ادا نرمل اسلام عليڪم،توهان شاه صاحب جا جيڪي ٻه خوبصورت بيت پنهنجي وڻندڙ ڍيزائن سان هن اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽيا آهن،معاف ڪجو "سُر ڪلياڻ" مان نه پر "سُُر يمن" جي داستان نمبر پهرين ۽ ٻئي مان آهن۔
شاه سائين جي سُر يمن جي پهرين داستان جو موضوع آهي "درد"جنهن جو بيان شاه صاحب گهڻي ڀاڳي پنهنجي اندر جي حال واري ڪيفيت جي حوالي سان اوريو آهي ۽ پڻ ان سان گڏ تصوف جي لحاظ سان درد جي روحاني حقيقت سمجهائي آهي،هيٺين انداز ۾۔ 1اي منهنجا حبيب!تون ئي منهنجو طبيب آهين۔تون منهنجي درد جي دوا آهين۔منهنجي اندر ۾ ڪيئن سور ۽ آزار آهن پر دوائون به تڏهن اثر ڪنديون جڏهن تنهنجو حڪم ٿيندو۔منهنجيون توکي ئي التجائون آهن جو ٻين کان علاج ٿيندو ئي ڪونه۔اي پيارا پرين منهنجا ڌڻي!تون ئي درد ڏيندڙ ۽ لاهيندڙ آهين،پر عجب اهو جو وري ويڄ ۽ طبيب آڻي وچان وهارين!
2پيارو محبوب پاڻ ئي پنهنجن عاشقن جو علاج ڪرڻ ٿو گهري ۽ انهيءَ ڪري ئي ٻيا حڪيم ۽ طبيب جيڪي حيلا ڪن ٿا ۽ ڦٽيل عاشقن کي پٽيون ٻڌن ٿا سي ٽوڙي ڇڏي ٿو۔پياري محبوب جي ڪاوڙ ۽ رضا واري رسم نرالي آهي:سندس "قهر" ڪرم جي برابر آهي،سندس "سڏڻ" تڙڻ جي برابر آهي ۽ سندس "ڇنڻ" ڳنڍڻ برابر آهي۔سو جي محبوب عاشق کي ڪهندو ۽ قتل ڪندو ته پرگهور به پاڻ ڪندو۔
3سچا عاشق سدائين محبوب جي ڏنل درد ۾ آهن، پر عام کي ان جي ڪهڙي ڪَل! سگهن کي ڪهڙي خبر ته اگهن جون گهڙيون ڪيئن ٿيون گذرن!عاشق پنهنجيءَ پر ۾ پيا پنهنجن زخمن تي پٽيون ٻڌن پر ٻئي ڪنهن کي ڪين ٿا ٻڌائن ته ڪو کين آزار آهي۔هو سور ۾ مخمور آهن جو اهو سور ئي کين محبوب جي حضور ۾ پهڄائڻ جو وسيلو آهي۔عاشقن جي نگاه محبوب سان ملڻ واري پنهنجي آخري مقصد تي آهي:هو سڀ سور سختيون سهي اها مراد پنهنجي ساه سيني ۾ سانڍين ٿا ۽ آخر وڃي اها مراد ماڻين ٿا۔
4 آءّ ڀلا انهن تي ڪيئن وسهان جن ۾ سڄڻ جي سڪ ۽ فراق واري درد کي سهڻ ۽سانڍڻ جو حوصلو ئي ڪونهي،۽ جيڪي روئي پيا ساري ڏيھ کي ڏيکارين محبوب جن جي من ۾ آهي سي نڪي ٻين آڏو رئن ته نڪي ٻين کي پنهنجو حال ڏين!جن کي محبوب پاڻ درد ڏنو آهي تن جو ٻيا ڪهڙو علاج ڪندا!
5 جن پيارن پرين مونکي زخمي ڪيو۔منهنجا ويڄ به سي ئي ٿيا۔ويڄن ته ويٺي علاج ڪيا پر ڦٽ تڏهن ڪڙيون ٻڌڻ ۽ ڇُٽڻ لڳا جڏهن پيارو پرين پاڻ پير ڀري آيو۔سندس اچڻ سان سڀ سور ۽ آزار ڀڄي پري ٿيا۔پيارو پرين اکين جي ماڻڪين کان به مون کي وڌيڪ ويجهو آهي ۽ هوءِ ئي منهنجي هر درد جي دوا آهي۔ويچارا طبيب ته مُنجهي پيا ۽ مرض سڃاڻي ئي نه سگهيا:درد ته دل ۾ ئي آهي۔جڏهن کان منهنجي حقيقي محبوب هڪ ڀيرو مرڪي پڇيو ته :ڇا آءُ اوهان جو ڌڻي ناهيان؟ ( منهنجي روح مڃيو ۽ چيو هائو،پر پوء جڏهن پنهنجي ڌڻيءَ کان جدا ٿيو )تڏهن کان فراق وارو درد شروع ٿيو; وڇوڙي ۾ درد واري اها سِڪَ ۽ ڇِڪَ تڏهن کان وٺي هلندي اچي۔
ادا آفتاب کانهارو المعروف نرمل صاحب اسلام عليڪم۔ادا سائين شاه صاحب جي شاعري اسان کي تمام گهڻي سٺي لڳندي آهي ۽ ڪاليج ۽ ان کانپوء پسنديد ٽاپڪ رهيو آهي۔۔انڪري ڪوشش هوندي آهي ته شاه صاحب جي رسالوجيڪي مختلف اديبن ۽ محققن لکيا آهن۔انهن کي پڙهجي۔ڪجه ٻين محققن کان علاوه سنڌ جي نامياري محقق ۽ شارح ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شآه صاحب جي شاعري /ڪلام تي هڪ جامع تحقيق ڪري شاه سائين جي رسالو 1999 ۾ علام قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد جي مدد سان پبلش ڪرايو هو۔جنهن ۾ شاه صاحٻ جو سُر يمن جو حوالو ڏيندي صفحي نمبر 154 ۽ 156 تي انهن ٻنهي مٿين بيتن جو ذڪر ڪيو آهي۔پهريون بيت داستان هڪ ۾ شامل آهي،جڏهن ته ٻيو بيت داستان ٻين ۾ ڏيکاريو اٿن۔اسان وٽ اسڪينر نه آهي انڪري توهان کي اهئي ٻئي پيج هن وقت ته اسڪين ڪري نه ٿا موڪلي سگهجن۔جيڪڏهن اوهان پنهنجي پوسٽل ايڊريس ٻڌائيندا ته اسان اوهان ڏي سُر ڪلياڻ ۽ سرُيمن جي باري ۾ تشريح جيڪا ڊاڪٽر صاحب جي لکيل آهي جون ڦوٽو ڪاپيون موڪلي سگهون تاڪي مٿيون ڪنفيوزن ڪليئر ٿئي وڃي۔ هميشه خوش رهو۔