جواب: اسلام عليڪم
سائين سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان جن ايڏي پاٻوهه ۽ سڪ منجهان ڀليڪار ڪئي آهي سچ پڇو ته ائين لڳو ڄڻ پنهنجي ڌرتي جي ڪنهن ڳوٺ جي اوطاق ۾ نروار ٿيو آهيان۔۔ توهان سڄڻن جي اها ئي سڪ سلامت رهي ته اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين سنڌ ۽ سنڌين جي ان سڪ جي هاهوڪار هوندي۔۔وري اهي اوطاقن وارا مور موٽي ايندا۔ وري ڪچهريون قائم ڪبيون۔۔وري اهي رسي ويل سنڌ جا محبتن وارا ڏينهن موٽي ايندا۔۔۔سدائين گڏ۔۔سائين سليمان وساڻ صاحب توهان لاء عرض آهي ته مان ڪنهن وقت ۾ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رهندو هيس، اسان جي ملاقات به ٿيل آهي، پر توهان سان ربطو گهٽ هجڻ ڪري ذاتي طور توهان مون کي نه سڃاڻو، باقي هن وقت منهنجي رهائش گلشن حديد ۾ آهي، ڀاء عنايت کٽياڻ چڱي ريت مون ۡکي سڃاڻي۔۔۔ملجوس ته سلام چئجوس۔۔ سدائين ًگڏ۔