۽ ٽي 20 سيريز به انگلينڊ جي سوڀ۔۔۔

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    سنڌ سلامت جي ٻروچ جي اڳڪٿي درست ثابت ٿي ۽ ون ڊي سيريز کان پوءِ ٽي 20 سيريز به انگلينڊ ٽيم کٽي ورتي۔۔۔
    سمورن بيٽسمينن جي خراب ڪارڪردگي، اهم بالرن جي غير ذميداري ۽ فيلڊرس جي ناڪامين باوجود لڳي ٿو ”قرباني جو ٻڪرو“ مصباح الحق ئي هوندو۔۔۔ جو کائنس آخري بال تي ڇڪو هڻڻ ٿي نه سگهيو جنهن جو اهم سبب يقينن سندن مٿان پريشر جو عروج تي هجڻ ۽ انگلينڊ جي بالر ڊينبارخ جو عقلمندي سان سلو بال هلائڻ هيو۔۔۔
    بحرحال ڪجهه به هجي پاڪستان ۔۔ جنهن بابت ڪرڪيٽ جا پنڊت ڪجهه حيران ڪن پيشنگويون ڪري رهيا هئا جون ڳالهيون ڊاڙون ثابت ٿيون۔۔۔

    ٽي ٽونٽي سيريز جي آخري ميچ کي ڏسڻ لاءِ گڏيل عرب عمارات جو صدر شيخ خليفو بن زيد النهيان، پاڪستان جي وزير خارجه حنا رباني کر ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽ بورڊ جو چئرمين ذڪا اشرف به گرائوند ۾ موجود هئا۔۔۔

    سيريز ۽ آخري ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪيون پيٽرسن مين آف دي ميچ سان گڏ مين آف دي سيريز جو ايوارڊ به حاصل ڪري ورتو۔۔۔

    [​IMG]


    ٽي 20 سيريز کٽي انگلينڊ هن ئي سال سيپٽمبر 2012 ۾ سريلنڪا ۾ ٿيندڙ ورڊ ڪپ جي ڊوڙ ۾ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪرڻ جو هڪ ڏيک به ڏيکاريو۔۔۔ هوڏانهن پاڪستان ٽيسٽ سيريز وائيٽ واش ڪرڻ باوجود ون ڊي ۽ ٽي20 سيريز هارائي ايندڙ ايشيا ڪم جي کٽڻ جي دوڙ ۾ ڪافي پوئتي نظر اچي رهيو آهي۔۔۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ۽ ٽي 20 سيريز به انگلينڊ جي سوڀ۔۔۔

    وڏا نڀاڳا آهن پاڪستاني رانديگر جيڪي آخري ٽن اورن ۾ 23 رنسون به ڪونه ٺاهي سگهيا۔ خاص ڪري ڪپتان مصباح ۽ عمر اڪمل کان ته ڪا وڏي شات بلڪل ڪونه پي لڳي۔ اهو لڳي رهيو هو ته پاڪستانين جا حوصلا پست آهن ۽ هو نفسياتي طور ميچ هارائي چڪا آهن ۽ اهوئي ٿيو جو ست وڪيٽن هوندي به آخري ٽن اوورن ۾ 23 رنسون ڪونه ڪري سگهيا۔

    يا وري نئين ڪوچ کي ناڪام ڪرڻ لاء وري ڪا کچڙي پچي رهي آهي۔ ڇو ته آئوٽ آف فارم شعيب ملڪ کي ون ڊي ۽ ٽي ٽئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي۔

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو