سنڌي قوم جي نوجوانن کي هڪ گذارش

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌي قوم جي نوجوانن کي هڪ گذارش

    [​IMG]

    [JUSTIFY]دنيا جا وڏا وڏا مفڪر، پنهنجي سڄي ڏاهپ گڏ ڪري جڏهن سوچ جي انتها تي پهچن ٿا ته رب جي آڏو سربسجود ٿي حق موجود جا نعرا هڻنٿا، پر اڄ جا ننڍا نوجوان، جن کي اڃان عقل جي ڏاڙهه به نه نڪتي هوندي آهي سي مذهب ۽ روحانيت کان انڪاري ٿي، هروڀرو پنهنجو پاڻ کي نقصان رسائيندا آهن ...

    مذهب جو تعلق روح سان آهي ۽ باقي دنيا جي سڀني معاملن جو تعلق جسماني ۽ طبعي ضروريات سان آهن ... قومي حق ۽ قومي نظام جي ڀلائي آڻڻ، قومن جي آزادي ۽ غلاميءَ سان، قومي ڦرلٽ سان، روحانيت ۽ مذهب جو ڪو تعلق ناهي ...

    ڪجهه ماڻهون، گروهه يا قومون مذهبي چولا پائي، انسانيت کي ٺڳيندا آهن ۽ ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ۽ ڪم عقل ماڻهون انهن ٺڳن ۽ چورن جي چوريءَ کان باغي ٿي مورڳو مذهب کان ئي باغي ٿي ويندا آهن.

    ظلم ، ظلم آهي، ... ڀل اهو ڪهڙِي به روپ ۾ ڪيو وڃي ... مذهب جي روپ ۾ ، قومي برتريءَ جي روپ ۾ يا مالي برتريءَ جي روپ ۾ ... روحانيت انهن سڀني ظلمن کي نندي ٿي ۽ انهن کي ختم ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿي.

    ۽ جيڪي قومون پنهنجي حالت پاڻ نٿيون بدلائن انهن جي حالت الله به نٿو بدلائي ... سنڌي قوم کي قومي معاملن کي سمجهڻو پوندو ۽ ايڪي، اتحاد ۽ فڪري مضبوطيءَ سان هن ڌٻڻ مان نڪرڻو پوندو ...

    سگهارا ظالم چاهنٿا ته سنڌي قوم مذهب جي نانءَ ۾، سياسي نالن ۾ ۽ مختلف فڪري لاڙن ۾، بدامني ۽ مالي ڪسمپرسيءَ جي حساب ۾ هڪٻئي سان وڙهندا رهن ۽ پنهنجا سماجي قدر ڪيرائيندا رهن ... انڪري هو وقت به وقت ننڍا وڏا مسئلا کڙا ڪري، سنڌين جي غلاميءَ کي آخري درجي تائين پهچائڻ گهرن ٿا ...ڌاريو سامراج اڻڳڻيا مسئلا اڀاري انهن کي اسانجي سامهون آڻي، سنڌي پرست دوستن جو وقت ضايع ڪري ٿو.

    وڏي سمجه ويچار ۽ مضبوط ارادن جي ضرورت آهي هن وقت سنڌي قوم جي نوجوانن کي ... هروڀرو مذهبي مخالفت ۾ ڦاسي، قوم کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، مقصد سنڌ جي آزادي ۽ خوشحالي هجڻ کپي نه ڪي مذهبي تفريق وڌائڻ ۽ انجي ورن وڪڙن ۾ ڦاسڻ.

    دنيا جون سموريون قومون مختلف مذهبن ۾ ورهايل هجن ٿيون، سڀني قومن ۾ هر قسم جا مذهب موجود آهن، پر انهن جا اهي مذهب سندن روحاني خوشيءَ لاءِ هوندا آهن نه ڪي هڪٻئي کي مارڻ يا قتل ڪرڻ لاءِ ... انڪري هر قوم وٽ سياسي قومي نظام الڳ آهي ۽ مذهبي ادارا الڳ آهن. قوم آزاد، خودمختيار ۽ خوشحال ٿيندي ته اهي مسئلا ٻي درجي تي اچي ويندا آهن ... ۽ قوم جي منزل طبعي آسودگيءَ طرف رهندي آهي، جنهن سان ان قوم ۾ ڀلايون ۽ چڱايون اينديون آهن، ۽ برايون ۽ بڇڙايون ختم ٿي وينديون آهن ...

