شيخ اياز سال 2011 جي مفصل رپورٽ۔۔ پاران رضوان گل شيخ اياز جو نالو ته اڳ ئي ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي.. سنڌي ادب، سنڌ ۽ سنڌيت سان سندس محبت جو ثبوت طور سندس لکڻيون سڀني اڳيان وائکيون آهن.. پرهن سال سنڌي ادب جي سجاڳ ڌرين طرفان سال 2011 سندس نانء ڪري ثابت ڪيو ته اسان وٽ ليجنڊس جو قدر موجود آهي.. شابس هجي انهن سمورن دوستن کي جن سال 2011 کي شيخ اياز طور موٽ ڏني.. جن ۾ محمد سليمان وساڻ، ادا رضوان گل، ادا احسان دانش، لعل بخش ڪلهوڙو آغا ترين، مبارڪ جتوئي، جبار بوزدار، سجاد سرور ۽ وفا اسلم شامل آهن۔۔ هنن دوستن شيخ اياز جي شاعري کي خوبصورت رنگن سان ڪارڊ جي صورت بڻائي مختلف سائيٽس ۽ سوشل نيٽ ورڪ تي متعارف ڪرايو۔۔ سندن اهڙي ڪوششن سان هر عام ۽ خاص تائين شيخ اياز جو پيغام پهتو۔۔ مانائتو ڪالم نگار، شاعر، اديب ۽ سنڌ سلامت جو سينيئر رڪن محترم رضوان گل طرفان سال 2011 کي شيخ اياز سال طور وائکو ڪرڻ لاءِ ڪافي محنتون ۽ جتن ڪيا جن جا نتيجا ٻڌائن ٿا ته سندن مقصد ڪافي قدر ڪامياب ويو۔۔ تازو هن مڪمل سال جي هڪ پيرائتي رپورٽ وڊيو جي صورت ۾ بڻائي آهي۔۔ اڄ فيس بوڪ تي لڳل سندس هن وڊيو کي ڏٺم ته دوستن جي محنتن تي کين داد ڏيڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيس۔۔ سندن اهڙيون محنتون ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهن .. اميد ته سنڌي ادب کي وائکو ڪرڻ لاءِ سندن محنتون جاري ۽ ساري رهنديون..
[JUSTIFY]گذريل سال لاڙڪاڻي جي مهراڻ ادبي مرڪز پاران سال 2011 کي شيخ اياز سال ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ سوشل ميڊيا خاص ڪري سنڌ سلامت ۽ فيسبوڪ تي دوستن ان کي ڀرپور موٽ ڏني هئي۔ ان سلسلي جي هڪ مختصر وڊيو رپورٽ پيش آهي جيڪا محترم رضوان گُل ترتيب ڏني آهي۔ سنڌ سلامت جي ڪردار کي خاص طور تي ساراهيو ويو آهي۔[/JUSTIFY]