چوراسي سالن جي تاريخ ۾ پاڪستان لاء پهريون آسڪر ايوارڊ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]آسڪر ايوارڊ دنيا جي مڃيل ايورڊن مان هڪ آهي پر افسوس جو سندس 84 سالن جي تاريخ ۾ هڪ به پاڪستاني فلم اهو اعزاز حاصل ڪري ڪونه سگهي۔ هن دفعي شرمين عبيد جي تيار ڪيل 40 منٽن جي فلم "سيونگ فيس" Saving Face اهو اڪيڊمي اوارڊ کٽيو آهي۔ هن فلم جي ڪهاڻي پاڪستاني عورتن مٿان تيزاب هاري ڪيل تشدد تي ٺهيل آهي۔ جيتوڻيڪ ڪهاڻي ۾ ته پاڪستاني معاشري جي بدنامي ٿي آهي پر فلم اڪيڊمي اوارڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي۔
    [/JUSTIFY]

    وڌيڪ تفصيل ذوالفقار قادري جي اڄوڪي ڪاوش ۾ ڇپيل هن مضمون ۾ پڙهو۔

    پاڪستان لاءِ آيل پهريون آسڪر ايوارڊ
    ذوالفقار قادري

    [JUSTIFY]مون جڏهن هن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي ۾ پهريون دفعو ڏٺو ته، مون کي اها خبر ڪو نه هئي ته هيءَ خاتون هڪ ڏينهن دنيا جي اليڪٽرانڪ ميڊيا آڏو ايڏي مشهوري ماڻيندي. شرمين عبيد چناءِ جيڪا دنيا جي مشهور آسڪر ايوارڊ کي ماڻي شهرت جي بلندين تي پهچي وئي آهي، سا هن وقت زيبسٽ جي ميڊيا سائنس واري شعبي جي فيڪلٽي ميمبر آهي. ڪراچي جي هڪ اردو ڳالهائيندڙ گهراڻي ۾ 1978ع ۾ جنم وٺندڙ شرمين عبيد چناءِ ڪراچي گرامر اسڪول مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد اسٽينڊ فورڊ يونيورسٽي آمريڪا مان گريجوئيشن ۽ ماسٽرس ڪئي. شرمين بنيادي طور صحافي آهي، پر هن دستاويزي فلمن کي پنهنجي ڪيريئر جو بنياد بڻايو. هن سڀ کان پهرين آمريڪا جو ”ايمي“ ايوارڊ پنهنجي دستاويزي فلم ”طالبان جا ٻار“ تي حاصل ڪيو.

    هن کان اڳ به 2003ع ۽ 2007ع ۾ افغان مهاجر ڪيمپن اندر ٻارن جي حالت بابت به هن ڪئين دستاويزي فلمون ٺاهيون، جنهن تان شرمين عبيد کي طالبان طرفان ڌمڪيون به ملنديون رهيون. شرمين عبيد پاڪستان ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد، تيزاب سان ساڙيل چهرن وارين عورتن جي سهڪار، سندن بگڙيل چهرن جي بحالي، قانوني مدد ۽ معاشري ۾ کين عزت ڀريو مقام ڏيارڻ لاءِ به پاڻ پتوڙيندي رهي آهي. شرمين عبيد چناءِ جون دستاويزي فلمون ۽ پروگرام آمريڪا جي چينل فور، سي اين اين، بي بي سي، پي بي ايس، الجزيره ٽي وي کان علاوه دنيا جي ڪيترن ٽي وي چئنلن تي هلي چڪا آهن.

    شرمين عبيد پنهنجي ڪيريئر جو آغاز 2002ع کان نيويارڪ ٽائيمز ٽيلي ويزن کان ڪيو، جنهن لاءِ هن افغانستان ۽ طالبان جي باري ۾ ٻارن متعلق هڪ فلم ”دهشتگرد ٻار“ ٺاهي. شرمين عبيد هن وقت تائين آمريڪا برطانيا ۽ ٻين ملڪن مان اووسيز پريس ڪلب ايوارڊ، آمريڪن وومن ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن ايوارڊ، سائوٿ ايشيا جنرلسٽ ايوارڊ سميت ڪئين ايوارڊ ماڻي چڪي آهي، جڏهن ته هن 2003ع ۾ ڪينيڊائي ويزن ايوارڊ، سائين گولڊن ايگل ايوارڊ، سعودي عرب اندر عورتن جي حقن بابت رپورٽ جوڙڻ تي پڻ ايوارڊ ماڻيا آهن. 2007ع ۾ شرمين عبيد افغانستان وڃي طالبان معاشري اندر عورتن ۽ ٻارن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جو ڪم ڪيو، جتان کيس آخر نڪرڻو پيو. ڪالهه آمريڪا جي شهر لاس اينجلس ۾ چوراسيهون آسڪر ايوارڊ پروگرام ٿي رهيو هو، اتي جڏهن تيزاب هاريل عورتن بابت سندس ٺاهيل ڊاڪيومينٽري ”سيونگ فيس“ کي آسڪر ايوارڊ لاءِ چونڊي نالو کنيو ويو ته سڄو هال تاڙين سان گونججي ويو. اهو پروگرام دنيا جا ڪروڙين ماڻهو لائيوَ ڏسي رهيا هئا، ان ڊاڪيومينٽريءَ جو ڊائريڪٽر ڊينيئل جنگ ۽ پروڊيوسر شرمين عبيد هئا. ان ۾ برطانوي نزاد پاڪستاني پلاسٽڪ سرجن ڊاڪٽر کي پڻ انهن عورتن جي بگاڙيل چهرن جي بحالي وارو ڪم ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. هيءَ فلم معاشري جي انهن عورتن تي ٿيل ظلم جو داستان آهي، جن جي سونهن سندن دشمن بڻجي وئي. ڪيئن هڪ تيرهن سالن جي ڇوڪري جڏهن پنهنجي استاد جي خواهشن جي تڪميل نه ٿي ڪري ته سندس چهري تي تيزاب هاري سندس چهرو بگاڙيو ٿو وڃي. 25 سالن جي رخسانه جو چهرو تيزاب هاري ان لاءِ ساڙيو ويو ته سندس مڙس سندس بجاءِ ساليءَ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪري ٿو ۽ آخر رخسانه ان ساڙ جو شڪار ٿئي ٿي. فلم ۾ ان ارڙهن سالن جي نينگري کي به فوڪس ڪيو ويو آهي، جيڪا ڪاليج ويندي پيڇو ڪندڙ نوجوان جي گرل فرينڊ ٿيڻ کان انڪاري آهي. آخر ۾ کيس ان جي بدلي ۾ پنهنجو گلن جهڙو خوبصورت چهرو قربان ڪرڻو پوي ٿو.

    هاڻ جڏهن شرمين کي عالمي سطح تي آسڪر ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي ته پاڪستاني وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني به شرمين عبيد لاءِ پاڪستان جو وڏو قومي سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، تڏهن ٿيڻ ته اهو کپندو هو ته شرمين کي اهڙي ڪم جي مڃتا لاءِ پاڪستان کي اڳ ۾ قدم کڻڻو هو، پر اسان وٽ خبر ناهي ته ”ڍڳو پير پيران“ واري روايت ڪڏهن ختم ٿيندي. بهرحال شرمين اهو ايوارڊ حاصل ڪري ان کيتر ۾ ڪم ڪندڙ ٻين عورتن لاءِ اتساهه پيدا ڪيو آهي.[/JUSTIFY]

     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: چوراسي سالن جي تاريخ ۾ پاڪستان لاء پهريون آسڪر ايوارڊ

    جي سائين سليمان صاحب ڪالھ کان وٺي ان ايوارڊ متعلق يوٽيوب تي آيل وڊيوز ڏسون پيا۔ ۽ فلم 40 منٽن جو نه بلڪِ 49 منٽن تي آهي۔ ۽ فلم ۾ پاڪستان جي ڪابه بدنامي ناهي بلڪِ حقيقتن تي مبني آهي۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: چوراسي سالن جي تاريخ ۾ پاڪستان لاء پهريون آسڪر ايوارڊ

    مهرباني طاهر سائين

    منهنجو مقصد پاڪستان جي بدنامي نه پر اسان جي معاشري جي عڪاسي ڪري اسان جي بدنامي ٿي آهي۔ جيتوڻيڪ اها حقيقت آهي پر ان سان اسان جو اميج ڪو بهتر ڪونه ٿيندو۔ پر مونکي هن فلم تي خوشي ٿي آهي ته حقيقتون آسڪر ايوارڊ يافته فلم سبب اڃان به وڌيڪ چٽيون ٿينديون۔۔
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو

هن صفحي کي مشهور ڪريو