محترم محمد مگسي صاحب۔ شال جُڙيو هُجين پنهنجي پيارن سان۔ الله پاڪ جا لکين ٿورا ۽ احسان جو توهان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي قرب جا قد م ڀري آيا۔ اصل رنگ لڳي ويا، آئون سنڌ سلامت جي سمورن دوستن سميت توهان کي ڀليڪار ٿو چوان ۔ آيو محمد مگسي اسان جو ڀاءُ اسان جا ڀاڳ جاڳي پيا
جنهن تان گهوريون پنهنجو ساهه اسان جا ڀاڳ جاڳي پيا۔
ادا محمد هي سنڌ سلامت توهان جهڙن نوجوان ساٿين جي دم سان ئي قائم آهي۔ اسان جا سمورا سنڌ سلامت جا ساٿي پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ انتهائي قابل ۽ هوشيار آهن، هو، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خوشحالي، سنڌي قوم جي ڀلائيءَ لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙي رهيا آهن۔ انهي ساٿ ۾ توهان جي شموليت يقينن هڪ بهار وانگر آهي، هڪ خوشبو وانگر آهي، سانوڻي جي پهرين برسات وانگر آهي۽ ستن سُرن جي راڳڻي سرگم وانگر آهي، قسم سان توهان جي اچڻ سان اسان سڀئي سنڌ سلامت وارا انتهائي انتهائي خوش آهيون۔ اسان اميد ٿا ڪريون ته توهان پنهنجون بهترين صلاحيتون سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڏکن ڏاکڙن کي دور ڪرڻ لاءِ اسان سان ضرور ونڊ ڪندا۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت