ڏاهن جا سخن۔اوهان جي نظر

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ڏاهن جا سخن،اوهان جي نظر۔

    ڪجھ ڏاهن جا سخن اسان کي پڙهڻ جو موقعو مليو ،اسان کي تمام گهڻا پسند آيا۔ڏسون ته توهان کي ڪيئن ٿا لڳن۔ محترم ميمبرن کي گذارش آهي ته هر ڪو ان تي پنهنجا مفيد مشورا ضرور ڏئي۔تاڪي ان سلسلي کي جاري رکيو وڃي۔

    (1) توهان حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪرڻ کان نه ڊڄو۔ڇو ته نه ڪوئي توهان کي موت ڏئي ٿو سگهي۔نه ڪوئي توهانجي رزق ۾ گهٽتائي ڪري سگهي ٿو۔

    (2) جيڪڏهن دنيا ۾ صرف سڪون هجئي هان،ته ماڻهون الله پاڪ کي وساري ويهن هان،سڪون ته صرف انهن ماڻهن وٽ آهي جيڪي الله پاڪ جي رضا کي پنهنجي رضا ٿا سمجهن۔

    (3) جنت جو منتظر نه رهو،پر اهو ڪم ڪريو جو جنت تواهانجي منتظر رهي۔

    (4) هميشه دعا گهريندا ڪيو۔ڇو ته ممڪن ۽ ناممڪن صرف اسان جي سوچ ۾ آهي۔رب العزت جي لاء ته ڪابه شي ناممڪن نه آهي۔

    (5) عزت ۽ رزق جو انحصار عقل تي نه پر صرف الله پاڪ جي مهربانين تي آهي۔انڪري الله سائين جي مخلوق تي مهربانيون ڪندا رهو،توهانجو رب پاڪ توهان تي مهربان رهندو۔ 

    (6) ڳوڙهن جو اکين مان نه نڪرڻ دل جي سختي جي ڪري هوندو آهي۔دل جي سختي گناهن جي ڪثرت جي ڪري ٿيندي آهي۔گناهن جي ڪثرت موت کي وساري ڇڏڻ جي ڪري آهي۔موت کان غفلت وڏي اميدن جي ڪري آهي۔وڏيون اميدون دنيا سان محبت جي ڪري پيدا ٿينديون آهن۔دنيا سان محبت هر گناه جي پاڙ آهي۔

    (7) الله ڪريم رزق جو وعدو سڀني سان ڪيو آهي پر بخشش جو وعدو سڀني سان نه ڪيو آهي۔پو ڇو ماڻهون رزق جي لاء ته پريشان آهن پر مغفرت جي لاء بي فڪر۔


    (8) هڪ آرٽيسٽ کي دل جي دروازي جي تصوير ٺاهڻ لاء چيو ويو۔هن تمام سهڻو گهر ٺاهيو،ان ۾ ننڍو خوبصورت دروازو لڳايو پر ان ۾ ٻاهر کولڻ لاء هينڊل نه هو۔ ڪنهن آرٽيسٽ کان پڇو ته هينڊل ڇو نه لڳايو اٿئوس۔ته ان آرٽيسٽ تمام خوبصورت ڳالھ چئي :- دل جو دروازو هميشه اندران کولندو آهي ۽ ٻاهرن نه،انڪري ٻاهرن هينڊل جي ضرورت نه آهي۔

    (9) سٺن رشتن ۽ تعلقات کي وعدن ۽ شرطن جي ضرورت نه هوندي آهي،پر ضرورت هوندي آهي ٻن سٺن ماڻهن جي ۔هڪ اهو جيڪو اعتبار ڪري ۔ٻيو اهو جيڪو ان اعتبار کي سمجهي سگهي۔

    (10) ڪو به پهاڙ توهانجي حوصلن کان وڌيڪ بلند/ اوچو نه آهي۔ڇاڪاڻ ته اهو توهانجي قدمن ۾ هوندو جيڪڏهن توهان انجي چوٽي تي پهچي ويندا۔


    (11) ڪڏهن به ڪنهن ٻئي کان همٿ افزائي جي توڪئو نه رکو۔بهترين ماڻهو جيڪو توهان جي همٿ افزائي ڪري سگهي ٿو،اهو اوهان جي اندر ۾ لڪل آهي،ڳولهيو ان کي ۽ تجربو ڪريو۔

    (12) (اي) قابليت ڪڏهن به لڪي نه ٿي سگهي۔
    (بي) ڪو به زخم بي عزتي کان وڌيڪ گهرو نه ٿو ٿئي سگي۔
    (سي) پريشاني/ ٽينشن جي پيدائش ،قابليت جو موت آهي

    (13) ڪنهن پڇو معاف ڪرڻ ڇا آهي؟
    هڪ ننڍي ٻار ڏاڍو خوبصورت جواب ڏنو :-اهو آهي مزيدار فروٽ جيڪو هڪ وڻ ڏئي ٿو جڏهن ان کي ڀترن سان زخمي ٿو ڪيو وڃي۔

    (13) فيملي هڪ مٺو الفاظا آهي،ڇاڪاڻ ته ان جا اکرن جي هيٺين معنئ به ڪڍي سگهجي ٿي
    (Father And Mother I Love You)


    (14) ڪڏهن به توهان پنهنجي نئين ڏينهن جي ابتدا پوئين ڏينهن جي ٽٽل ٽڪڙن سان نه ڪيو ڇاڪاڻ ته اهو يقينن تباه ڪندو توهانجو مزيدار آڄ ۽ برباد ڪندو توهانجو عظيم سڀاڻي۔

    (15) ڪمپرومازنگ/راضي نامي جو اهو مطلب نه آهي ته اوهان غلط آهيو ۽ هو صحيحي آهن،پر ان جو مطلب اهو آهي ته توهان قدر ڪيو / ترجحي ڏني پنهنجي رشتن ۽ تعلقات کي پنهنجي غرور (Ego) جي مٿان۔

    ميمبرس ٿئي سگهي ٿو ته هنن سخنن مان گهڻا اڳ۾ ئي توهانجي ناليج ۾ هجن پر هڪ دفعو وري توهان جي ڄاڻ کي مستحقم ڪرڻ لاء هت ونڍ ڪيا آهن۔ دعائن جو طلب گار توهانجو پنهنجو ڀاء۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڏاهن جا سخن۔اوهان جي نظر

    سائين تمام بهترين سکن آهن

    توهان جي ان شيئرنگ مان ته ڪافي دوستن کي سٺي معلومات ملندي

    لاجواب ونڊ آهي سائين
    جاري رکجو
    سدائين گڏ
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڏاهن جا سخن۔اوهان جي نظر

    ڪڏهن به ڪنهن ٻئي کان همٿ افزائي جي توقع نه رکو۔ بهترين ماڻهو جيڪو توهان جي همٿ افزائي ڪري سگهي ٿو، اهو اوهان جي اندر ۾ لڪل آهي، ڳولهيو ان کي ۽ تجربو ڪريو۔

    سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحٻ لک ٿورا اوهان خوبصورت ڳالهيون ونڊ ڪيون آهن۔

    انسان جيڪڏهن مثبت انداز سان سوچي ۽ انا کي ختم ڪري پنهنجي ذهني صلاحيتن کي استعمال ڪري ته جيڪر گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪري سگهي ٿو۔ ان لاء عمل ڪرڻ شرط آهي۔

    لاجواب شيئرنگ
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڏاهن جا سخن۔اوهان جي نظر

    محترم سائين ڏاھن جا سخن ونڊ جي مھرباني ھي سلسلو جاري رھڻ گھرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو