ ڪريان ، دوست پوڙهو مڙس آهيان، سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ لا پاڻ پتوڙيان پيو ڪافي سارن مرحلن جي صورت ۾ هڪ سفر جون تڪليفون ، تصويري ڪوريج ، سفرنامي جو اکين ڏٺو احوال لکڻ ، چوٿون تصويرون اپ لوڊ ڪري انهن تصويرن جو ڳانڊاپو براهه راست توهان دوستن سان ونڊ ڪرڻ ، خير منهنجو ۽ توهان جو هڪڙو ئي مقصد آهي ته سنڌ سلامت جو هي محبتي اڱڻ تاريخي ۽ معلوماتي حوالي سان سدائين نمبر ون هُجي، سو انهي عظيم ۽ نيڪ مقصد کي مڪمل ڪرڻ به هڪ نيڪي آهي انهي نيڪي کي توهان به حاصل ڪريو پيا ۽ مان به حاصل ڪريان پيو هڪ ڀيرو ٻيهر مهرباني مونکي اميد آهي ته اڄ جيڪو هن هنگلاج ياترا جو وڌيڪ احوال توهان دوستن سان ونڊيو اٿم اهو ضرور پڙهندا۔ توهان جو دعاڳو نثاراحمدناز ڊي سي هائوس اُٿل شهر ضلع لسٻيلا بلوچستان۔
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا پيارا عبدالغني شال جُڙيو هُجين ، مهرباني جو توهان کي منهنجي لکيل هي هنگلاج ماتا واري ياترا زبردست، دلچسپ ۽ معلوماتي لڳي پر دوست اڃان هن ياترا جو حال احوال جاري آهي اڄ به گهڻو ڪجهه هن ياترا جو احوال لکيو اٿم اميد ته وري هن هنگلاج ماتا جي ياترا کي مُنڊ کان وٺي پڙهندين ۽ مونکي دعا ڪندين ته جلدي هن تاريخي ياترا کي لکي مڪمل ڪري توهان سان ونڊ ڪريان، سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا ادا اسد مست ٿاڻي بولا خان جي ايڪسچينج ۾ پڙهيل هنگلاج ماتا جي ياترا وارو ڪتاب جيڪڏهن ٿي سگهي ته مونکي ضرور پڙهائجان ڪتاب پڙهائڻ به صدقه جاريه ۾ شمار ٿيندو آهي، اميد ته اهو ڪتاب پڙهڻ واسطي ضرور مونکي ڏيندين انتظار رهندو۔ باقي توکي منهنجو هي احوال پسند آيو ڪجهه توکي ڄاڻ حاصل ٿي يقين ڪر اها ڳالهه پڙهي مونکي تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي ڇو ته ڪوئي منهنجي هن تمام ابتن سُبتن لکڻين کي ايڏو وڏي مان ڏي ٿو اها منهنجي لا هڪ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي۔ شال توهان جو اهو محبتن جو سلسلو خاص ڪري مون جهڙي بيڪار ماڻهو سان جاري آهي اها منهنجي خوش نصيبي آهي، دوست دعا ڪر ته مان هي هنگلاج ماتا ياترا جو سلسلو جلدي لکي مڪمل ڪريان مونکي اميد آهي ته منهنجو اڄ وڌيڪ لکيل هن ياترا جو احوال ضرور پڙهندين ۽ وڌيڪ را سان مونکي نوازيندين۔ شال آباد هُجين۔
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا پيارا ڀا محترم رضوان علي جمالي توهان هنگلاج ماتا جي ياترا جو پيرائتو حوال پڙهيو ۽ توهان جا ٿڪ لهي پيا اها منهنجي لا انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ادا رضوان انهي پيرائتي احوال ۾ اڄ به گهڻو ڪجهه تاريخي ڳالهيون ۽ معلومات شامل ڪئي اٿم اميد ته ضرور پڙهي وڌيڪ را کان آگاهه ڪندين مونکي توهان جي محبتي را جو شدت سان انتظار رهندو ، ادا کوڙ تصويرون دل نه لاهي جيستائين مون پيرائتو احوال لکيو هو تيستائين جون تصويرون توهان سان هتي ونڊ ڪيون هيون، مون هن ياترا جو پنج سئو کان وڌيڪ تصويرون ڪڍيون آهن آهستي آهستي هن تاريخي ماڳ مڪان جو تصويرون توهان سان ونڊ ڪندو رهندس في الحال هي ڪجهه وڌيڪ تصويرن توهان سميت دنيا جي سمورن سنڌين سان ونڊ ڪريان ٿو۔ ان کان علاوه منهنجي لا دعا ڪريو ته صحت به ٺيڪ رهي جو هن ياترا جو احوال لکي مڪمل ڪري سگهان۔ هڪ دفعو ٻيهر توهان جي مهرباني شال آباد هُجين منهنجا ڀا هنگول ندي ۽ هنگول نيشنل پارڪ جو اهو حصو جنهن ۾ واڳو موجود آهن اتي لڳل بورڊ تي سنڌ سلامت جو جهونو ٽيڪ ڏيئي بيٺو آهي هنگلاج ماتا جي مندر وڃڻ واري گس تي هنگول ندي مٿان ڪثير سرمائي سان بلوچستان جي اسپيڪر محترم محمد اسلم ڀوتاڻي جي ذاتي ۽ عظيم ڪوششن سان پل جو ڪم زور شور سان جاري آهي هن پل جي تعمير مڪمل ٿيڻ کانپو هنگلاج ماتا جي تيرٿ ياترا وارو اڻانگو سفر تمام سئولو ۽ آسان ٿي ويندو چويهه ڪلاڪ آرام سان هنگلاج ماتا جي مندر جو درشن ڪري سگهبو ياتري صرف ٽن يا چئن ڪلاڪن ۾ بغير ڪنهن ڊپ ڊا ۽ پريشاني جي آرام سان سنڌ جي بين الاقوامي شهر ڪراچي کان هتي اچي ياترا ڪري سگهندا ، پُل ٺاهڻ وارو عظيم ڪارنامو بيشڪ بلوچستان جي اسپيڪر محترم محمد اسلم ڀوتاڻي جي حصي ۾ ليکيو ويندو۔ لاکيڻي لطيفي جي سُر رامڪلي جي مکيه ڪردار ناني جي مندر جا پر خطر جابلو پيچرا ۽ رستا گڻيش ديوتا جو مندر ۽ بند ٿيل دروازو هي آستانو ۽ مورتي گڻيش ديوتا جي آهي هن باري ۾ هنگلاج جي مها پوڄاري مهاراج گوپال گري ٻُڌايو ته هندو جاتيءَ ۾ هنگلاج ماتا جو پنهنجي ڀڳتن کي سنديش آهي ته پهرين هن آستان جي ياترا ڪري پوءِ سندس مندر جي اتم ياترا ڪئي وڃي جيڪڏهن شري گڻيش جي هن آستان جي ياترا نه ڪبي ته هنگلاج ماتا سندن هنگلاج ياترا قبول ڪانه ڪندي
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا محترم نثار صاحب جتي هندن جي اتم ياترا جو اکين ڏٺو داستان لکي هزارين هندن جون دليون خوش ڪيون اتي پنهنجا هي جملا لکي : ((هن سائن بورڊ تي واضح طور تي محمد جي پُٽ قاسم جي فوجين جي قبرن جي ڳالهه لکيل آهي ( انهن غاصب فوجين کي پنهنجي وطن تي تي هلان ڪري اچڻ جي پاداش ۾ هتان جي سنڌي سپوت پُٽن موت جو مزو چکايو هو)). فاتح سنڌ مجاهد اسلام حضرت محمد بن قاسم (قاسم جي پٽ محمد) جي پياري نالي جو ابتو ترجمو ڪري ، سندس مجاهد سپه سالارن کي غاصب سڏي پنهنجي ڪروڙين سنڌي مسلمان ڀائرن دليون ڏکائي ڇڏيون... افسوس صد افسوس .... ڏاڍي دلچسپي سان داستان پڙهندو ٿي آيس ... پر جڏهن اهڙن دل تي ڇري ڦيرائيندڙ اکرن تي اکيون ڦريون تڏهن پنهنجي هڪ سنڌي مسلمان ڀاءُ جي اهڙي غلط عقيدي ۽ غلط تاثرات تي افسوس ڪندي لڙڪ هارجي پيا ... منهنجي خيال ۾ سنڌ سلامت جي هڪ مکيه ممبر کي اهڙا تاثرات ڏيندي باقي ممبرن جي عقيدي جو لحاظ ضرور رکڻ گھرجي ... الله سائين شال هدايت نصيب ڪري...
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا ڪجهه وڌيڪ تصويري احوال هنگلاج ماتا جي ياترا جو قاسم جي پُٽ محمد جي فوجين جون قبرون هن جبل تي پري کان ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن گڻيش ديوتا جي مندر ۾ رکيل گڻيش جي مورتي گڻيش ديوتا جي مندر جو ٻاهريون نظارو هنگلاج ماتا جي مندر جي ٻاهرين گيٽ جو نظارو سنڌ سلامت جو جهونو انهي گيٽ ۽ ياترين لا آجيان واري بورڊ تي بيٺو آهي
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا سائين تمام سٺو سفر ڏسڻ ۾ اچي پيو پر توهان ته حقيقت ۾ ويا آهيو توهان کي ته ان کان به وڌيڪ مزو آيو هوندو ۽ توهان سٺي ونڊ شامل ڪئي آهي۔
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا سائين نثار ناز سلام سدا خوش رهو۔ اوهان جي واپسي ضرور ڪراچي کان ٿيندي پنهنجي ديدار کان فيضياب ضرور ڪرائجو۔ تمام سهڻي نموني اوهان هن سفر جي رپورٽ سان گڏ قيمتي ڄاڻ پڻ مهيا ڪئي آهي۔ سُر رامڪلي ۾ لطيف سائين جوڳين ۽ سامين جو خوب ذڪر ڪيو آهي۔ مان اوهان جي هن سفر جو داستان پڙهي اهو پيو سوچيان ته جڏهن هيڏي ٽيڪنالاجي جي دور ۾ به هنگلاج پهچڻ ايڏو ڏکي آهي ته لطيف سائين ڪيئن ڪشالا ڪري جوڳين سان گڏ سفر ڪري ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو۔ جيئن جيئن اوهان جا ونڊ ڪيل ڦوٽو ۽ سفر جي ڪهاڻي پڙهي رهيو هوس تيئين تيئن لطيف جي سُر رامڪلي ۾ سامين بابت چيل بيت ذهن ۾ گوجندا رهيا۔ لاجواب رپورٽ اوهان کي جس هجي جو اوهان هيڏي محنت سان سهڻي شيئرنگ سنڌ سلامت جي دوستن سان ڪندا رهو ٿا۔ رَهِيا اَٿَيئِي راتِ، صُبُحَ وِيندَءِ صابرِي؛ لُنءَ لُنءَ منجِھ، لَطِيفُ چئي، ڪَرِ تنِين جِي تاتِ؛ سَندِي جوڳِيانِ ذاتِ، ٻِئي ڀيري مَسَ مِڙي. اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، سندي جوڳِـيُنِ جوڙَ؛ ساري سَناسِيُنِ کي، کامِي ٿِـيَسِ کوڙَ؛ مَنَ جنِين سين موڙَ، سي لاهُوتِي لڏي وِيا. ناٿُ جَنهِين نِنڌِ، تِتِ نه نهارِيو جوڳِـئين؛ ڪي ڪُوِيساهِيا ڪاپَڙِي، پُرِيا پَراهين پَنڌِ؛ هُو هِنَهِين هَنڌِ، ٿي هُنهَئِين وِيا هِنگِلاجَ ڏي. ناٿُ جَنهِين نِنڌِ، تِتِ پِڻُ نِهاريو جوڳِـئين؛ سي سُوِيساهِيا ڪاپَڙِي، پُرِيا پَراهين پَنڌِ، هُو هُئو هِنَ هَنڌِ، هُنِ هِنگِلاجان هَٿِ ڪيو.