    اميد ته ڏاها دوست منهنجي هن پيغام کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ پنهنجي نظر منزل تي رکندا.
    [/JUSTIFY]
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي قوم جي نوجوانن کي هڪ گذارش

    سائين مان اوھان جي ڳالھائين سان اتفاق رکندي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس اوھان جي ھي پوسٽ تمام سٺي لڳي ۽ عمل لائق آھي، صرف عمل ئي نه پر ھن پوسٽنگ کي جيترو ونڊ ڪجي اوترو ڀلو ٿيندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مھرباني اوھان جي ھر پوسٽ مان ڏاھپ واري ھوندي آھي ۽ عمل لائق۔
     
  3. Mustafa Mangrio

    Mustafa Mangrio
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 نومبر 2010
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌي قوم جي نوجوانن کي هڪ گذارش

    تمام بهترين ادا عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا سين
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي قوم جي نوجوانن کي هڪ گذارش

    شل الله پاڪ اسان جي قوم جي نوجوانن کي ساڃهه ڏئي۔۔۔ هروڀرو ذاتي جهڳڙن، مذهبي تعصب ۽ اناپرستيءَ جي ڪري هڪ ٻئي کي قتل ڪرڻ جي پٺيان آهن۔۔۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي قوم جي نوجوانن کي هڪ گذارش

    سائين نثار سدا خوش رهو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان جو پيغام ڪالهه کان وٺي هر هر پڙهندو رهيو آهيان ۽ سوچيان پيو ته رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا پر هنن جي ٻولي اهائي ٻي ۔۔۔۔۔۔۔ سنڌي ماڻهو ذاتي ۽ انا جي جنگ مان نڪري ناهي سگهيو ۽ اهائي اسان جي ناڪامي جو وڏو سبب آهي۔ اسان نه ته مذهب ۽ نه ئي وري صوفي ازم جي پرچار کي سمجهي سگهيا آهيون۔ نتيجو اهو ٿو نڪري جو غلط فهميون ۽ عدم برداشت سبب ڳالهيون، بحث ۽ مڪالما ذاتيات تي هليا وڃن ٿا ۽ نتيجي طور استعمال ڪيل غير اخلاقي ٻولي ماڻهو کي انتها تي پهچائي ڇڏي ٿي۔ جنهن ۾ هو ماڻهن جي محبوب رهنمائن کي به نشانو بڻاين ٿا، مان هتي سنڌ جي هڪ ڏاهي امر جليل جون ڪجهه سٽون پيش ڪندس

    انا جي جنگ ۾ هارايل رشتا وري ناهن جڙي سگهندا. انا جي تسڪين عارضي هوندي آهي. ان عارضي تسڪين تان عظيم ۽ خوبصورت رشتا قربان ڪرڻ وارن ماڻهن جي آجيان سدائين اڪيلائين ڪئي آهي.
    امر جليل

    [​IMG]

    ڪڏهن ڪڏهن اهڙي انائن جي جنگ کان پاسو ڪري خاموش ويهندا آهيون ۽ جڏهن وري ماحول ٿڏو ٿيندو آهي ته واپسي شروع ڪندا آهيون۔ ڪي دوست اسان جي اهڙي عمل کي بزدلي ۽ ڀاڄوڪڙ چئي اڪسائيندا آهن پر اسان جي سوچ پنهنجي آهي۔ اڄڪلهه به اهڙي ئي حالتن مان گذر ٿي رهيو آهي۔

    اوهان جون ڳالهيون اسان لاء سدائين رهنما رهيون آهن، اوهان جو مٿيون ڳالهيون به دل سان هنڊائڻ جهڙيون آهن۔ عمل ڪري يقينن اهڙي باهه کان بچي سگهجي ٿو جنهن ۾ ڪنڊا ڪڍڻا پون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو