• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ ڪلو گرام ۾ گهڻا پائونڊ آهن؟

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ڇا اوهان کي خبر آهي ته گهڻا پائونڊ ٿين ٿا هڪ ڪلو گرام ۾؟
اڪثر مغربي ملڪن ۾ وزن پائونڊن جي حساب سان ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته اسان وٽ ڪلو گرام جي حساب سان وزن ڪيو ويندو آهي ان ڪري اسان مان گهڻن کي اها خبر نه هوندي آهي ته پائونڊ جو ڪلو گرام ۾ ڇا حساب آهي، ان ڪري سوچيم ته هي ڄاڻ اوهان سان به شيئر ڪريان۔

هڪ پائونڊ = 0,4536 ڪلو گرام۔

هڪ ڪلو گرام = 2.2046226218487756 پائونڊ۔

يعني جيڪڏهن جنهن جو وزن 60 ڪلو گرام آهي ته ان ۾ گهڻا پائونڊ ٿيندا؟

ضرب ڪندا سين 60 × 2.2 = 132 پائونڊ۔

جيڪڏهن ڪنهن جو وزن 55 ڪلو گرام آهي ته؟

ضرب ڏيندا سين هن طرح 55 × 2.2 = 121 پائونڊ

پر جيڪڏهن ڪنهن جو وزن 198 پائونڊ آهي ته گهڻا ڪلو گرام ٿيندا؟

هاڻ اسان ونڊ ڪندا سين هن ريت:

198 ÷ 2.2 = 90 ڪلو گرام۔

منهنجي خيال ۾ آسان آهي، ڪيئن دوستو؟
 
Back
Top