[JUSTIFY]مون هي فورم پنهنجي عزيز ڏاڏل شينو جي ڏس کان پوءِ جوائن ڪيو آهي اميد ته هن فورم تان اسان کي گهڻو ڪجھ سکڻ لاءِ ملندو۔ آءو دادو شهر جي محله غريب آباد جو رهواسي آهيان منهنجي تعليم بيچلر فزيڪل ايجوڪيشن ۽ ماسٽر سوشولاجي آهي ۔ هن وقت آءُ خدا آباد هاءِ اسڪول ۾ سائنس ٽيچر طور پنهنجا فرائض سر انجام ڏئي رهيو آهيان ۔ وسلام[/JUSTIFY]
جواب: اسان جي طرفان سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام اميد ته هن فورم تي اسان پنهنجا پسنديده موضوع ونڊ ڪندا سين۔
جواب: اسان جي طرفان سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام ادا اسان اوهان کي هن فورم تي ڀليڪار ٿا چئون اميد ته توهان کي هتي سکڻ ۽ سيکارڻ جو ڀرپور موقعو ملندو سدائين گڏ
جواب: اسان جي طرفان سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام ماشاء الله، دادو ضلع جي شينا خاندان جا نوجوان سنڌ سلامت جا رڪن ٿيا آهن ۔۔۔ ڏاڏل جهڙو مکڻ ماڻهون تهڙو سندس خاندان ۽ مٽ مائٽ ۔۔۔ درياء خان سنڌ جي تاريخ جو محترم نالو آهي، انجو سبب ته درياء خان سنڌ جو هڪ اهڙو سچو سپهه سالار هو جو جيستائين هو جيئرو رهيو پٺاڻن کي سنڌ ۾ پير ڌرڻ جي جراَت نه ٿي ۔۔۔ انڪري جڏهن به ڪنهن دوست جو نالو درياء خان ٻڌندو آهيان ته سينو وڏو ٿي ويندو آهي ته اڃان سنڌ جي ڌرتيءَ تي درياء جهڙي دل رکندڙ درياء موجود آهن۔۔۔ رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ اميد ته سنڌ سلامت جو اڱڻ سنڌ دوستن جي گڏجڻ ۽ مقصدن حاصل ڪرڻ جو سهڻو ذريعو ثابت ٿيندو ۔۔۔ سهڻا دوست درياء خان دل جي گهراين سان ڀليڪار سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اسان جي طرفان سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام سائين دريا خان شينو صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي۔ اوهان جهڙي سڄاڻ دوستن جي راين، صلاحن ۽ لکڻين جو انتظار رهندو۔ ڀلي ڪري آيا جي ڪري آيا۔ ڏاڏل شينو صاحب اسان جي فورم تي پنهنجون علمي ۽ ادبي لکڻيون ونڊ ڪندو رهندو آهي ۽ سنڌ سلامت جي سونهن آهي، سندس مهربانيون جو اوهان جهڙي دوست کي سنڌ سلامت تي وٺي آيا آهن۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اسان جي طرفان سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام ادا سنڌ سلامت جي هن سهڻي اڱڻ تي اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار بابا
جواب: اسان جي طرفان سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام ادا درياه خان شينو اسلام عليڪم۔ادا توهان اسانجي پياري شهر دادو جا رهواسي آهيو۔توهان هڪ سٺي پيشي سان وبسطا آهيو۔توهان کي اسان هن محبتي اڳڻ تي ڀليڪار ٿا چئون۔توهان کي هن فورم تي هر موضوع تي انيڪ ۽ معلومات سان ڀريل ليک پڙهڻ لاء ملندا۔توهان جي ميمبر ٿيڻ سان اسان کي اميد آهي ته ان معلوماتي خزاني ۾ توهانجي ليکن سان اضعافو ٿيندو۔
جواب: اسان جي طرفان سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام سائين اسان جي همعصرن ۾ تمام قابل ماڻهون آهي ۔ سائين علمي لحاظ کان هميشه پهرين پوزيشن جو مالڪ رهيو آهي اسان کي سائين جن جي امد جو گهڻي وقت کان انتظار رهيو آهي اميد ته اسان سائين جن کان ڪجھ سکنداسين۔ وسلام