خوبصورت ناول نگار ، نثر نويس ۽ براڊ ڪاسٽر سائين اسحاق انصاري کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]سنڌ سلامت سٿ پاران ناليواري ناول نگار، نثر نويس، استاد ۽ براڊ ڪاسٽر محترم اسحاق انصاري صاحب کي جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيون ٿا۔ اسحاق صاحب هڪ خوبصورت ۽ نفيس انسان، پيار ڪندڙ ۽ پيار ونڊيندڙ شخص آهي۔ سائين اسحاق انصاري شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ منهنجو اسٽيٽسٽڪس جو استاد به رهيو آهي۔ سندس مختصر سوانح حيات پيش آهي جيڪا روزانه سڪار جي ادبي صفحي ڏات تان ورتل آهي۔

    ڊاڪٽر اسحاق احمد انصاري چوٿين مارچ اوڻويهه سو سٺ تي الله بخش “انيس انصاري” جي ادبي گھراڻي ۾جنم ورتو، سندس پرائمري تعليم لاڙڪاڻي جي پي سي اسڪول ۾ ٿي ۽ سيڪنڊري تعليم گورنيمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ ٿي. اسڪول جي دوران هو ڪرڪيٽ ۽ ٽيبل ٽينس جو رانديگر رهيو. ان کان علاوه هُن تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو. ان دوران هن“گلن جهڙا ٻارڙا ” تنظيم جي مختلف عهدن تي به ڪم ڪيو. فرسٽ ييئر ۽ انٽر پري انجينرنگ ۾ گورمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي ۽ ان ئي ڪاليج مان فزڪس، ڪيمسٽري ۽ ميٿس ۾ بي ايس سي ڪئي. ٽيبل ٽينس ۾ ڪاليج جي نمائندگي ڪئي ۽ ان کان علاوه لاڙڪاڻي جو چيمپين رهڻ سان گڏ، باسڪيٽ بال ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. اسحاق انصاريءَ جي پهرين لکڻي شعر جي صورت ۾ گل ڦل1973 ۾ “سنڌ” جي نالي سان ٿي. ان کان علاوه گل ڦل جي مضمون نويسيءَ جي مقابلن ۾ انعام حاصل ڪيا. سندس لکڻيون گلن جهڙا ٻارڙا رسالي ۾ به شايع ٿينديون رهيون. هو ڪافي وقت تائين سڌ ٻالڪ سنگت سان لاڳاپيل رهيو.

    اسحاق انصاريءَ 1985 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي، اسٽيٽسٽڪس جي ڊگري فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي ۽ سيپٽمبر 1985 سنڌ يونيورسٽي جي شاهه عبداللطيف ڪيمپس خيرپور ۾ اسٽيٽسٽڪس شعبي ۾ ليڪچرر طور جوائن ڪيو. ان ئي سال سندس پهريون ٽي وي ڊرامو “پل ۽ پهر” پي ٽي وي تان ٽيليڪاسٽ ٿيو ۽ ستت ئي سندس ٻيون ڊرامو “چهرا چهرا چنڊ” پي ٽي وي تان نشر ٿيو.
    لطيف يونيورسٽي ۾ هاسٽل جي وارڊن کان وٺي، راندين جي چيئرمين تائين ڪم ڪيو ۽ ان کان علاوه اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور سچل چيئر ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ محمد علي حداد سان گڏ ڪم ڪيو. اسحاق انصاري ٽن ٽن سالن تائين ٻه ڀيرا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي سينيٽ جو چونڊيل ميمبر رهيو. هو شاهه عبداللطيف جي سينڊيڪيٽ جو به چونڊيل ميمبر رهيو.

    ان کان علاوه اسحاق انصاري خيرپور ۽ لطيف يونيورسٽي جي ادبي سرگرمين جو روح روان رهيو ۽ هن ئي مچ مشاعري جي روايت وڌي، ان کان علاوه پهريون ڀيرو فرسٽ اپريل تي “پيروڊي مشاعرو” ڪرايو. هو ڳپل عرصو ريڊيو پاڪستان خيرپور سان ڪمپيئر طور ڳنڍيل رهيو.

