ڌرتيء جي مهان شاعر شيخ اياز جي جنم ڏينهن تي ڀيٽا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]سنڌ سلامت سٿ پاران ڌرتيء جي مهان شاعر شيخ اياز جي جنم ڏينهن تي کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي۔ شيخ اياز دنيا جو اهو شاعر آهي جنهن جي شاعري شايد دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيل آهي۔ اياز جا شاعري تي تقريبن 60 ڪتاب ڇپيل آهن۔ [/JUSTIFY]

    [​IMG]

    اياز جي جنم ڏيهاڙي تي....
    امداد سومرو

    [JUSTIFY]هر وڏو آرٽسٽ تضادن ۽ تڪرارن سان ڀريل هجي ٿو. هن جي زندگي ۾ توڻي هن جي پڄاڻان هن جي ذات ۽ هن جي ڏات ٻئي تنقيد، تبرن ۽ تبصرن سان ڀريل هجن ٿيون. هر وڏي آرٽسٽ وانگر اياز جي ڏات ۽ ذات تڪرارن سان ڀريل رهي آهي ۽ اها ايتري شدتن سان لکي ۽ ڳالهائي پڻ وئي آهي.

    ڇا آئين اسٽائين تي هر ڪو متفق آهي ته هو صحيح آهي؟ اڄ اسٽيفن هاڪنگ حيات آهي ۽ سڀاڻي جڏهن هو زنده نه هوندو ته ڇا متفقيه مقدس ڦرهي ٿي ويندو ۽ ڪير به هن جي بگ بينگ واري ٿيوريءَ تي نه ڳالهائيندو؟ اڄ به جارج آرويل جو ڪردار ان شڪ هيٺ آهي ته ڪٿي هو ڪميونسٽ بلاڪ خلاف سي آءِ اي هٿان استعمال ته نه ٿيو هو؟

    جيترو وڏو آرٽسٽ اوترو تضادن سان ڀريل هجي ٿو. ۽ لازم نه آهي ته هر وڏو آرٽسٽ پاپولر به هجي. وقت ئي ڏات جي امرتا جي آخري پرک هجي ٿو. سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ پاپولر شاعر ڪيسيٽي شاعر آهن. ان حساب ۾ انور قمبراڻي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿيو ۽ اياز ننڍو شاعر ٿيو. آرٽ پاليٽڪس نه آهي. پر پاليٽڪس کي آرٽ جي ضرورت هجي ٿي. آرٽسٽ کي اليڪشن کٽڻي نه ٿي هجي جو هو اها شاعري ڪري جيڪا هر ڪنهن کي وڻي. مار ڌاڙ سان ڀريل فلم باڪس آفيس تي هٽ وڃي ٿي ته ڇا ستيه جيت ري جي فلمن کي ڪا به پائندگي ناهي. عظيم آرٽ جي تور تڪ جو معيار ڪنهن به صورت ۾ دهلاري انداز ۾ ظاهر ٿي نه ٿو سگهي.

    دنيا ۾ وڏن پبلشنگ ادارن وٽ ايڊيٽرن ۽ ايڊٽنگ جو ڪلچر آهي. درجنين ايڊيٽرن جي لانڍ مان ڪتاب نڪرڻ کانپوءِ فائنل ٿيندو آهي. نيلسن مينڊيلا جي يادگيرين کي سهيڙي ڇپائڻ ۽ ان کي ايڊيٽنگ جي مرحلي مان گذارڻ لاءِ پوري فائونڊيشن جڙيل آهي جن ۾ وڏا پروفيشنل ايڊيٽر ويٺل آهن. انهي سخت پرک بعد جڏهن ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته اهو نقادن جي الڳ ور چڙهيو وڃي. ان تنقيد کي ايندڙ ڇاپي ۾ گنجائش ڏني ويندي آهي.

    اياز جي اوائلي ڪتابن تي صرف هڪ شخص ۽ سنڌ جي عظيم مدبر سائين محمد ابراهيم جويو جي نظر رهي ۽ اهي ڪتاب پنهنجي ترتيب ۽ ايڊيٽنگ جي معيار کان لاجواب آهن. جويو صاحب جي هٿن مان ڪتاب نڪتو ته اياز به مطمئن. پر اياز جي وفات کان جلد پوءِ اياز جي ئي هڪ سنگي ساٿي هن جي بايوگرافي جو رهيل واليوم تڙ تڪڙ ۾ ڇپايو. اهو ڪتاب اڄ به موجود آهي ۽ ان جي هڪ سٽ به غلطي کان خالي ناهي. ان واليوم کي جويو صاحب جو هٿ لڳل نه آهي ۽ ايئن اياز جا پويان ڪتاب جويو صاحب جي نگاهه ڪرم مان نڪتل نه هجڻ ڪري اهي جهول ڇڏي ويا آهن جيڪي اياز جي اڳوڻن ڪتابن ۾ نه آهن.

    ساڳي تڪڙ ۽ اٻهرائي اسان جي دوست ۽ اياز کانپوءِ جي سنڌ جي وڏي شاعر (حالانڪه ان سرٽيفڪيٽ جي پڻ ضرورت نه آهي) حسن درس جي ڪتاب سان به ائين ڪيو ويو. محبت جي لازوال نظمن کي وهه آڇيو ويو. حسن سان شاعراڻو انصاف ٿيڻ گهربو هو ليڪن...... پاڻ ان موضوع کي اڳتي ڪو نه ٿا ڇيڙيون جو سنڌ ۾ هاڻ ڪجهه نيون روايتون اهڙيون جڙي چڪيون آهن جو جيترو گهٽ چيو ۽ لکيو وڃي اوترو بهتر. آرٽ ۽ آرٽسٽ ڪڏهن مسلڪ، فرقي ۽ ذاتي گروهه بنديءَ جي ڪسوٽيءَ تي پرکيا ويا آهن!؟ ساڳي ناانصافي اياز سان سندي سياسي ڪامريڊن ۽ دوستن به ڪئي. هن جي اها شاعري جيڪا صرف پروپيگنڊا طور استعمال ڪئي وئي، ان کي ئي پذيرائي ڏني وئي. اياز جي اها شاعري جنهن کي آر ڊي برمن يا ايس ڊي برمن جهڙن ڪمپوزرن جي ضرورت هئي ۽ عظيم آوازن جي ضرورت هئي اهي حاصل نه ٿي سگهيا. اياز کي ڪڏهن قومپرستن ته ڪڏهن ڪميونسٽن، ڪڏهن پيپلز پارٽي وارن ته ڪڏهن عوامي تحريڪ وارن پنهنجي پنهنجي نظرياتي فريم ورڪ سان ماپيو ۽ توريو. نتيجي ۾ هن جي ”رڻ تي رم جهم“، ”چنڊ چنبيليءَ ول“، ۽ ”ننڊ وليون“ جهڙن ڪتابن جي شاعري نه ته ڳائجي سگهي ۽ نه ادبي سياسي اسٽيج جو حصو ٿي سگهي.

    اها اياز جي آرٽسٽڪ مجبوري هئي جو هن پنهنجي فن جي وضاحت به پاڻ ڪئي ۽ ان جي تمثيل به کيس ٻڌائڻي پئي جيڪو ڪم اصل ۾ ڪنهن وڏي نقاد جو هو. ’انڌا اونڌا ويڄ‘ جهڙو پليجي صاحب جو شاندار ڪتاب اياز جي بچاءُ ۾ ته آهي پر ان جو پسمنظر ترقي پسند ۽ رجعت پسند بلاڪن جو پنهنجو تضاد ۽ ويڙهه هئي. اياز پنهنجي دؤر کان غافل آرٽسٽ نه هو. ان ڪري ان وقت هن جي شاعري ترقي پسند لڏي کان متاثر هئي. پر اياز ڪمال مهارت سان پنهنجي شاعريءَ کي نعريبازيءَ کان بچايو هو سواءِ ڳاءِ انقلاب ڳاءِ جهڙن ڪجهه نظمن جي. فيض صاحب ليفٽ بلاڪ سان سلهاڙيل هجڻ باوجود پنهنجي آرٽسٽڪ بلنديءَ تي ڪمپرومائيز نه ڪيو آهي (پر هن تي اڄ ڏينهن تائين سندي آبائي ڳوٺ جي مسجد لاءِ چندو ڏيڻ کان اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ مغربي پاڪستان جي فوج (پڙهو پنجابي) جي ملٽري ايڪشن جي مبينه حمايت ڪرڻ تائين تنقيد هلندڙ آهي ۽ هو ان کان آجو نه ٿي سگهيو آهي. جيئن اياز تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ٿيڻ واري تنقيد هلندڙ آهي).

    ڪمال ڏات سان اياز پنهنجي سماج لاءِ ويڙهه به ڪئي آهي ۽ انتهائي آرٽسٽڪ نموني هو پنهنجي ماحول ۽ هجومن کان پري ٿي پاڻ بچايو به آهي. هن هڪ بين الاقوامي برادري جوڙي هئي. هڪ ذهني بين الاقوامي برادري جتي شاعر مينڊالسٽام آهي، ناظم حڪمت، نرودا، لورڪا ۽ دنيا ڀر جا آرٽسٽ، شاعر ۽ اديب آهن. انقلابي آهن. موسيقار ۽ مصور آهن. ڪنهن به صورت ۾ اياز جي شاعري انهي انٽرنيشنل سطح کي رسي ٿي جتي آرٽ ڪنهن قوم جي شناخت ۽ جاگرافيائي حدن کان نڪري ويندي آهي. لطيف ۽ اياز جي شاعري سنڌ مان اسري ۽ سنڌي ٻولي ۾ ڪئي وئي پر اها صرف سنڌ وارن جي پراپرٽي نه آهي. هاڻ اها بين الاقوامي ورثو آهي.

    ”اڻويهه سو سترهن جي وڻ مان پن ڇڻن ٿا“، ان قسم جي شاعري ڪري اياز هڪ ٻي دنيا ڏيکاري هئي. ’قرطبه ۾ ٿا لٽن، لورڪا جي لاش کي‘، اهڙا نظم هڪ اجنبي شاعر جي باري ۾ پر اهو اياز جي ڏات جو ڪمال هو جو اهي اسان کي اوپرا نه لڳا ۽ اسان جي اها تمنا ته اسان اهي پڙهي سگهون.

    هميشه هي نظم مون کي اياز جي شاعراڻي تصور جي باري ۾ حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي:

    تازي ڄايل
    ٻار جي اکڙين وانگر آيل
    ٻوٽيل آهي
    مستقبل ڄڻ منهنجي مَن ۾.


    اهو به اياز کي لکڻو پيو هو جو ٻيو سنڌ ۾ ڪير نه هو جو اهو هن لاءِ لکي ها: ”هر عظيم آرٽسٽ پنهنجي سماج لاءِ به آهي ۽ پنهنجي سماج کان بغاوت به آهي“.

    هن جي انتهائي sensual شاعري آهي ان کي اهڙي ئي موسيقي ۽ آواز جي ضرورت آهي. ”تنهنجي آلي سيني تي اي اتاولي، منهنجا چپ لوڻ لوڻ آهن“، وغيره ان قسم جي نظمن سان اياز جو بياض ڀريل آهي، پر جي جيئي سنڌ وارن کان پڇندؤ ته هو ’سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نوايان‘ کان مٿي نه چڙهندا. اهڙي شاعري جي ضرورت انقلابي جماعتن کي پوندي آهي ۽ ان ڪجهه به غلط ناهي. پر اياز جي شاعريءَ جو وڏو خزانو جينئس موسيقار جي هٿن جو هميشه متلاشي رهيو آهي.

    ملڻ لاءِ ته اياز کي پڇاڙيءَ ۾ مولانا موسيٰ ڀٽو به ملي ويا. پر اياز کي فٽز جيرالڊ (Fitz Gerald) ۽ ايڊي ويڊر Eddie Vedder جي ضرورت آهي. (حسن درس جي محبت جي شاعري کي به اهو بين الاقوامي ٽچ آهي).
    ممنوعه علائقي جهڙي ديس جو شاعر هوندي اياز فرد جي آزادي جي ڳالهه ڪئي ۽ محبت جي ڳالهه ڪئي. ۽ عظيم شاعرن جو جنم آزادي ۽ محبت وارن قدرن سان ئي سلهاڙيل هوندو آهي ۽ وڏي آزادي ذهني آزادي هوندي آهي؛ اندر جي آزادي هوندي آهي. اياز جي شاعري هر قسم جي آزادي لاءِ تڙپ ۽ محبت جي گونج آهي.

    آنءُ جو آواز آهيان
    زندگيءَ جو راز آهيان
    ٿو وڃان دور تائين
    روڪ جي روڪي سگهين. (اياز)
    [/JUSTIFY]

    روزانه عبرت جي ٿورن سان

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڌرتيء جي مهان شاعر شيخ اياز جي جنم ڏينهن تي ڀيٽا

    سهڻي محترم اياز شيخ کي ڪهڙي ڀيٽا ڏجي ۔۔۔ اکين ۾ به ايترو سمنڊ ناهي جو وهائجي ۽ سنڌ جي سهڻي ڪردار جي ڀيٽا پوري ٿي سگهي ۔۔۔۔۔

     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڌرتيء جي مهان شاعر شيخ اياز جي جنم ڏينهن تي ڀيٽا

    سھڻا سائين تمام بھترين ڀيٽا!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو