وحيده شاهه اليڪشن ۾ کٽي وئي اها ڪنهن لاء به ڪا گهڻي اهميت واري خبر ڪانه هئي پر وحيده شاهه اخلاقيات جو سڀ حدون اورانگهيندي عورت تي کلي عام تشدد ڪري پاڻ کي ميڊيا ۾ ۽ سڄي دنيا ۾ مشهور ڪري ڇڏيو۔ ڇا وحيده شاهه پاڻ کي مشهور ڪرڻ لاء هي سڀ ڪجهه ڪيو ؟ اهي سوال گردش ڪري رهيا آهن۔
ٽنڊي محمد خان جي پي ايس 53 تي محسن شاهه جي وفات سبب خالي ٿيل سيٽ تي ننڍي اليڪشن ۾ سندس وني وحيده شاهه کي پ پ پ پاران ٽڪيٽ ڏني وئي۔ پر اها سيٽ پ پ پ لاء وڏي خواري جو سبب بڻجي وئي جڏهن اليڪشن واري ڏينهن ٽنڊو محمد خان جي تڪ پي ايس 53 تي پ پ اميدوار پاران پولنگ 16 گرلس هاءِ اسڪول پهچڻ بعد ڪوڙن ووٽن جي ڪاسٽ ٿيڻ جو سبب ڄاڻائيندي عورت پرزائيڊنگ آفيسر حبيبا ميمڻ ۽ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر شگفته ميمڻ تي تشدد ڪيو جيڪو ان وقت ميڊيا تي سڌو سنئون ڏيکاريو ويو۔
عورتن تي ڪيل تشدد واري اها خبر اقوام متحده تائين پهچي چڪي آهي ۽ هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي وحيده شاهه خلاف ڪيس داخل ڪري سندس ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن به روڪيو ويو آهي۔ ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد جو چوڻ آهي ته پ پ اميدوار پاران پولنگ عملي تي ڪيل تشدد وارو معاملو گڏيل قومن تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته پ پ اميدوار پاران تشدد واري عمل جو پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. ڪنور دلشاد موجب تشدد واري معاملي ۾ ملوث اميدوار کي ٽن مهينن تائين سزا اچي سگهي ٿي.