دوستو سلام شيخ اياز جي جنم ڏينهن جي حوالي سان سندس شاعريء مان چونڊ بيت حاضر آهي۔ ڪي ڪي اکيون اوپريون ، توڙي ڄاڻ سڃاڻ ڪي ڪي اکيون آرسيون، جن ۾ نينهن نياڻ ڇڪجي پنهنجو پاڻ ، جڙجي وڃن جيءَ ۾
جواب: ڪي ڪي اکيون اوپريون ، توڙي ڄاڻ سڃاڻ سائين بهترين شاعر ۽ اوتري ئي بهترين ڊزائينگ ماشاءِ الله ۔ وسلام
جواب: ڪي ڪي اکيون اوپريون ، توڙي ڄاڻ سڃاڻ سچ پڇو ته ڪيتري دير آءُ بيت کي ۽ وري سليمان جي ڪيل چترڪاريءَ کي ڏسندو رهيو آهيان ۔۔۔ نه ته بيت جي تعريف ۾ ڪي لفظ ٿا ملن نه چترڪاريءَ جي باري ۾ ۔۔۔ اصل دل ۾ گهر ڪري ويا آهن، بيت به ته رنگ به۔ بس ايترو چوندس ته؛ تن اکين اتان سُکَ، کلندي کڻن جي، پرين پاٻوهڻ سان، ڏور ڪيا سڀ ڏُکَ، ماڙهن ليکي بُکَ، سامين سور سنهان ڪيا۔
جواب: ڪي ڪي اکيون اوپريون ، توڙي ڄاڻ سڃاڻ ڏاڏل سائين مهربانيون اوهان هميشه اسان جي حوصلا افزائي ڪندا رهيا آهيو۔
جواب: ڪي ڪي اکيون اوپريون ، توڙي ڄاڻ سڃاڻ سائين نثار مهرباني اسان جي چترڪاري ته مڙئي هوندي آهي پر اصل ڪم انهن لفظن ۽ شاعري جو هوندو آهي۔ جيڪا من ۾ گهري ويندي آهي۔ شيخ اياز به اهڙن ئي شاعرن مان هڪ آهي جيڪي ماڻهو جي نبض تي هٿ رکيو ويٺا آهن۔