• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هوء ڪير هئي ؟

سنڌي نور

سينيئر رڪن

هوء ڪير هئي؟
جا مونسان رات ملڻ آئي هئي

هوء ڪير هئي؟

شايد سسئي هئي يا مارئي پر ڪا ڄاتل سڃاتل هئي

جنهن جي اکين ۾ محبتن جو سمنڊ هو

هوء ڪير هئي ؟؟

شايد هوء ڪويل هئي

جا پنهنجي پيار جا سۡرپکيڙي

هن نگري ۾ محبتن ۽ امن جو راڳ پئي ڳايو

هوء ڪير هئي ؟؟؟

ته شايد هو آسمان مان پيار جون بوندون

بڻجي هي سنڌ سجائڻ آئي هئي

هوء ڪير هئي ؟؟

هوء ته سج جي سنهري روشني هئي

جا هن اونداهين م روشنيون ڦهلائڻ آئي هئي

هوء ڪير هئي ؟؟

هوته شايد منهنجي سنڌ هئي

منهنجي سنڌ جي مٽي جي سڳند هئي

جنهن ۾ پورهيت جي

خوشبو ۽ هڪ ڪنوار جيان سنگھاريل

جندڙي هئي

هوء ڪير هئي ؟

هو ڪير هئي جا رات مونسان ملڻ آئي هئي
اري هوء ته منهنجي( من جي ڪلپنا )هئي

هوء ته منهنجي اندر جي سکي هئي

جا مون سان ملڻ آئي هئي

جا رات مون وٽ آئي هئي

سنڌي نور
 
جواب: هوء ڪير هئي ؟

هوء ته منهنجي اندر جي سکي هئي

جا مون سان ملڻ آئي هئي

جا رات مون وٽ آئي هئي


ادي نور جا تمام سهڻا احساس ۔۔۔۔۔۔۔

نثري نظم ۽ ٿورين سٽن ۾ وڏيون ڳالهيون ۽ گهرا خيال سمايل آهن۔
 
جواب: هوء ڪير هئي ؟

ادي سنڌي نور! سموري ڪٿا پڙهڻ کانپوءِ خوشي ٿي ته اوهانجي اندر جي سکي ايتري سهڻي ۽ روشن آهي ۔۔۔ واڌايون

اندر جي سونهن ۽ روشني انسان کي پڻ سهڻو ۽ روشن ڪري ڇڏيندي آهي جنهن سان انسان هڪ اهڙي ڏيئي جيئان ٿي پوندو آهي جيڪو طوفانن ۾ به ٻرندو رهندو آهي ۔۔۔ هوا لڳڻ سبب لاٽ هلڪي ضرور ٿيندي آهي پر وري پاڻ سنڀالي اڳ کان به وڌيڪ روشني ڪندو آهي ۔۔۔

اوهانجي لفظن مان اوهانجي اندر جي سکيءَ جي جيڪا تصوير نروار ٿئي ٿي سا انتهائي موهيندڙ ۽ چمڪندڙ آهي ۔۔۔ اميد ته اها سکي اوهانجي اندر ۾ ائين ئي ٽمڪندي ۽ اوهانکي چمڪندڙ رکندي ۔۔۔

اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون ۔۔۔۔
 
جواب: هوء ڪير هئي ؟

ادي نور سنڌي اسلام عليڪم۔بهترين احساسن تي مشتمل اوهانجي شاعري اسان کي ڏاڍي پسند آئي۔جنهن جو دل آئيني وانگر صاف هوندو آهي ۽ هن جي دل ۾ ڪجه بهتر ڪرڻ جي لگن هوندا آهي ،ان جي سکي ان کي خواب ۽ ڪڏهن خيالن ۾ اچي بهتر ڪم ڪرڻ لاء همٿ ڏيندي آهي۔توهان جون ڏاڍيون مهربانيون بهترين خيال شاعري انداز ۾ اسان سان ونڍ ڪرڻ تي۔
 
جواب: هوء ڪير هئي ؟

نور جو نثري نظم تمام بهترين نظم آهي خاص ڪري خيال ڏاڍا وڻيا ۔ لفظن جي سٽا به خوبصورتيءَ سان اڻيل هئي ۔
 
جواب: هوء ڪير هئي ؟

شل اهي سڀ احساس هر سنڌي ۽ هر سنڌ جي نياڻي ۾ پيدا ٿي پون ته هن سنڌ جي سرهاڻ ملڪن ملڪن ۾ پکڙجي وڃي ۔
وسلام
 
Back
Top