عمل ڪرڻ سان ئي نتيجو ملندو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [JUSTIFY]عمل ڪرڻ سان ئي نتيجو ملندو!
    علي قاضي

    چون ٿا ته ڪنهن هڪ علائقي جي ماڻهن منجهه اها خواهش شدت سان پيدا ٿي ته اِنهن وٽ اهڙو کوهه هجي، جيڪو کير سان ڀريل هجي، نه ڪي پاڻي سان، سو ماڻهن منجهه موجوده خواهش ڏسي اُتان جي بادشاهه هڪ کوهه کوٺرايو ۽ سڀني واسين کي چيائين ته، سڀ گهران کير جو هڪ هڪ وٽو ڀري ان کوهه ۾ وجهي وڃن، ڇاڪاڻ ته خواهش ماڻهن جي پنهنجي ئي هئي، تنهن ڪري سڀني ماڻهن خوش ٿي ائين ڪرڻ جي حامي ڀري. ٻئي ڏينهن بادشاهه ۽ ٻين ماڻهن وڃي ڏٺو ته کوهه برابر ڀريل هيو، پر کير سان نه پر پاڻي سان، سڀني کي اچرج ٿيو ته اهو ڇا ماجره آهي، ۽ جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته هر ماڻهو اهو سوچي ڪري ان کوهه ۾ وٽو پاڻي جو ڀري وجهي ويو ته ٻيا سڀ ته اُئين ئي کير وجهندا، هڪ منهنجي پاڻي وجهڻ سان ڪهڙو فرق پئجي ويندو پر دراصل هر ڪو ٻئي جي آسري تي پاڻي وجهندو ويو ۽ اهو کير بدران پاڻي جو کوهه ٿي ويو.

    چون ٿا ته ڪنهن هنڌ ڪو جابر ۽ ظالم قسم جو ماڻهو هيو، جنهن وٽ بندوق جنهن ۾ ٻه گوليون هونديون هيون، هڪ ڏينهن سندس زيادتين کان تنگ ٿي، اتي رهندڙ هڪ هزار ماڻهن گڏجاڻي ڪري فيصلو ڪيو ته اهو ظالم هڪ ۽ اسان جو انگ هڪ هزار آهي، هلي کيس سوگهو ڪري هن مان پنهنجي جند آجي ٿا ڪريون ۽ هر ڪنهن اڳيان ٿي اڳڀرائي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، پر جڏهن هو هن ظالم کي سوگهو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي نڪتا ته هر ڪنهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه هئي ته هن جي بندوق ۾ ٻه گوليون آهن، معنيٰ ٻن ماڻهن کي ته حياتي تان هٿ کڻڻو پوندو، سو هرڪو ڪوشش ڪرڻ لڳو، ته ڪي ٻيا ٻه ڄڻا اڳتي ٿين ۽ بعد ۾ جڏهن ٻه گوليون ختم ٿي وينديون ته باقي رهيل 998 ماڻهو ان ظالم کي دسڻ ۾ دير ئي نه ڪندا. سو ٿيو اهو ته هرڪو ٻئي کي اڳتي ڪرڻ ۾ لڳي ويو ۽ اهو ظلم جي خاتمي لاءِ نڪتل قافلو اڳتي چري ئي نه سگهيو ۽ هڪ ماڻهو ۽ سندس ٻن گولين واري طاقت آڏو هڪ هزار ماڻهو هارائي ويا.

    مٿي بيان ڪيل ٻه لوڪ قصا ضرور سماجيات جي شعبي ۾ دلچسپي رکندڙ لوڪ ڏاهپ رکندڙن ٺاهيا هوندا. پر اِنهن قصن ۾ موجود نصيحت اڄ به سماج جي مجموعي نفسيات کي سمجهڻ ۾ مدد ڏي ٿي. اسين سڀ چاهيون ٿا ته کير جو کوهه هجي، پر پنهنجي حصي ۾ آيل کير جو وٽو ڏيڻ لاءِ تيار نٿا هجون. اسان اهو سمجهي وٺون ٿا ته اهو ڪم ضرور ٻيا اسان کي ڪري ڏيندا، اسان جي پاران ڏکيو، قرباني گهرندڙ ڪم ڪو ٻيو ڪندو ۽ پوءِ سولو ڪم اسين ڪنداسين.

    گذريل ڳچ سالن کان سنڌ جي سماج جي رجحانن بابت اپٽار ڪندو آيو آهيان ۽ اِنهن ٻن نقطن تي اصرار به ڪندو آيو آهيان، بلڪه انهن خيالن جو پرچار ڪندو آيو آهيان ته اگر سماج ۾ حقيقي ۽ معياري تبديلي لاءِ تڙپ پيدا ٿي آهي ته اهڙي تبديلي ڪو مسيحا نه آڻي ڏيندو، بلڪه اها ماڻهن کي پاڻ آڻڻي پوندي، يعني ٻين لفظن ۾ پنهنجي پنهنجي حصي جو کير هر ڪنهن کي پاڻ وجهڻو پوندو. ساڳئي ريت جنهن ٻي نقطي تي سالن کان اصرار ڪندو آيو آهيان، اهو هي ته سماج کي مجموعي طرح اهو خوف دل مان ڪڍڻو پوندو ته ڏهاڪن کان سماج کي يرغمال بڻائي رکندڙ اهي ٽي يا چار سئو ڀوتار چار ڪروڙ ماڻهن کي کائي ويندا. دراصل اسان اُنهن ڀوتارن کان نه پر پنهنجي اندر نسل در نسل پلجندڙ اُن خوف مان خوفزده آهيون ته ٽي يا چار سئو ڀوتارن جو جوڙيل سياسي نظام جو خاتمو بنهه ڏکيو ۽ خطرناڪ آهي، تنهن ڪري چاهيون ٿا ته سامهون ڪو ٻيو ٿئي، جيئن شروعاتي نقصان هن جو ٿئي.

    توهان پنهنجي علائقي جي ڪنهن گڙنگ قسم جي ڀوتار جي سگهه جو اندازو اگر ان ريت لڳايو ته هن وٽ اهڙا ڪيترا بندوق بردار هوندا، جيڪي سندس حڪم تي مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي وڃن يا ضرورت مهل رياستي مشينري سان ڀوتار جي اشاري تي وڙهڻ لاءِ بيهي رهن؟ 50 هوندا، سئو هوندا يا وڌ ۾ وڌ ٻه سئو ماڻهو وٽس اهڙا هوندا ته ڇا ان ڀوتار جي ڀرپاسي ۾ رهندڙن هزارين هزارين ماڻهو انهن پنجاهه يا ٻه سئو ماڻهن کان ڊڄي اُن جي داٻي ۾ زندگي گهارڻ لاءِ مجبور هجن ٿا؟ يقينن نه، بلڪه اهي هزارين ماڻهو پوليس، روينيو، اريگيشن، غرض ته رياستي مشينري کان ڊنل هجن ٿا، جيڪا مشينري ڀوتارن جي هٿ وس هجي ٿي، پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اها مشينري جيڪا هڪ هٿيار جيان عام ماڻهن جي خلاف ئي استعمال ٿئي ٿي، اهو هٿيار خود عام ماڻهو ئي ووٽ ذريعي انهن ڀوتارن جي حوالي ڪن ٿا، سو سوال اهو ٿو اُڀري ته جيڪا طاقت (رياستي مشينري) عوام جي داٻي ۾ رکڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي، اها طاقت اِنهن ڀوتارن کي پليٽ ۾ رکي عوام ڇو ٿو ڏي؟ نسل در نسل پيرن ۾ پيل سنگهر ڪنهن ٻئي نه، پر اسان پاڻ پنهنجن پيرن ۾وجهي ويٺا آهيون ۽ جنهن ڏينهن ووٽ ذريعي ماڻهن پنهنجا اهي سنگهر ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو، اُن ڏينهن هو ان ڀوتارڪي سياسي ڪلچر کان آجپو حاصل ڪري وٺندا.

