دوستو حق! اُميد ته سڀ چاڪ چڱا ڀلا ھوندا :yahoo: دوستو ڪجھ ڏينھن لا مان ڳوٺ ويل ھيس سنڱت ساٿ سان سنڌ ۽ سنڌ جي قومپرستن توڙي اقتدار لا ويڙھ وڙھندڙ پارٽي ۽ مذھبي عقيدن تي جام بحث ٿيو :hitwall: مان دوستن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دوستن مونکي، ڳوٺ جا حال ڪھڙا ٻڌائي ڪھڙا ٻُڌايان؟ سنڱت قسم ان ذات جو جنھن پوري دنيا کي تخليق ڪيو آ ڪا رات خالي نه ھُئي چورن ئي چور!! غريب مزدور ھاري ويچارو سڄو ڏينھن ڪم ڪار ڪري واپس اچن ۽ واپس اچي رات جو سُک جي نينڊ به ڪون ڪري سگھن افسوس افسوس ڀلا افسوس ئي ته توھان ۽ منھنجي وس ۾ آھي؟ ٻيو ڀلا اسان ڪھڙا ڦاڙھا مارائينداسين؟ سڀني دوستن قوم پرستن جي سخت لفظن ۾ مخالفت ڪئي ۽ مونکي پڻ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ايتري قدر جو بابا سائين جن به مونکي منع ڪئي ته پُٽ جيئي سنڌ ٻنڌُھ ڪجھ ڪون آھي ٽوپي اجرڪ کڻڻ جي اجازت نه ڏنائين چيائين ته ڪنھن سان به ڪراچي ۾ اُٿھ ويھ نه ڪر :no: بابا سائين جن تجربي آھر صلاح سٺي ڏني امڙ پڻ تاقيد ڪيو ته پُٽ پنھنجو خاص خيال رکندو ڪر ھيڏي ھوڏي ڌيان سان ويندو ڪر منھنجون دعائون ھميشه تونسان گڏ آھن ھھڙي امڙ :chilli: خير دوستو ڳوٺ جو چڪر خير سان لڳائي آياسين، باقي جھڙي منھنجي ڳوٺ جي حالت آھي تھڙي تقريبن سڀني ڳوٺن جي ھوندي ذاتي دشمنيون خانداني اختلاف سنھيون ٿلھيون کوڙ ڳالھيون جيڪي مونکي مٿي ۾ سور وجھندو آھن۔ [/IMG] اوھھھ!! ھڪ ڳالھ وسري وئي، سائين سليمان وساڻ جن لا سائين معزرت پيرررررن تي ھٿ۔
جواب: شل سنڌ ۽ سنڌي سکيا رھن۔ عاشق سائين واپسي تي ڀليڪار مونکي اميد هئي ته اوهان سکر ايندي مون ڏانهن ڳوٺ ضرور ايندا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر خير آ ۔۔۔۔ پريشان نه ٿي ڀائري ۽ دوستي ۾ حساب ڪتاب ناهي ڪبو۔ وري ڪنهن ٻئي دفعي ملاقات ڪبي۔ مان به ڳوٺ هيس ته ڪجهه عجيب ڳالهيون ٻڌي ، ماڻهن جي حالت ڏسي ۽ خيال ٻڌي نااميدي وڌندي رهي۔ شهرن جي حالت خراب، امن امان جو مسئلو، ماڻهن مان برداشت ختم، ماڻهن کي مان ۽ مرتبي ڏيڻ واريون روايتون آهستي آهستي ختم ٿينديون پيون وڃن ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر پوء به مايوس نه ٿجي ۽ سٺي جي اميد رکجي۔ پنهنجي تبليغ جاري رکو ڪڏهن نه ڪڏهن ته اميد جو سج ضرور اڀرندو۔ ڇو ته ستارا هميشه انڌيري ۾ ئي چمڪندا آهن۔
جواب: شل سنڌ ۽ سنڌي سکيا رھن۔ ڀلو يار ڀلو ۔۔۔۔ سنڌ ۾ ويٺا آهيو، انڪري مهيني ماسي يا اڃان به تڪڙو، پنهنجي گهر وڃي، ڳوٺ جي ماڻهن سان ملي، دوستن سان ڪچهريون ڪري، ننڍپڻ جي پيچرن تان گذري اچو ٿا ۔۔۔۔ واڌايون ۔۔۔ ڌرتي پيرن هيٺان هجڻ ۾ انسان ڪيترو تڪڙو رهي ٿو، صحتمند رهي ٿو، انجو حوال اسان پرديسن کان پڇو ۔۔؟؟ باقي سنڌ جي جيڪا حالت آهي، ان ئي سبب ته سنڌ سنڌ ويٺا ڪريون، ڀلا چريا ته نه ٿيا آهيون جو اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريون ته سنڌ هڪ امير ترين ڌرتي آهي پر افسوس جو وارث ڪسمپرسيءَ ۽ جهالت جي زندگي پيا گهارين ۔۔۔ نه انصاف، نه نظام ، نه سماجي ترقي ۔۔۔ انڌيرو ئي انڌيرو آهي ۔۔۔ سج جي اڀرڻ جي آس آهي سٺو احوال ۔۔۔ خئيرن ۾ هجو هميشه
جواب: شل سنڌ ۽ سنڌي سکيا رھن۔ واھ سائين واھ! سنڱت ياري دوستي نڀائڻ تو ڪو اوھان وٽان سکي۔ سکر يا اوھان جي ڳوٺ نه اچڻ جو ڪو اھڙو خاص سبب نه ھو بس ڪجھ پنھنجي ٿڌائپ ھُئي۔۔۔۔۔ھڪ دفعو وري معزرت سھڻا سائين