جڏهن مان مري وڃان ته منهنجي قبر جي ڪتبي تي اهو ضرور لکرائجان ته : نفرتن کان نفرتون ڪندڙ، محبتون وڃائڻ جي ڊپ کان اڪيلائي طرف هليو ويو جيتوڻيڪ هن کي اڪيلائي کان سدائين خوف رهيو هو
جواب: جڏهن مان مري وڃان ته منهنجي قبر جي ڪتبي تي اهو ضرور لکرائجان (منهنجا احساس) انقلابي ٿي مر ته ڀلو اٿئي نت ته ڪير ڪونه سڃاڻندء پر يار جي تون مري وئين ته اسان کي فيسبوڪ ڪير سيکاريندو، منڪر نڪير کي به سيکاري وٺجان اهي اچي مونکي سيکاريندا
جواب: جڏهن مان مري وڃان ته منهنجي قبر جي ڪتبي تي اهو ضرور لکرائجان (منهنجا احساس) هاهاها ۔۔۔۔ يار ڪريم صاحب بادشاهه ماڻهو آهين ۔۔۔۔ سيريس موضوع کي به مزاحيه بڻائي ٿو ڇڏين۔ يار اوهان کي ڪي فرشتا يا ملائڪ ئي سيکاري سگهن ٿا باقي پاڻ کان ڪم چڙهيل آهي۔ اوهان منهنجي احساسن ۽ جذبن جو ڪم ئي لاهي ڇڏيو۔
جواب: جڏهن مان مري وڃان ته منهنجي قبر جي ڪتبي تي اهو ضرور لکرائجان (منهنجا احساس) نفرتن کان نفرتون ڪندڙ، محبتون وڃائڻ جي ڊپ کان اڪيلائي طرف هليو ويو جيتوڻيڪ هن کي اڪيلائي کان سدائين خوف رهيو هو بهترين خيال + ڊزائين
جواب: جڏهن مان مري وڃان ته منهنجي قبر جي ڪتبي تي اهو ضرور لکرائجان (منهنجا احساس) بس سائين هي انهن ڏينهن جا خيال هئا جڏهن اسان لاء فيسبوڪ تي اچڻ ڏکيو ٿي ويو هو۔ اهي ئي ڏينهن هيا جڏهن محبتون وڃائڻ جو ڊپ هيو۔ اوهان جون مهربانيون جو اوهان هر موڙ تي حوصلا افزائي ۽ رهنمائي سان گڏ پنهنجو ساٿ ڏيندا رهيا آهيو۔
جواب: جڏهن مان مري وڃان ته منهنجي قبر جي ڪتبي تي اهو ضرور لکرائجان (منهنجا احساس) ابا اهو ڪتبو لکرائيندو ڪير ۔۔۔؟؟؟؟؟ اسين ته سڀ سينيئر دوست آهيون ۔۔۔ اسانجو هلڻ اڳ ٿو جڳائي ۔۔۔ ۽ چانڊيو صاحب ته بس ۔۔۔۔ هههههه انڪري في الحال پنهنجي وسيعت سنڀالي رک ، پوڙهو 80 يا 100 سال جو ٿئين ته اهو ڪتبو ظاهر ڪجانءِ ته ڪو فائدو ٿئي ۽ ها سياڻو ٿيءُ نفرتن کان پاسو ڪرڻو هجي ته اندر ۾ محبت جا مچ ٻاريو، پوءِ ڏسو ته ڪيئن ٿيون نفرتون ختم ٿين ۔۔۔ مرڻ ضروري ناهي ۔۔۔ باهه کي پاڻيءَ سان وسائبو آهي ۔۔۔ نفرت جو ضد محبت آهي ۔۔۔ موت ناهي۔ ماڻهن مان گهڻيون اميدون نه رکجن، گهڻيون اميدون رکڻ سان ڏک پلئه پوندا آهن۔ دل توکي ڏئي درد پرايو ۔۔۔ مون اڃان به ناهي پڇتايو