    فون، خط، ايس ايم ايس ذريعي يا روبرو ماڻهو اهو سوال اٿارين ٿا ته 22 جنوري تي ڀٽ شاهه تي ٿيل ميڙ کان پوءِ علي قاضي ماٺ ڇو ٿي ويو آهي؟ وري ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته علي قاضي چيو هيو ته هو ڀٽ شاهه تي نئين پارٽي جو اعلان ڪندو، پر هن ائين ڇو نه ڪيو؟ ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته ڀٽ شاهه تي گڏ ٿيندڙن جو انگ ٽيهه هزار هيو، ڪجهه جو چوڻ آهي ته اهو انگ پنجاهه هزار هيو، پر علي قاضي کي توقع هئي ته ٻه لک ماڻهو پنهنجي خرچ تي پاڻمرادو اتي ايندا. ڪجهه ماڻهن جي راءِ آهي ته علي قاضي ماڻهن کي مايوس ڪيو آهي ۽ ڪجهه جو خيال آهي ته ماڻهن کيس مايوس ڪيو آهي. انهن ۽ اهڙن ٻين دلچسپ ۽ ڪڏهن ڪڏهن کل ڏياريندڙ راين ۽ تبصرن تي ڪاوڙ يا افسوس ان ڪري نٿو ٿئي، جو گذريل 22 سالن واري پنهنجي ڪيريئر ۾ مختلف موقعن تي مختلف قسم جا رايا، طعنا ۽ الزام ايترا دفعا ۽ ايترا گهڻا ٻڌا ۽ پڙهيا اٿم، جو هاڻ اهڙي ڪا ڳالهه ٻڌي چپن تي مرڪ اچيو وڃي.

    مثال طور ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ايس ايم ايس آيو، جيڪو پڙهي توهان به مرڪي پوندئو. ايس ايم ايس ڪجهه ان ريت هيو، ”پنهنجي پاڻ کي تبديلي پسند سڏائيندڙ ۽ تبديلي جي هام هڻندڙ علي قاضي جواب ڏي ته سنڌ يونيورسٽي ڇو ڏيڍ مهيني کان بند آهي ۽ هو ان کي کولرائي ڇو نٿو... “ آهي نه دلچسپ ڳالهه، ڄڻ يونيورسٽي علي قاضي بند ڪرائي آهي ۽ ڄڻ علي قاضي گورنر يا چيف منسٽر لڳل آهي، جو ان جي حڪم تي کلي ويندي!! اهو ته سنڌ يونيورسٽي جو معاملو هيو، پر ڪڏهن ڪنهن برادري جي تڪرار جو مسئلو کڻي، ڪڏهن برساتي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي ڪڏهن بيروزگاري جي اشو تي، ڪڏهن ڪنهن جي اخباري ڪوريج سندس مرضي موجب نه ٿيڻ تي ميسيج اچي ٿو، تبديلي جي ڳالهه ڪندڙ علي قاضي هي مسئلا ڇو نٿو حل ڪرائي!! مون کي ڊپ آهي ته ڪنهن ڏينهن ڪو اهڙو ميسيج نه اچي ته، ”منهنجي زال مون کان ناراض ٿي هلي وئي آهي، پاڻ کي تبديلي پسند سڏائيندڙ علي قاضي اڃان هٿ تي هٿ رکي ڇو ويٺو آهي، ان کي واپس موٽرائي ڇو نٿو آڻي“!

