
اها هڪ خوشيء واري خبر آهي ته آء بي اي سکر، هائر ايجوڪيشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بزنس ايجوڪيشن اسڪولس ۾ پوري پاڪستان ۾ چوٿين نمبر تي آهي۔ آء بي اي سکر ۾ محترم نثار صديقي صاحب جون گهڻيون ڪاوشون رهيون آهن ۽ سنڌ جو هي اهم ادارو ڪمپيوٽر ۽ بزنس ايجوڪيشن ۾ سٺي ۽ معياري تعليم ڏئي رهيو آهي۔
هائر ايجوڪيش ڪميشن پاران جاري ڪيل لسٽ ۾ لمس پهرين، آء بي اي ڪراچي ٻئي ۽ اقرا يونيورسٽي ٽئين نمبر تي آهن، آء بي اي سکر چوٿين، نيشنل ڪاليج لاهور پنجين نمبر تي آهن۔
هاڻي ترجيح اها هجڻ گهرجي ته سنڌ جي هن اهم تعليمي اداري کي سياسي مداخلت ۽ ڪرپشن کان بچائي ميرٽ جو معيار برقرار رکيو وڃي۔