    1989 ۾ ان وقت جي يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن اسلام آباد ۾ ڪمپيوٽر ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما ڪرڻ ويو. جنوري 1990 ۾ هو ڪلچرل ايڪسچينج اسڪالرشپ تحت ان وقت جي چيڪوسلوواڪيا مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويو. جتي هُن پهريان سلووڪ ٻوليءَ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. 1995 ۾ هو پي ايڇ ڊي ڪري واپس وطن وريو.

    ڊاڪٽر اسحاق انصاري، ايسوسيئيٽ پروفيسر تائين لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رهيو، جتان 1999 ۾ اسٽيٽ بينڪ ۾ جوائنٽ ڊائريڪٽر طور ڀرتي ٿيو. جتي هاڻي هو اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر انصاريءَ مختلف بين الاقوامي سيمينارن، ورڪشاپن ۽ ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي.

    ڊاڪٽر اسحاق انصاري، هن وقت تائين مختلف تعليمي ادارن سان لاڳاپيل آهي جتي هو پي ايڇ ڊي جي سپروائزر طور به ڪم ڪري ٿو. انهن ادارن ۾ سنڌ يونيورسٽي، لطيف يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، فيڊرل اردو يونيورسٽي، زيبسٽ، انسٽيوٽ آف بزنس مينيجمينٽ، بزٽيڪ، شامل آهن. ان کان علاوه هو ٽرينر طور اسٽيٽ بينڪ جي آفيسرن کي به ٽريننگ ڏيندو رهي ٿو.

    ڊاڪٽر اسحاق انصاري، ادب کان علاوه فوٽوگرافي، فشنگ ۽ سير سياحت ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن وقت تائين هو 24 ملڪن، آسٽريا، اندورا، اسپين، بلغاريا، فرانس، جرمني، چيڪ ريپبلڪ، سلوواڪيا ريپبلڪ، جرمني، هنگري، رومانيا، ترڪي، ايران، پولينڊ، اٽلي، سوئزرلينڊ، هانگ ڪانگ، سنگاپور، انڊونيشيا، ڪوريا، ٿائلينڊ، سريلنڪا، چائنا ۽ متحڊه عرب امارات جي سياحت ڪري چڪو آهي. سندس سفرنامن جو مجموعو “پرين هُن پار” 2008 ۾ پڌرو ٿيو. جڏهن ته هُن جو پهريون ڪتاب، “خالي بينچ“ ناول 2000 ۾ شايع ٿيو.

    ڊاڪٽر اسحاق انصاريءَ جي ايندڙ ڪتاب هن ريت آهن

    ڪتاب(شايع ٿيل)

    خالي بينچ(ناول) 2000
    پرين هُن پار(سفرنامو) 2008

    ڪتاب (تياري هيٺ)

    پيار ڪهاڻيون(ڪهاڻين جو مجموعو)
    ويلنٽائن 98 (ناول)
    آءُ ٿي ڇلان ڇپرين…(مختلف ملڪن جا سفرناما)
    پراگ، منهنجو محبوب شهر (چيڪوسلوواڪيا جو سفر نامو)
    رنگن منجھ روح (آرٽ ۽ آرٽسٽن تي لکيل مضمون)
    ننڍڙو شهزادو(سينٽ ايسڪپيري) ترجمو
    هڪ محبت هزار افسانا (ميلان فيرڪو) سلوواڪ مان ترجمو
    چيڪوسلوواڪيا جون لوڪ ڪهاڻيون
    [/JUSTIFY]

    [​IMG]
     
  2. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: خوبصورت ناول نگار ، نثر نويس ۽ براڊ ڪاسٽر سائين اسحاق انصاري کي جنم ڏينهن جون و

    تمام سٺو ليک

    منهنجي استاد ۽ رهنما، سٺي ناول نگار ۽ نثر نگار سائين اسحاق انصاري کي سالگرهه مبارڪ هجي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: خوبصورت ناول نگار ، نثر نويس ۽ براڊ ڪاسٽر سائين اسحاق انصاري کي جنم ڏينهن جون و

    سائين محترم اسحاق انصاريءَ کي آءُ تڏهن کان سڃاڻا جڏهن مون هوش سنڀاليو هو، جڏهن مون لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد محلي ۾ گلن جهڙا ٻارڙا جي لائبريري قائم ڪئي هئي ۽ لاهوري محلي ۾ اشتياق انصاري صاحب جن جي گهر تقريري مقابله ٿيا هيا جت مونکي به انعام مليو هيو ۽ اهو انعام شايد محترم اشتياق انصاري يا اسحاق انصاري ٻنهي مان ڪنهن هڪ ڏنو هو ۔۔۔ ياد ناهي ۔۔۔

    لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلي جي هڪ سهڻي ڪنڊ ۾ سندن گهر هوندو هو، سهڻو ۽ معتبر خاندان، سندن پيءُ علمي ۽ قانوني مشهور شخصيت هوندي هئي ۔۔۔ منهنجن پيارن دوستن مرحوم آصف شيخ جن جي گهراڻي سان سندن دوستي تمام گهاٽي هئي ۽ ان سبب منهنجي به سائين اشتياق انصاري صاحب سان ملاقاتون رهنديون هيون

    اسحاق ۽ اشتياق، علمي، قومي۔ ثقافتي ۽ راندين وارين سرگرمين تمام گهڻو چاهه سان شامل ٿيندا هئا، مقابله ڪرائيندا هئا، مطلب ته هڪ اهڙو گهراڻو جيڪو لاڙڪاڻي شهر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو ۔۔۔

    سائين سليمان ان ناتي اسان هڪجهڙن استادن جا شاگرد رهيا آهيون ۔۔۔ تڏهن ته ڏسڻ سان ئي دوستي ٿي وئي آهي ۔۔۔جيئن ڏسندي ئي پيار ٿي ويندو آهي ۔۔۔

    دعا آهي ته سنڌ جي هر شهر ۾ انصارين جي ان خاندان جهڙا سوين خاندان پئدا ٿين ته هوند علمي ۽ ثقافتي واڌ ٿئي ۔۔۔ آمين
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: خوبصورت ناول نگار ، نثر نويس ۽ براڊ ڪاسٽر سائين اسحاق انصاري کي جنم ڏينهن جون و

    سائين محترم اسحاق انصاريءَ کي آءُ تڏهن کان سڃاڻا جڏهن مون هوش سنڀاليو هو، جڏهن مون لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد محلي ۾ گلن جهڙا ٻارڙا جي لائبريري قائم ڪئي هئي ۽ لاهوري محلي ۾ اشتياق انصاري صاحب جن جي گهر تقريري مقابله ٿيا هيا جت مونکي به انعام مليو هيو ۽ اهو انعام شايد محترم اشتياق انصاري يا اسحاق انصاري ٻنهي مان ڪنهن هڪ ڏنو هو ۔۔۔ ياد ناهي ۔۔۔

    لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلي جي هڪ سهڻي ڪنڊ ۾ سندن گهر هوندو هو، سهڻو ۽ معتبر خاندان، سندن پيءُ علمي ۽ قانوني مشهور شخصيت هوندي هئي ۔۔۔ منهنجن پيارن دوستن مرحوم آصف شيخ جن جي گهراڻي سان سندن دوستي تمام گهاٽي هئي ۽ ان سبب منهنجي به سائين اشتياق انصاري صاحب سان ملاقاتون رهنديون هيون

    اسحاق ۽ اشتياق، علمي، قومي۔ ثقافتي ۽ راندين وارين سرگرمين تمام گهڻو چاهه سان شامل ٿيندا هئا، مقابله ڪرائيندا هئا، مطلب ته هڪ اهڙو گهراڻو جيڪو لاڙڪاڻي شهر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو ۔۔۔

    سائين سليمان ان ناتي اسان هڪجهڙن استادن جا شاگرد رهيا آهيون ۔۔۔ تڏهن ته ڏسڻ سان ئي دوستي ٿي وئي آهي ۔۔۔جيئن ڏسندي ئي پيار ٿي ويندو آهي ۔۔۔

    دعا آهي ته سنڌ جي هر شهر ۾ انصارين جي ان خاندان جهڙا سوين خاندان پئدا ٿين ته هوند علمي ۽ ثقافتي واڌ ٿئي ۔۔۔ آمين
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر اسحاق انصاري کي جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيون ٿا​
    [​IMG]
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڌڻي کين هميشه خوش رکي۔۔۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين اسحاق انصاري کي جنم ڏڻ جون واڌايون ... شال سدا مرڪندا رهن.

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو