• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عالم انسانيت لاء پيغام : ميان آدم شاهه ڪلهوڙو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نرمل
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نرمل

سينيئر رڪن
عالم انسانيت لاء پيغام : آدم شاهه ڪلهوڙو

opzd5f.jpg
 
جواب: عالم انسانيت لاء پيغام : ميان آدم شاهه ڪلهوڙو

واهه ۔۔۔۔۔۔۔ تمام سهڻو پيغام

اوهان جي لاجواب شيئرنگ
 
جواب: عالم انسانيت لاء پيغام : ميان آدم شاهه ڪلهوڙو

سهڻا نرمل ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن نظم ۾ پيغام تمام اعلا آهي ۔۔۔ سنڌي فڪر هن پيغام مان چٽو آهي ۽ پڪاري رهيو آهي پر لک قرب ٿيندا جو اوهان هن نظم کي ميان آدم شاه ڪلهوڙي سان منسوب ڪئين ۽ ڪٿان ڪيو آهي؟”

ميان آدم شاه ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم ۽ فقير صفت انسان هو جنهن جي حڪمرانيءَ جو عرصو اڄ کان 3 صديون اڳ جو آهي، پر هن نظم ۾ ايتري سولي ۽ هوبهو اڄ جي عوامي ٻولي استعمال ٿيل آهي، سا حيرانڪن آهي۔

سوال نظم جي پيغام جو ناهي، سوال نظم جي بيهڪ ۽ ان ۾ استعمال ٿيل ٻولي جو آهي، انڪري ڪا پڪي ثابتي هجي ته ٿورائتا ٿينداسون ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: عالم انسانيت لاء پيغام : ميان آدم شاهه ڪلهوڙو

مان ان جا پڪا ۽ پختا ثبوت اوهان کي سڀاڻي هٿ ڪري موڪليان ٿو اصل ۾ هي مواد هڪ سنڌي ميگزين مان ورتو ويو آهي۔۔۔ جنهن جي ايڊيٽر کان مان سڀاڻي رابطو ڪري اها جانچ وٺان ٿو ته ڪنهن جو لکيل آهي؟
 
جواب: عالم انسانيت لاء پيغام : ميان آدم شاهه ڪلهوڙو

سائين نثار ابڙا صاحب منهنجي هن نظم ڇپيندڙ رسالي (شاگرد هلچل) جي ايڊيٽرسان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي سندس چوڻ هو ته هي اهو ميان آدم شاهه ڪلهوڙو ناهي جيئن ته اسان جي سماج ۾ تاريخي پسمنظر جي تاريخي ڪردارن جيان اسان جا موجوده قومي گهراڻا پنهنجي اولاد تي اڃان به انهن ڪردارن جا نالا سندن اولاد مٿان انهن جا نالا رکندا آهن جهڙوڪ هيمون ڪالاڻي، دولهه دريا اهڙي ريت اها نظم هڪ قومي ڪارڪن (حجت عباسي) جنهن کي ميان آدم شاهه ڪلهوڙو ڪري سڏيو ويندو هو کي ڀيٽا طور لکي وئي آهي اصل ۾ اها موجوده دور جي ان شهيد ڪارڪن کي ڀيٽا طور اها نظم پيش ڪئي وئي هئي شاعر جو نالو شفق سنڌو آهي ۽ اها شاگرد هلچل ميگزين جي شماري ٻئين ۾ ڏنل آهي مهرباني
اها نظم واقعي هن دور جي شاعر ۽ هن دور جي ان قومي ڪارڪن جي شهادت کي ڀيٽا طور لکي وئي
 
دوست نرمل! لک ٿورا قرب جو اوهان منهنجي هن شڪ کي مان ڏنو ۽ معلومات ۾ اضافو ڪيو ۔۔۔ جيئن ته پاڻ ٿورو ڪي گهڻو سنڌي ٻوليءَ جي الف ب کان واقفيت رکڻ جي حيثيت سان ڪنهن شئي کي پرکي سگهونٿا ۔۔۔ اڄ کان 3 صديون اڳ جيڪا سنڌ ڳالهائي ويندي هئي، جيڪا شاه ڪريم، شاه عنايت، ۽ سنڌ جي لاکيڻي لطيف جي ٻولي آهي ان ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ۽ بيتن جو نمونو ڪجه الڳ آهي، جڏهن ته هي آزاد نظم جي تتبع تي لکيل نظم ۽ انجا لفظ ان دور سان ڀيٽ نه پيا کائن ۔۔۔ خئير اوهان سٺو ڪيو جو معلوم ڪري ورتو ۔۔۔

هاڻ ان نظم تي نظر وجهبي ته تمام اعلا خيالن جي ترجماني ڪيل آهي ۽ لطيف قومي احساس سمايل آهن ۔۔۔

لک قرب

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top