دانشمندي جي دعوى ۽ پاڳلپڻي جي انتها ٽيون ڏينهن آمريڪا جي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن جو هڪ بيان پڙهڻ کان پوءِ آءُ مجبور ٿيس ته ان بيان جي جواب طور ٻه ٽي سٽون لکان. جيئن ئي سمجهڻ واري حد تي پهتا سين ته ڪجهه مذهبي ڌرين طرفان عجيب ۽ غريب ڳالهيون اسان جي سماعت سان ٽڪرائجڻ لڳيون جن تي عجب سان گڏ کل به ايندي هئي ته ڪهڙي نموني سان آدم ڄائي جي ذهن ۾ مذهبي تعليم جي آڙ ۾ فضول ۽ اجاين عقيدن کي پروان چڙهايو ٿو وڃي ۽ اها اهڙي ڳالهه آهي جنهن کي ڪو به عقلمند قبول نه ڪندو ڳالهه دراصل اها هئي ته انهن مذهبي انتها پسندن جو نظريو اهو آهي ته مري ويل تي روئڻ نه گهرجي ان ڪري جو اگر اسان مري ويلن تي روئيندا سين ته انهن جو عذاب اسان جي روئڻ جي ڪري ٻيڻو ٿي ويندو جڏهن ته ان نظرئي کي ڪو به عقلمند قبول نه ڪندو ان ڪري جو هڪ ته روئڻ انسان جي فطرت ۾ شامل آهي جيڪڏهن ڪو پيارو وڇڙي ويندو ته يقينن انسان کي ڏک ٿيندو ۽ نتيجي ۾ انسان جي اکين مان لڙڪ به وهندا ٻيو اهو ته اسان جي روئڻ جو مرڻ واري جي عذاب جي وڌڻ سان ڪهڙو تعلق آهي. بلڪل به اهڙي طرح آمريڪا جو بيان جاري ٿيو جنهن ۾ دانش جي اعلى درجي تي پهتل آمريڪا سرڪار جي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن صاحبه چيو ته پاڪستان کي ايران سان ڪو به معاهدو نه ڪرڻ گهرجي ان ڪري جو اسان ايران تي پابنديون عائد ڪيون آهن ۽ اگر پاڪستان ايران سان گئس وارو معاهدو ڪيو ته اسان جي قانون تي اثر پوندو سو منهنجو عرض اهو آهي ته ڪٿي آمريڪا ڪٿي پاڪستان ۽ ٻيو اهو ته ٻن ملڪن جي معاهدي سان آمريڪا جي قانون تي ڪهڙو اثر پوندو سو هاڻي اسان کي انهن مذهبي انتها پسندن جي اها ڳالهه وڌيڪ سمجهه ۾ اچڻ لڳي آهي ته جيڪڏهن مري ويل تي روئيندو ته ان کي ٻيڻو عذاب ملندو ان جو مطلب صرف اهو آهي ته پنهنجي مفاد کي حاصل ڪرڻ لاءِ شيطاني قوتن جا اهي حربا پراڻا آهن ته ماڻهن جي ذهنن کي خراب ڪيو وڃي غلط ۽ بي بنياد ڳالهين کي به اهڙو رنگ ڏئي پيش ڪيو وڃي جو ڄڻ انهن کان ٻاهريان ڪا حقيقت ئي نه هجي، هاڻي آمريڪا سرڪار کان سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ايران سان معاهدي تي عمل ٿو ڪري ته هزارين ماڻهو روزگار سان لڳندا ٻن ملڪن جي خوشحالي ٿيندي تنهنجي قانون سان ان جو ڪهڙو تعلق آهي جو تنهنجي قانون تي غلط اثر پوندا تنهن ڪري خدارا پنهنجي دانشمندي کي پاڻ تائين ئي محدودو رکو. ٻيو اهو ته ڪجهه ڏينهن پهريان آمريڪا ۾ ڪانگريس وارن بلوچستان جي آزادي لاءِ بل پيش ڪيو آهي جيڪو اسان جي حڪمرانن جي پاليسين لاءِ هڪ سواليه نشان آهي ته هڪ آزاد ملڪ پاڪستان ۾ هن مهل تائين ڇو اهڙي جامع پاليسي جوڙي نه وئي آهي جنهن سان ملڪ ۾ رهندڙ سڀني قومن کي احساس محرومي جهڙي عظيم مصيبت کان بچائي سگهجي ٻئي طرف کان آمريڪا ڪير ٿيندو آهي ٻين آزاد ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ وارو، ان جڳهه تي آءُ مولانا فضل الرحمان ۽ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي بيان کي ساراهيندس ته انهن ان مسئلي تي بهترين بيان ڏنا آهن مولانا فضل الرحمان اهو چيو ته آمريڪا پهريان پنهنجي انهن درجن کن رياستن کي ته آزاد ڪري جيڪي ڪيترن ئي سالن کان آمريڪا کان آزادي جو مطالبو ڪري رهيون آهن پوءِ ٻين آزاد ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪندي قراردادون پيش ڪري، جڏهن ته وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني اهو بيان ڏنو ته آمريڪا اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪري اسان بهتر ڄاڻيون ٿا ڪنهن سان معاهدو ڪريون ڪنهن سان نه ڪريون. هئڻ به ائين گهرجي اسان جي حڪمرانن کي پهرئين نمبر تي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي بهتري نظر ۾ رکڻ گهرجي تنهن کان پوءِ خارجه پاليسي جوڙڻ گهرجي جيڪا ملڪي ۽ قومي مفادات سان ٽڪرائيندڙ نه هجي جيڪڏهن اسان جي حڪمرانن ائين ڪيو ته انهن حقيقي معني ۾ قوم جو قرض به لاٿو ٻئي صورت ۾ اهي قوم جا قرضي آهن جن کي ڪنهن به صورت ۾ معافي نه ملندي ۽ پنهنجي بري آخرت جو انتظار ڪن.