عرفان ديشي
سينيئر رڪن
سنڌ صدين کان هڪ الڳ مذھب توڙي پنهنجي سونهن ۽ پاڻ مڃائيندڙ قدرتي وسيلن سان مالا مال ڌرتي آھي جنهن سونهن، کان وٺي هر شي تائين ڪنهن جي به ڪمي ناهي پر ڪجھ مخلص ماڻهن جي نا اهلين ڪري اڄ اھا سونهاري ڌرتي رت جا ڳوڙھا روئي ويٺي۔
ڪجھ ڏينهن اڳ فيسبوڪ تي ادبي دوستن ۾ ڪنهن هڪ بيڪار فرد جي ڪري اختلاف فهلا جنهن م مخالف ماڻهن موقعي جو فاعدو وٺي مسعلي کي سلجهائڻ بجا ان جو غلط فاعدو ورتو جنهن جي ڪري سُٺا ليکڪ سهڻا ناميارا دوست اسان کان جدا ٿي ويا،
اڃا اهو مسعلو ل ئي نه ٿي سگهيو هو ته اچانڪ قومپرست تنظيمن جي دوستن ۾ وري ڪجھ ڳالهين اچي ويڇا وڌرايا، انڪري قومي دوست هڪ ٻئي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا رهيا ان سبب به ڪيترائي قومي ۽ سُٺي سوچ رکندڙ آزادي پسند سنڌي دوست اسان کان جدا ٿي ويا۔
اهي ٻئي مسعلا اڃا جاري ئي آهن ته اچانڪ فيسبوڪ تي مذهبي مُلن جو اچي ميڙاڪو لَٿو آھي جن جي غلط روين ۽ پاڻ مڃائڻ واري چڪر اسان کي سُٺا قومي دوست مذهب واري پاسي ڇڪي ورتا آهن، اڙي بابا اسان صوفي ماڻهون اسان جو مذهب سان وڃي ڇا۔۔۔؟؟؟ ڀلا ڪڏهن آزادي پسند به مُلا ٿيا۔۔۔؟؟ اڃا ملو آزادي پسند ٿئي ته ڳالھ کي مڃجي ته ها واقعي ئي دَم آھي ڳالھ ۾، جنهن سبب ڪجھ دوستن ته اهڙا رويا اختيار ڪيا جو منهنجي رهبر سنڌڙي جي سونهاري سيد سائين جي ايم سيد کي به مذهبن جي وچ ۾ آڻي ڪجھ گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا ان سبب به ڪجھ دوستن فيسبوڪ تان الوداع ڪئي هاڻي مسعلو ان جڳھ تي پهتو آھي ته جو وات ڳاڙھا واهيات ماڻهون اچي فيسبوڪ تي سُٺن دوستن کي پري ڪري رهيا آهن آخر سهڻي سنڌڙي سان ايڏو اتساھ ڇو۔۔۔؟؟؟ ان جي پيارن گلن جهڙا ماڻهن سان ايڏو ساڙ ڇو۔۔۔؟؟؟ خبر ته پوي نٿي الهائي ڇا ٿيندو منهنجي سونهاري سنڌ جو
يا خدا ! منهنجي سهڻي سنڌڙي کي مُلن جي ڄار مان بچا