[JUSTIFY]سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن، اونداهين ڳوٺن کان روشن شهرن تائين جي تبديل ٿيندڙ ماحول ۾ زندگيءَ جا مختلف ڏينهن گذاريندي مون جيڪا ڳالهه هينئر تائين محسوس ڪئي آهي، اها شايد مون وانگر ٻين به ڪيترن ئي دوستن به محسوس ڪئي هجي!! سنڌ جي تاريخي عروج تي جيترو فخر هر سنڌي وانگر مون کي به آهي پر هاڻي سنڌ ۽ سنڌين جي حالت ڇا آهي، سنڌين جي اجتماعي سوچ، عمل، ڪردار، فعل، تعليم ڇو ايتري ناڪاري ٿيندي پئي وڃي۔۔ ڇا اسان سنڌ جي ان شاهوڪار تهذيب جا وارث آهيون، جنهن کي ڏسي دنيا اڄ به عجب کائي ٿي۔ موئن جو دڙو توڙي ٻين قديم تاريخي ورثن تي فخر ڪندڙ اسان سنڌي ڇا پاڻ کي ايترو اهل ثابت ڪري ڏيکاري رهيا آهيون، جو ٻيا چون ته واقعي هي ان تاريخي شاهوڪار ورثي جا اُصولي ۽ اصلوڪا وارث آهن۔۔ بلڪل نه، جيڪڏهن ڪي اسان مان آهن ته بلڪل اڻ ڳڻيا ۽ ٿوڙا، جن جي تعداد آڱرين تي ڳڻڻ جيتري به نه هوندي۔۔ واقعي دنيا اڄ عجب کائي ٿي پر اسان جي اجتماعي سوچ جي تبديلي تي۔۔ ڇا هي اها ئي سنڌ آهي جيڪا علم جي حصول جو مرڪز هئي، جيڪا سڌريل تاريخ ۽ تهذيب جي نالي سان دنيا ۾ سڀ کان قديمي مرڪز طور سڃاتي وڃي ٿي۔۔ جيئن جيئن وقت اڳتي هليو آهي، اسان پوئتي هلندا پيا وڃون، ان شاهوڪار تهذيب جي طرف نه پر ان جي مخالف رستي ۾ جاهليت جي پيچرن تي پنڌ ڪري رهيا آهيون، تهذيب ۽ قدرن جي واٽن تي اسان شايد تمام پوئتي رهجي ويا آهيون۔۔ سنڌ جو وارث بس لفظي طور تي پيا سڏرايون نه ته اسان جي قوميت فقط ”مان“ تي منحصر ٿي وئي آهي، سوچ فقط ”انا“ ئي رهجي وئي آهي۔ عمل نالي سان ڪا به شئي اسان ۾ نه بچي آهي، تنقيد ۽ اناپرستي ۽ ”زندگي فقط تفريح آهي“ جي سوچ پنهنجي پاڻ سان سلهاڙي اسان پاڻ کي سنڌي سڏرايون پيا، اهڙي طرح اسان سنڌ جي بي عزتي جو باعث پيا بڻجون۔۔ هاڻي به جيڪڏهن ڪو منهنجي ڳالهه سان متفق ناهي ته پوءِ اهو هڪڙو ڪم ڪري، ڪجهه دير ڪنهن ڳوٺ يا شهر ۾ سنڌي وسندين جي هوٽلن تي ڪجهه ڪلاڪ ويهي اتي جي ماحول کي پرکي، وري اچي هن جديد دنيا يعني انٽرنيٽ تي ٿورو سوشل نيٽورڪ تي ڪنهن سنڌي دوستن جي مجمعي تي نظر وجهي، ان کي هڪجهڙائي ئي نظر ايندي۔۔ جهڙي طرح هوٽل تي ٽنگ ٽنگ تي رکي مُٺ ۾ سگريٽ ڀڪوڙي وڏا سوٽا هڻي ڊاڙ ٺڪاءُ هڻندڙ ٻهراڙيءَ جو هڪ سنڌي هن قوم لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪري، اهڙي طرح فيسبوڪ تي پنهنجي اسٽيٽس تي وڏيون ڳالهيون لکندڙ ڪو جذباتي سنڌي به قوم لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪري۔۔ هوٽل تي ويهي ڪنهن ڳائڻي، فلم يا سياست جي تبديلين تي ڳالهائيندڙ سنڌي سنڌ لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪري، اهڙي طرح فيسبوڪ تي ساڳين ڳالهين تي اسٽيٽس اپڊيٽ ڪندڙ ۽ لنڪ ڏيندڙ سنڌي سنڌ لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪري۔۔ جيئن هوٽل تي ويهي ٻين دوستن جي ڳالهين تي ٽهڪ ڏئي سندس دل خوش ڪئي ويندي آهي اهڙي طرح فيسبوڪ جي سوشل دنيا ۾ پنهنجي دوستن جي پوسٽن کي لائيڪ ڪندي سندس دلجوئي ڪئي ويندي آهي ڀلي پوءِ انهن ۾ ڪهڙي به اُبتي سُبتي ڳالهه ڇو نه لکيل هجي۔۔ آخر سنگت ته نڀائڻي آهي پوءِ اها شئي سنڌ لاءِ يا ٻين لاءِ فائدي واري هجي يا نه هجي۔۔ جهڙي طرح هوٽل تي ويهي گهوڙن ۽ ڪُتن جي اگهن تي ۽ انهن جي خاصيتن تي ڳالهائيندي اسان جا ڀلوڙ دوست نه ٿا ٿڪجن اهڙي طرح سوشل نيٽورڪ تي ويٺل ساٿي پنهنجي پنهنجي شين جي تعريف ۽ خاصيت ڳڻائيندي نه ٿا ٿڪجن۔۔ مون کي ياد ٿو اچي ته نوشهرو فيروز لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان منهنجو گذر هڪ گاڏي تي ٿي رهيو هو، ننڍڙي ڳوٺ جي وچ روڊ تي ٽي هوٽلون هيون، ٽئي هوٽلون ڀريون پيون هيون، ڪنهن ۾ ٽي وي تي روايتي ڌاڙيلن وارو ڪو ڊرامو هلي رهيو هو ته ڪنهن هوٽل تي وري ڪنهن ڳائڻي جي ڪيسٽ جي مهورتي تقريب ۾ ٿيندڙ راڳ رنگ جي وڊيو هلي رهي هئي۔۔ مون کي دوست ٺونٺ هڻندي چيو ” ادا اها آهي پنهنجي ٻهراڙي۔۔“ وري جڏهن ان ڳالهه کي ياد ڪندي مون سوشل نيٽورڪ جو ڀيرو ڀريو ته اتي ب ساڳئي ئي ڳالهه لڳي پئي هئي۔۔ مطلب ته اجتماعي سوچ اسان جي دوستن جي ساڳي آهي، فرق اهو آهي جو اسان جي ڳوٺن توڙي ٻهراڙين جا دوست هوٽلن تي ويهي ڊاڙٺڪاءُ ڪري وقت گذارين ٿا ۽ ٻئي پاسي اسان جديد سهوليتون ماڻيندڙ سنڌي وري انٽرنيٽ ذريعي سوشل نيٽورڪ مچائي اتي وقت گذاريون ٿا۔ جي ان وقت کي ڪنهن تبديلي لاءِ استعمال ڪجي ته هوند ڪيترو نه ڀلو ٿي پوي۔۔ جيڪڏهن اسان قوم جو ڀلو چاهيون ٿا ته زباني جمع خرچ سان ڪجهه به نه ٿيندو، اجتماعي سوچ توڙي عمل درست ڪرڻو پوندو، وقت جو زيان ڇڏڻو پوندو۔ اسان کي پنهنجي ڪرندڙ تعليمي معيار جي فڪر ناهي پر ٻين جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي وڏو بڻائي پيش ڪرڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ٿا ڇڏيون۔۔ تهذيب يافته قومن جو مکيه هٿيار تعليم هوندي آهي، ان جي فڪر ناهي اسان کي، پر آتشي اسلحو پاڻ وٽ رکڻ فرض سمجهون ٿا۔ خدارا اها سوچ اسان جي پنهنجي تباهي پاڻ آهي، اسان ان آتشي اسلحي سان پنهنجي سنڌي ڀائرن جي موت جو سبب بڻجي رهيا آهيون، ان کان ٻيو ته ڪو فائدو اسان حاصل نه ڪيو آهي۔ اخبارن ۾ ايندڙ قبائلي جهيڙن جون روز جون خبرون ان ڳالهه جون گواهه آهن۔۔ اسان جي ڳوٺن ۾ اسڪول وڏيرن جي اوطاقن يا وٿاڻن ۾ تبديل لڳا پيا آهن، انهن جي آزاد ڪرائڻ جي اسان ۾ طاقت ناهي وري اسان سوچ رکون ٿا ته پنهنجي وطن کي آمريت جي چنبي مان آزاد ڪرائينداسين؟؟ ڇا اها سوچ عملي آهي يا فقط جذبات ۾ سوچيا ويندڙ لفظ آهن؟؟ پهرين انهن اسڪولن کي آزاد ڪرائي اسان هوٽلن جي جڳهه تي جيڪڏهن اهي اسڪول وڌيڪ آباد ڪريون ته اسان پنهنجي تاريخي اوج کي ٻيهر ماڻڻ جي قابل ٿي سگهون ٿا۔ ڇو ته اسان جي سنڌ کي ڊاڪٽر دائود پوٽو، ايم ايڇ پنهور ۽ نبي بخش خان بلوچ جهڙي تاريخي محققن جهڙي سوچ رکندڙ ماڻهن جي ضرورت آهي۔ جيڪڏهن ڪنهن دوست کي ڪو جملو ڏکيو لڳو هجي ته معاف ڪندا۔۔۔ مست آهيان قلم هلي ويندو آهي۔۔۔ [/JUSTIFY]
جواب: ڇا اسان جي اجتماعي سوچ ۾ تبديلي ايندي؟؟ يار مست واهه جو مضمون لکيو اٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سچ پڇين ته ڳوٺ وارا اسان کي شهري سمجهي بيوقوف سمجهڻ لڳا آهن ۽ اهي تبديلي جون ڳالهيون هنن کي مذاق ٿيون لڳن۔ تبليغ ڪٿان شروع ڪجي ۽ ڪيئن ڪجي، ڪهڙا سورس آهن اسن وٽ تبديلي لاء ۔۔۔۔۔۔۔ پهريان اهي سوال حل طلب آهن۔ باقي اوهان جي ان ڳالهه ۾ وزن آهي ته هر ڪو ٻه سٽون يا مضمون لکي يا تقرير ڪري هليو ٿو وڃي ۽ پويان ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه۔۔۔۔ پوء به مايوسي ڪفر آهي ۔۔۔۔ پاڻ کان تبديلي شروع ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي ويجهن دوستن، عزيزن ۽ پنهنجي سنگت کي اعتماد ۾ وٺي اتان شروعات ڪرڻي پوندي۔ اوهان جو سهڻو ليک
جواب: ڇا اسان جي اجتماعي سوچ ۾ تبديلي ايندي؟؟ يار مست! سچ پڇين ته تنهنجي ليک تي سوچي سوچي، الائجي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتس پر ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ۔۔۔ ته آخر اسانجو ڇا ٿيندو؟ مايوسين جا ڪڪر ڪارا ٿي وڃن ٿا وري پاڻ کي ئي لوڏا ڏئي آسرا ڏيون ٿا دل غم ۾ ٻڏي وڃي ٿي پر وري پاڻ کي پاڻ ئي مٿاڇري تي آڻيون ٿا۔۔۔ پر پوءِ به ڪو خاص جواب ڪونه ٿو ملي ته آخر سنڌ جو ڇا ٿيندو؟ اوهانجا لفظ اسانجي اندر جو آواز آهن ۔۔۔ واڪا تو ڪيا آهن، آواز اسانجي نڙيءَ مان نڪتو آهي ۔۔۔ ڏک توکي رسيو آهي، زخم پاڻ کي به لڳا آهن ڪنهن در ڏجي دانهڙي