• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

الطاف شيخ ڀلي پار تان ڀيرو (الطاف شيخ) حج ۽ عمري جي سفر جو ساٿي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
dev5ok.jpg

الطاف شيخ جا انيڪ سفرنامه پڙهيا آهن جيڪي گهڻو ڪري سمنڊ جي دنيا سان لاڳاپيل هئا۔ پر سندس هي سفرنامو "ڀلي پار تان ڀيرو" مڪمل طور اسلام جي هڪ اهم رڪن حج ۽ عمري کي سمجهڻ لاء ۽ ادا ڪرڻ لاء گهڻو فائديمند رهندو۔ هن کان اڳ سندس سعودي عرب بابت ڪتاب "اي روڊ ٽه مدينه" پڻ ڇپيل آهي۔

روشني پبليڪيش پاران ڇپايل هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ المنعم لائبريري لاڙڪاڻو وارن ڪري اي بوڪ جي صورت ۾ شايع ڪيو آهي۔

 
جواب: ڀلي پار تان ڀيرو (الطاف شيخ) حج ۽ عمري جي سفر جو ساٿي

ڀلي پار جي پانڌيئڙن لاٰءِ هڪ لاڀائتو ڪتاب ونڊ ڪري وڏا ٿورا لاٿا آهن ادي سليمان ۔۔۔

هي ڪتاب بيشڪ انهن ماڻهن لاءِ جيڪي حج يا عمري تي ويندا آهن انهن لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ناياب ڪتاب آهي، هن ڪتاب جي پڙهڻ سان نه فقط حج ۽ عمري جي معلومات ملندي بلڪه محترم الطاف جون لکڻيون اهڙيون هونديون آهن جو ان ملڪ جي بابت موسم، ثقافت ۽ ٻي ضروري معلومات پڻ ملي ويندي آهي۔

ٿورا ناهن ٿورا
 
Forbidden

You don't have permission to access /files/2010/12/11/3035440/Bhaly par tan bhero.pdf on this server.
ادا هي پيغام پيو موصول ٿئي

اهو ساڳو ئي پيغام مون وٽ به اچي پيو باقي دائونلوڊ ته نه پيو ٿئي۔دوست اسان ڄٽن مان ويا ته ڦاسي هوندو پر هاڻي واهر ڪريو ته اسان به ڪتاب پڙهون۔
 
ڪڏهن ڪڏهن بئينڊ وڊٿ يا اڪائونٽ سسپينشن سبب به اهو مسئلو پيش ايندو آهي۔

اوهان چاهيو ته هن لنڪ تان به ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا۔
 
ڪجهه ڏينهن کان فائيل ڊن ويب سائيٽ پنهنجي مختلف رڪنن جا کاتا اپ گريڊ ڪري رهي آهي ان ڪري ڪجهه رڪنن جي اپلوڊ ڪيل مواد کي ڊائونلوڊ ڪرڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي۔۔۔
ڏسيل ڪتاب جو اضافي لنڪ ادا سليمان وساڻ طرفان ٻڌايو ويو آهي پر ممڪن آ ڊائونلوڊ لاءِ دوستن کي منجهائيندڙ لڳي۔۔۔ ان ڪري ڏسيل ڪتاب کي هن ڊائريڪٽ لنڪ تان پڻ ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔۔
 
Back
Top