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا سائين قيوم السنڌي جي ڳالهين کي دل سان قبول ڪيو ٿو وڃي جنهن کان پوءِ ضروري ترميم ڪئي وئي آهي۔۔۔ مهربانيون سائين جون
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا ادا معظم علي توهان جون مهربانيون جو اسان جي هنن ابتن سُبتن لفظن کي پڙهي هي ياترا سُٺي ڏسڻ ۾ آئي بلڪل ادا تمام گهڻو مزو آيو پر ادا پوڙهو مڙس آهيان جلدي ٿڪيو پوان دعا ڪريو ته جلدي هن سفر کي لکي پنهنجي منطقي انجام تائين آڻيان ۽ وري هن ضلعي لسٻيلي بلوچستان جي ڪنهن ٻي ماڳ مڪان جي سفر جو احوال توهان سڀني سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن لا سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ لا لکي پنهنجو فرض ادا ڪريان۔ شال آباد هُجو منهنجا ڀا۔ آمين۔
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا ادا محمد سليمان وساڻ توهان جون لکين مهربانيون جو منهنجي هن ياترا کي پڙهي توهان کي خوشي محسوس ٿي ادا، هنگلاج جي هي سر زمين ڪافي پراسرار ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ واري ڌرتي آهي، ادا محمد سليمان وساڻ توهان شايد غور سان منهنجي هن ياترا کي پڙهيو ئي ڪونهي ادا هاڻي ڪوسٽل ها وي جي ڪري هي اڻانگو پنڌ تمام سڪون وارو ٿي ويو آهي ۽ ان کان به وڌيڪ آسان ۽ سُهل سفر عنقريب ٿي ويندو جڏهن هنگول ندي تي هنگلاج ماتا واري گس تي ڪثير سرمائي سان تعمير ٿيندڙ پُل جي تعمير وارو ڪم هڪ اندازي مطابق هلندڙ سال جي اپريل 2012ع ۾ مُڪمل ٿي ويندو ان کانپو ته ساري دنيا جي هنگلاج ماتا جا ياتري صرف ٽن يا چئن ڪلاڪن ۾ سنڌ جي بين الاقوامي شهر ڪراچي کان هن پراسرا علائقي جي ياترا بغير ڪنهن ڊپ ڊا جي چويهه ڪلاڪ ڪري سگهندا هاڻي هي ياترا ايڏي وڏي مشڪل ڪانه رهي آهي۔ جي ادا مان ڪوشش ڪندس ته رستي کان ويندي ويندي توهان سان ملاقات ضرور ڪريو وڃان انشاالله توهان جون محبتون منهنجي لا همت افزايون آهن شال سدائين آباد هجو ڪڏهن ڪو ڪوسو وا نه لڳيوَ اسان جون مڙئي ابتيون سُبتيون لکڻيون آهن جن کي دل سان پڙهو ٿا ۽ مونکي نوان نوان حوصلا ڏيو ٿا۔
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا ڪجهه وڌيڪ تصويرون هنگلاج ماتا جو مها پوڄاري مهاراج گوپال گَرِي سنڌ سلامت جي جهوني نثارناز کي ڀليڪار چئي نثار ناز ۽ مهاراج گوپال گَرِي بيٺا آهن مهاراج گوپال گَرِي ميلڻي ماتا جي مندر ۾ يوگني ماتا جي مندر ۾ رکيل مورتي مون سان گڏ آيل گن مين، ڊرائيور جمالي ۽ چوڪي انچارج جليل سومرو هنگلاج ماتا جي مها پوڄاري گوپال گَرِي سان گروپ فوٽو هن وڻ جي هيٺان وهي هتي جا هندو ياتري پنهنجي تپسيا ڪندا آهن جبلن ۽ پهاڙن تان وهي ايندڙ پاڻي جو چشمو هن پيچري کي ڪراس ڪرڻ کانپو ناني جو مندر ظاهر ٿيندو هنگلاج ماتا جي مندر کان پهرين ڪالي ماتا جو مندر ايندو انهي مندر جي تصوير ڪالي جي مندر ۾ رکيل ڪالي ماتا جي مورتي
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا روزاني هلال پاڪستان جي 2 مارچ واري شماري ۾ توهان جي هن تفصيلي ليک کي آف لائين پڙهڻ لاءِ مليو۔۔۔ جيئن ته ڪجهه ڏينهن لاءِ ڳوٺ آيو آهيان ان ڪري نيٽ جي سهولت مستقل نه آهي۔۔۔ بحرحال توهان جي آندل رپورٽنگ کي جو ڪجهه حصو جيئن جو تيئن اخبار تان پڙهي آگاهي ٿي۔۔۔ اميد ته باقي حصو به پڙهي وٺبو۔۔۔
جواب: هنگلاج ماتا(ناني جي مندر) جي ياترا محترم عبدالرشيد سمان صاحب توهان جون مهربانيون ، اڃا هنگلاج ياترا جون ساروڻيون هلن پيون اڄ به ٻه ٽي پيج لکيا اٿم هلال پاڪستان ۾ الائي سڀ ڇپيون يا نه خير هي ڪُجهه وڌيڪ تصويرون هتي ونڊيان ٿو۔ هنگلاج ماتا جو آستاني جو منظر سنڌ سلامت جو جهونو هنگلاج ماتا جي مندر جي سيڙهين ۽ دروازي تي موجود آهي هنگلاج ماتا جي مندر جو اندريون نظارو، هنگلاج ماتا جون مورتيون جنهن جي باري ۾ مها پوڄاري ٻُڌايو ته اهي مورتيون لکين سال پراڻيون آهن سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز مها پوڄاري گوپال گِرِي کان هنگلاج ماتا جي تاريخ حيثيت جي باري ۾ پُڇي لکي رهيو آهي۔