معلومات عامه (1) دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ جنگلات "روس" ۾ آهن (2) دنيا ۾ آزاد اسلامي ملڪن جو تعداد " 57" آهي (3)خلا ۾ وڃڻ وارو پهريون انسان "يوري گيگارين " هو۔ (4) " لنڊن يونيورسٽي " دنيا جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي آهي۔ (5) رنگين ٽي_ وي جو آغاز "1953" ۾ ٿيو۔ (6) دنيا جو سڀ کان وڏو سمنڊ " بحر الڪاهل " آهي۔ (7) دنيا جو سڀ کان وڏو صنعتي شهر " شنگهائي" چين آهي۔ (8) "افغانستان" دنيا جو اهو ملڪ آهي جٿي ريلوي جو نظام نه آهي۔ (9) آفريقا ۾ آهڙا آدم خور وڻ آهن جن جي ڇوڏي کي سنگهڻ سان ماڻهون بي هوش ٿي ويندو آهي۔۽ جيڪڏهن انسان ان وڻ جي هيٺان لنگهي ته اهو وڻ ان ماڻهو کي پاڻ سان جڪڙي ماري ڇڏيندو آهي۔ان ڪري ان وڻ کي آدم خور وڻ چيو ويندو آهي۔ (10) ڊاڪٽر "لاطيني " زبان جو لفظ آهي۔ (11) فيشا غورث سڀني کان پهريون معلوم ڪيو ته دنيا گول آهي (12) دنيا جو پهريون نقشو " انا گزسيمينڊر" ٺاهيو هو۔ معزز ميمبرس ۔اسان پنهنجي ننڍي صاحبزاده بلال مصطفي ميمڻ جي فرمائش تي انهن جي جمع ڪيل جنرل ناليج مان ڪجه اوهان جي نظر۔
جواب: معلومات عامه هن معلومات ۾ (8) تي ڏنل معلومات کي هينئر درست ڪيو وڃي 28 جنوري 2012 تي ريلوي جي مال گاڏي افغانستان ۾ شروع ڪئي وئي آهي جا في الحال آرمي جي نقل و حمل ڪري رهي آهي ۔ چون ٿا ته آگسٽ 2012 ۾ مسافر ٽرين به شروع ڪئي ويندي ۔
جواب: معلومات عامه ننڍڙي بلال کي اسان پاران پيار ۽ سلام ۔۔۔ معلومات تمام ڀلي آهي، پر ادي جماليءَ جي ڏنل خبر ته افغانستان ۾ ريلوي شروع ٿي آهي في الحال فوج لاءِ ئي سهي پر نظام شروع ٿيو آهي ۔۔۔ ٻي سڀ معلومات مزو ڏنو پر آفريڪا جي آدم خور وڻ ته اصل ڊيڄاري ڇڏيو ۔۔۔ هاڻ ته هر وڻ کان ڀئو ٿيندو ته ڪٿي ان نسل مان نه هجي ۔۔۔ ڀوڳن ۾ تمام سٺي معلومات
جواب: معلومات عامه سائين ماشاء الله بهترين معلومات. هڪ اضافو ڪندو هلان ته دنيا ۾ اسلامي ملڪ هي آهن: افريقا ۾ 26 ملڪ آهن: أوغندا، بنين، بوركينا فاسو، تشاد، تونس، جزائر، جزر القمر، جيبوتي، سنيگال، سوڊان، سيراليون، صومال، طوغو، گابون، گامبيا، گينيا، گينيا بيساو، كيمرون، ليبيا، مالي، مصر، مغرب، موريتانيا، موزمبيق، نيجر، نيجيريا. ايشيا ۾ 27 ملڪ آهن: أذربيجان، أردن، أوزبكستان، أفغانستان، إمارات عربية متحدة(يو اي اِي)، إنڊونيشيا، إيران، پاكستان، بحرين، بروناي، بنگلاديش، تركيا، تركمانستان، سعودية، سوريا، طاجكستان، عراق، عمان، فلسطين، قرغيزستان، قطر، كزاخستان، كويت، لبنان، مالديف، ماليزيا، يمن. انهن سان گڏ ٻه ملڪ جنوبي آمريڪا ۾ : سورينام ۽ غويانا، يورپ ۾: هڪ ملڪ ألبانيا. اسلامي دنيا جي مردم شماري 1,361,441,883 آهي.
جواب: معلومات عامه ادا طاهر سنڌي صاحب اسلام عليڪم۔ادا توهان جا لک قرب جو توهان مسلم ملڪن جا نالا ۽ ڪهڙن کنڊن ۾ واقعي آهن ۽ اسلامي دنيا جي مردم شماري جو آضعافي سان هن معلومات عام کي وڌيڪ مفيد ڪري ڇڏيو۔سائين توهان جي ليکن ۾ ڏنل معلومات پڙهڻ کانپوء اهو محسوس ٿيندو آهي ته اوهان ساڪن پاڻي وانگر پنهنجي اندر ۾ معلومات جي تمام گهڻي گهرائي رکو ٿا۔هميشه خوش رهو۔