ادا غلام مصطفي تصوير جو خيالي رُخ به هتي فقير جي تصوير رکڻ جو مقصد هيٺين ريت آهي مون وٽ معني وارو رسالو موجود ناهي جنهن سان آئون هن ڊيزائن کي اڃان وڌيڪ سمجهائي سگهان هان پر تنهن سبب هوندي به جيڪو مون هن بيت جي مشابهت سان فقير ڏيکاريو آهي ۽ اهو فقير جي پهريل ويس وارو ڪلر تصوف جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ سندس پنڻ کيس نفس کي ماري دنيا آڏو پني ٿو پيٽ اجهائڻ لا (پنڻ الله تعالى جي پاڪ ذات کان گهرجي) پر انسان پاڻ کي لڪائڻ جي ڪوشش لا نفس کي ماري دنيا کي ڏيکاريندو آهي ته آئون فقط هڪ پينو آهيان پر اصل ۾ روحاني طور هن جي رمز کان ته اسان جو خلقيندڙ ئي واقف هوندو آهي۔۔۔۔ ۽ ٽيون سندس ڪشتو (پرين جي اونهي وٽي) واري ڳالهه کي نمايان ڪري ٿو۔۔۔ ٿي سگهي ٿو شايد مان غلط هجان۔۔۔