    سائين منهنجا اسان جا 95 سيڪڙو مسئلا خراب حڪمراني جي ڪري آهن ۽ اهي حل به ڪا حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي، ڪو فرد نه ۽ انهن خراب حڪمراني ۾ تبديلي به ڪو هڪ فرد نه پر عوام آڻي سگهي ٿو، اها ئي ڳالهه گذريل پندرهن سالن کان ڪيان پيو ۽ ڪندو رهندس. آئون ماٺ نه 22 جنوري کان اڳ ٿيو هيس، نه ئي اڄ ٿيو آهيان ۽ ڀٽ شاهه تي ٽيهه هزار ماڻهن جو ميڙو هيو يا 50 هزار جو، اهي ماڻهو ڪنهن پارٽي يا ٽرانسپورٽ کانسواءِ پنهنجي خرچ تي ٿڌ واري موسم ۾ هڪ سوچ سان گڏ ٿيا هئا، اهو هڪ تمام وڏو انگ هيو. سو ڪيئن چئبو ته ماڻهن علي قاضي کي مايوس ڪيو، پر جيڪڏهن اتي پنج سئو ماڻهو به هجن ها، تڏهن به سوال ئي نٿو پيدا ٿئي جو آئون تبديلي واري سوچ تان هٿ کڻان ها. ڪجهه سڄڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٽرانسپورٽ جو بندوبست ٿيل هجي ها ته ڀٽ شاهه تي ٻن لکن کان وڌيڪ ماڻهو موجود هجن ها. پر منهنجو چوڻ اهو آهي ته جيڪڏهن روايتي طرح ٽرانسپورٽ ڏئي ماڻهن کي آندو وڃي ها ته پوءِ ان ۾ ۽ هڪ روايتي سياسي پارٽي جي جلسي ۾ ڪهڙو فرق هجي ها.

    جيستائين سوال آهي پارٽي جي اعلان جو ته مون کي ڪير اهو ٻڌائي، منهنجو ڪو هڪ بيان يا تقرير جو حصو ٻڌائي، جنهن ۾ مون چيو هجي ته آئون 22 جنوري تي پارٽي جو اعلان ڪندس، باقي اهو سدائين چوندو هيس ۽ اڄ به چوان ٿو ته اها پارٽي جيڪا ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ٺهندي، اُها ٺاهڻي به ماڻهن کي پوندي ۽ مون اهو ئي چيو هيو ته اگر لکن ۾ ماڻهو ڀٽ شاهه تي گڏ ٿي پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ته اُها ضرور ٺهڻ گهرجي. ڪنهن دوست کان پڇيم ته هي پارٽي وارو اعلان مون ڪڏهن ڪيو هو، ته هن موٽ ۾ چيو ته، ”اسان وٽ ايترو ڪوڙ ۽ ڊائيلاگ هنيا وڃن ٿا، تنهن ڪري ماڻهن سمجهيو ته علي قاضي پارٽي ٺاهڻ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، باقي مڙئي ڊائيلاگ ٿو هڻي ته لکن ۾ ماڻهو اچي پاڻ فيصلو ڪن وغيره.“ هن دوست هڪ ٻي ڳالهه به ڪم جي ڪئي ته ”تبديلي جي خواهش ته لکين ماڻهن کي هئي ۽ آهي، پر هر ڪنهن سوچيو پئي ته ڀٽ شاهه ٻيا لکين اُئين ئي ضرور گڏ ٿي ويندا، هڪ آئون نه ويس ته ڪهڙو فرق پئجي ويندو، سو اسين ٽي وي تي ويهي ڏسي ٿا وٺون.“

    اها ڳالهه ڪجهه عرصو اڳ به لکي هيم ته ايندڙ چونڊون جنهن ۾ هاڻ شايد ڪجهه مهينا ئي وڃي بچيا آهن، جو جيڪو هڪ منظر جڙندي نظر اچي پيو، اُن کي هڪ سٽ ۾ ائين بيان ڪري پيو سگهجي ته، ”اهي چونڊون ڀوتار بمقابلا سنڌ هوندي“ ڇاڪاڻ ته ورهين کان پارلياماني سياست ڪندڙ تقريبن سمورا ننڍا وڏا گروپ، فرد ۽ پارٽيون سڀئي مفاهمت جي ڏور ۾ ٻڌل آهن ۽ امڪان اهو ئي آهي ته هي سڀ پاڻ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري اليڪشن ۾ بيهندا، سو ايڪڙ ٻيڪڙ جاين کي ڇڏي باقي هنڌن تي اليڪشن کان وڌيڪ سليڪشن ٿيندي، جيئن تازو سينيٽ جي چونڊن ۾ ٿيو، پر اگر ڪنهن ”نظرياتي اختلاف“ سبب هڪ ٻئي جي سامهون بيهي به رهيا ته ماڻهن جي مجموعي زندگي تي ڪهڙو اثر پئجي ويندو. سو سنڌ ۾ جيئن معاملا ڏهاڪن کان هلن پيا، لڳي ٿو ته گهڻي ڀاڱي ساڳيو حال ايندڙ چونڊن کانپوءِ به جاري رهندو، سو ڳالهه وڃي اتي هنڌ ڪري ٿي ته اگر مجموعي طرح ماڻهو اهڙي سياسي ڪلچر مان خوش ۽ راضي آهن ته ٺيڪ، پر اگر ان ۾ تبديلي جا خواهشمند آهن ته اُن لاءِ پنهنجي حصي جو عملي ڪم به ڪرڻو پوندو. ٻين لفظن ۾ کير سان کوهه ڀرڻو آهي، ته هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو کير ته ان ۾ وجهڻو پوندو. آئون سنڌ جي اجتماعي فهم کان نه ڪڏهن اڳ مايوس ٿيو آهيان، نه ئي اڄ آهيان ۽ تبديلي جي سوچ سنڌ جي گڏيل فهم جو حصو آهي. هاڻ رڳو ڏسڻو اهو آهي ته هو ڪڏهن ان سوچ کي عملي جامو پارائڻ لاءِ گڏيل عمل جو اظهار ڪن ٿا.

    آئون جذبن ۾ Purity (خالصپڻي) ۾ يقين رکان ٿو ۽ جڏهن جذبو شفاف ٿيو وڃي ته پوءِ انتظار بي قراري جو سبب ناهي بڻجندو، بلڪه من اندر هڪ قرار اچي وڃي ٿو ته هو محبوب سان ملڻ جي انتظار جي عمل مان گذري پيو. چون ٿا ته
    Emotions are always alcoholic (جذبا هميشه نشيدار هجن ٿا)
    ۽ هر ڪنهن لاءِ اهي هضم ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃن ٿا ۽ هو اهو نشو برداشت نه ڪري سگهڻ سبب الٽيون شروع ڪري ٿا ڏين، پر جيڪو شخص پنهنجن جذبن جي نشي کي هضم ڪري وڃي ٿو، اهو ان جذبي ۾ اهڙي شفافيت آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃي، جنهن ۾ منزل ماڻڻ واري سُک جيترو ئي سُک ان منزل لاءِ سفر ۾ محسوس ٿئي ٿو.

    [/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عمل ڪرڻ سان ئي نتيجو ملندو!

    علي قاضي جا اهي جملا مان ويٺو هر هر پڙهان ۽ سوچيان ته اهي ٻه ڄڻا ڪير ٿيندا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هتي ته مفاد پرستن ۽ زات پرستن جون ٽرينون ڀريون پيو آهن، هتي ته شهيد ٿيندڙن تي سياست ڪري فائدا ٻيا وٺندا رهيا آهن، هتي ته وفاق جي نالي تي ڪلور ٿيا آهن، هتي ته قومپرستي جي آڙ ۾ تباهيون ٿيون آهن ۔۔۔۔۔۔۔ تنهنڪري تبديلي ايڏي سولي ناهي۔ علي قاضي سان فڪري طور ۽ ذهني سوچ طور مخالفت جي باوجود به سندس عمل جي تعريف ڪندا رهيا آهيون۔ سچا ماڻهو اچڻ گهرجن پر صرف جلسن جي بهاني اهي ماڻهو تبديلي جي ڳالهه ڪن جن جو ماضي داغدار رهيو هجي ته پوء اهڙي عمل ۾ ماڻهو ساٿ ڪونه ڏيندا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کري ۽ کوٽي جي پرک ضروري آهي ، جيڪا علي قاضي کي به ڪرڻ گهرجي ته سنڌ جي هر با شعور ماڻهوء کي پڻ۔ تڏهن ئي ڪا تبديلي ممڪن آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو