ڪاش جيڪر ائين ٿئي ها !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 مارچ 2012۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڪاش جيڪر ائين ٿئي ها !


    مارچ 1973 جي هن رنگين شام جو ساڳي نموني جي تقريب ٿي هئي ، اهي ماڻهو جيڪي فلم ڏسندڙن جي دلين تي راج ڪندا هئا پنهنجي قيمتي پوشاڪ سان خوبصورتي ونڊيندا ايورڊ حاصل ڪرڻ لاءِ منتظر هئا ، گذريل سال سڄي دنيا جي فلم ڏسندڙن هڪڙي فلم گهڻو ڏٺي ۽ هن فلم جي هيرو کي دل کولي داد ڏنو . فلم هئي ”گاڊ فادر“ ۽ هيرو هو ”مارلن برناڊو“ اهو هيرو هنن ماڻهن جي دلين ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ڇانيل هو ۽ هن جو نالو فلم جي ڪاميابي جي ضمانت سمجهيو ويندو آهي . هر ڪنهن کي يقين هو ته هن ڀيري پنجيتاليهون اڪيڊمي ايوارڊ ۽ آسڪر ايوارڊ هن کي ئي ملندو پر تاريخ شايد هن کي ڪنهن ٻئي ايورڊ نوازڻ گهري پئي . . غيرت ، حميت ، عزت ۽ وقار ۽ انسان ذات خلاف ٿيڻ واري ظلم تي احتجاج جو ايوارڊ . مارلن ڄاڻيندو هو ته امريڪي قوم هتان جي رهندڙن اصلي باشندن يعني ريڊ انڊين مٿان ظلم ۽ بربريت جا پهاڙ ٽوڙيا هئا . هن کي اها تاريخ ازبر ياد هئي جڏهن يورپ جا چور ، رهزن ، لٽيرا ۽ جرم ڪندڙ جيڪي امريڪي ساحلن تي لهندي ئي هتان جي رهندڙن ريڊ انڊين جو قتل عام ڪيو ، هنن سان هڪڙو معاهدو ڪندا هئا ۽ هن کي پوئتي ڌڪيندا ويندا هئا ، وري مٿان ٻيو معاهدو ڪري ساڳي روش ورجائيندا هئا . اهڙا پنجاه کان مٿي معاهدا تاريخ جا حصه آهن، پر مارلن برانڊو ، جو ڏک هن کان وڌيڪ هو . هو چوي ٿو ته اهي منافق عدل انصاف ۽ انساني حقن جون ڳالهيون ڪندڙ ريڊ انڊين مٿان ، ظلم ، زيادتي ۽ تمسخر جو نشانو بڻائيدا آهن ، هن هالي وڊ کي به هن ڪم ۾ شريڪ ڄاڻايو جيڪي هنن بابت اهڙيون فلمون ٺاهن ٿا ۽ هنن جي ڪردارن جون اهڙيون تصوير ڪشي ڪن ٿا جنهن سان هنن جو ذلت وارو پهلو وائکو هوندو آهي . هن جي ايوارڊ لاءِ نامزدگي ٿي چڪي هئي . پر هن حيران ڪندڙ ڪم ڪيو جو پنهنجي جاءِ تي هڪ ريڊ انڊين جي حقن لاءِ جدو جهد ڪندڙ هڪ خاتون ” سچين لٽل فيڊر“saceen little feather کي پنهنجي جاءِ تي تقريب لاءِ موڪليو . اها خاتون پنهنجي روايتي پوشاڪ ، مٿي تي پکين جا کنب لڳائي تقريب ۾ پهتي ، هن کي تقريب ۾ وڄڻ کان اڳ اسٽيج جي پويان گهرائي پهريان ته ڌميون ڏنيون ويون ته اها هن تقريب مان هلي وڃي پر جڏهن اها نه مڙهي ته پوءِ هنن چيو ته جيڪر مارلن برانڊو کي ايوارڊ مليو ۽ هو ايوارڊ وٺڻ وئي ته سٺ سيڪنڊن کان گهڻو نه ڳالهائيندي يا ٻئي صورت ۾ هن کي پوليس ذريعي اسٽيج تان لاهيو ويندو . مارلن برانڊو جي ايوارڊ جو اعلان ٿيو سچين اسٽيج تي وئي ۽ رڳو ايترو چيو ته مارلن برانڊو امريڪين جي ريڊ انڊين تي مخالف رويو ۽ ظلم جي خلاف ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو ايتري ۾ سچين کي ڌڪا ڏئي اسٽيج تان لاٿو ويو ، مارلن برانڊُ جي ايوارڊ کي امانت طور راجر مور وصول ڪيو ، اهو ايوارڊ ڪجه ڏينهن بعد هٿيار بندن هٿان هن کان به ڦرجي ويو ، هوڏانهن اسٽيج تان لاهڻ کان پوءِ سچين ٻاهر نڪتي ۽ صحافين سان پندرنهن منٽ ڳالهايو ۽ اهو سڀ ڪجه ٻڌايو جيڪو اها اسٽيج تي چوڻ گهري پئي .

    خبر ناهي ته مون جهڙي خواب ڏسندڙ ڇو اهڙي اميد رکن ٿا ته جيڪر هنن کي ايوارڊ مليو ته هو تاڙين جي گونج ۾ اسٽيج ڏانهن ويندا ۽ اهو چئي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪندا ۽ چوندا ته اسين هن دنيا ۾ اکيون کولي گذريل ڏهن سالن کان زنده آهيون جنهن ۾ امريڪي حڪومت پندرهن لک کان مٿي ماڻهو عراقي توڙي افغانستانين جي معصوم شهرين جي رت مان هٿ رنگيو ، مان هنن اڄڙيل گهرن ، بيواهن ، يتيمن ۽ بي گهرن جي موجودگي ۾ ڪئين ٿو ايوارڊ حاصل ڪري ٿو سگهان ، جنهن تي هالي وڊ هڪڙي به ڊاڪيومينٽري نٿو ٺاهي ۽ هولي ڪاسٽ جون ڪيتريون ئي ڊاڪيومينٽريون وجود ۾ اچڻ ٿيون . شايد اسان ۾ ايترو به حوصلو ڪونهي جيترو مشهور اداڪار جارج ڪاسٽ ۾ هو ، جنهن 1971 ۾ پنهنجي مشهور فلم patton تي ايوارڊ مليو ته هن سٺي نموني آسڪر ايوارڊ مٿان هڪ عظيم تبصرو ڪندي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو . هن چيو ته اها تقريب ٻن ڪلاڪن جي جسماني نمائش کان سواءِ ڪجه به ناهي two hours meatprade.........

    هن چيو ته هنن کي ڏسي منهنجو جيءُ خراب ٿيڻ لڳندو آهي . اها پراڻي وحشيانه نمائش آهي جيڪي پنهنجي وجود اندر هڪ نهايت بدديانت تنظيم آهي .اسين ته هن مشهور مصنفه ڊوڊلي نڪولس جيترا به غيرت مند ناهيون جنهن 1936 ۾ اٺون اڪيڊمي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو ته اها آواره لکڻ وارن سان گڏ امتيازي سلوڪ رکيو ٿي اچي . پر اسان کي اهو ايوارڊ وٺڻو هو ۽ هن تي خوشي به ڪرڻي هئي ، هو انڪري جو اسان کي اهو ايوارڊ هڪ اهڙي تنظيم ۽ گروه کان مليو جنهن جي تعصب تي سڄي دنيا سدائين انگريون کڻندي اچي پئي ، اها ڪمزور دنيا چوي ٿي ته هن هالي وڊ جي مالڪن کي اسان جا ئي غليظ چهرا ۽ بدبودار قصه نظر ٿا اچن . اڄ تائين پنهنجي معاشري جا مڪروه قصه ڇو نمايه نٿا ڪيا وڃن . منهنجي اڳيان 1942 کان وٺي اڄ تائين جي آسڪر ايوارڊن جي ڊاڪيومينٽرين جي لسٽ پئي آهي ۽ مان هن ۾ تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيان ته هڪڙي ڊاڪيومينٽري ملي وڃي جنهن ۾ امريڪا يا يورپ جي ” سيريل ڪلرز“ بابت هجي ” جيڪ دي رپر““ کان وٺي اڄ تائين ڪيترن ئي عورتن کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو ۽ هنن جي ڪٽيل گوشتن کي ريفريجريٽر (فرج) ۾ رکي گهڻڻ ڏينهن تائين پچائيندا رهيا مون کي هن عورت کي قتل ڪندڙخاتون جي ڊاڪيومينٽري نه ملي سگهي جيڪا عورتن کي قتل ڪري هنن جي رت سان وهنجندي هئي . مون امريڪا جي ڪيترن ئي اصلاحي مرڪزن کي ڏٺو آهي ، جنهن ۾ ڇهن سالن کان ٻارهن سالن جون ڇوڪريون نفساني علاج لاءِ اينديو آهن جنهنن کي هنن جا والد ، چاچا . ڀائر ۽ ويجهڙي مائٽن هوس جو نشانو بڻايو هو . مان جڏهن هنن جي مرڪزن ڏي ويم ته مونکان منهنجي ڪيمرا ڦري ورتائون متان مان هنن جون تصويرون منظر عام تي آڻيان پر هنن جي والدن ، چاچن ، مامن ، ڀائرن مٿان ڪو ڊاڪيومينٽري نظر ڪون ٿي اچي .

    اوله وارن بابت ڊاڪيومينٽري ڏاڍي عجيب قسم جي آهي . 1990 ۾ امريڪي ڊيم نالي ڊاڪيومينٽري آئي جنهن ۾ امريڪي مزدورن کي خواب ڏيکاريا ويا هئا . 1992 ۾ پانامه ۾ امريڪي فوجين جي آمد بابت ڊاڪيومينٽري کي ايوارڊ مليو . 1997 ۾ amapromise هن اهڙي ايليمينٽري اسڪول جي ٻارن جي ڪهاڻي آهي جيڪي دنيا کي بدلڻ چاهين ٿا . حيران ٿي وڃو 1994 ۾ ويٽ نام تي ظلم جي داستانن تي به ڪو ڊاڪيومينٽري ناهي بلڪه هن خاتون کي فلم تي ايوارڊ ڏنو ويو
    جنهن واشنگٽن ۾ 59 هزار امريڪي فوجين جي يادگار جو تصور پيش ڪيو هو جيڪا امريڪا جي پارليمانٽ جي اڳيان هڪ باغيچي ۾ ٺهيل آهي جنهن ۾ انهن سپاهين جا نالا لکيل آهن ، ڇا نه مزي جي ڳالهيون آهن ، خوبصورت قصه آهن ، ڊولفن مڇي کي سکيا ، باڪسنگ جي سکيا . پراڻن مخطوطن کي محفوظ ڪرڻ ماحوليات کي درست رکڻ وغيره وغيره . ها هن ۾ فلسطيني دهشت گردن تي به هڪ ڊاڪيومينٽري آهي ۽ ڪلڪته جي طوائفن جي ٻارن تي به ، پر امريڪا ۾ ٺهڻ واري سڀ کان مقبول ڊاڪيومينٽري 9/11 fehrenheit شامل ناهي جنهن ۾ سڀئي ثبوت سان گڏ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي تباهي جي اصل ڪهاڻي کي دنيا آڏو وائکو ڪيو ويو هو .

    رت ساڙڻ ، پريشان ٿيڻ يا اميدون وابسطه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي ، ايوارڊ ٺڪرائڻ ڪو سولو ڪم آهي ڇا . جڏهن تاڙين جي گونج هجي ، ڪيمرائن آڏو مسڪرائيندڙ چهرا سان ايوارڊ ملي رهيو هجي ته ڪهڙي انسان کي ڏک ياد رهندو آهي ، پر شرمندگي ۽ ندامت اها آهي ته اهڙو حوصلو وري به مارلن برانڊو کي ملي ويو جيڪو هنن جي ئي رنگ ، نسل زبان ۽ ملڪ سان تعلق رکي ٿو ، ” شرمين عبيد“ کي نه ملي سگهيو جنهن جي ئي رنگ ، نسل ۽ هم مذهب ڀائرن ، ڀينرن کي گذريل ڏهن سالن کان گاجر موريءَ وانگر ڪٽيو پيو وڃي .


    روزانه ايڪسپريس 3.3.2012
    دين اسلام ويب سائيٽ تان کڻي ترجمو ڪيل
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ڪاش جيڪر ائين ٿئي ها !

    ادا افتخار چوهان صاحب اسلام عليڪم۔ادا ڪافي وقت کانپوء توهان هڪ بهترين ليک جيڪو هڪ انتهائي اهم ۽ نازڪ ايشو ته آهي، کي هن محبتي اڳڻ جي آڪاش تي چنڊ وانگر نروار ڪري هر ذي الشعور جي ذهن کي جهنٍهوڙي ڇڏيو آهي۔اسان جي ملڪ جو هر ماڻهون شرمين عبيد کي مبارڪون ڏيڻ لاء آتو لڳو پيو آهي،هنن هڪ لمحه لاء به اهئي ڳالهيون نه سوچيون هونديون جيڪي توهان دين اسلام ويب سائيٽ تان ترجمو ڪري هتي ونڍ ڪيون آهن۔توهان جو هئي ليک هر هر پڙهڻ جي لائق آهي۔ڇا اسان ۾ ايتري به جرت نه آهي ته ڪنهن کي منهن تي سچي چئي سگهون يا انهن کي آئينو ڏيکارڻ لاء هن قسم جي آيورڊ وٺڻ کان انڪار ڪيون۔اسان کي اڄ به ياد آهي ته اسان جي ملڪ ۾ به فيض احمد فيض گورنمنٽ جي ڏاڍائن کي مدنظر رکندي لائيف اچومينٽ ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو هو۔شل الله پاڪ اسان کي همٿ ڏئي تاڪي اسان غلط کي غلط چئي سگهون۔توهان جي چونڍ واقعي لاجواب آهي۔ان فڪر کي جاري رکندا ته مهرباني ٿيندي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو