سنڌ سلامت سٿ پاران سنڌي ٻولي جي سر موڙ شاعر سائين اياز گُل کي سندس جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔ اياز گُل غزل جي صنف جي چوٽيء جي شاعرن مان هڪ آهي۔ اياز علي ولد رجب علي آهي. 6 مارچ 1959 تي سکر ۾ پيدا ٿيو. سنڌي ادبي سنگت سکر جي ادبي گڏجاڻين ۾ شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ ۽ تنوير عباسي کان سکيا وٺندڙ ۽ ادل سومري جو همعصر ۽ دوست اياز گُل جو پهريون مجموعو ته گُل ۽ تارا هيو پر سندس شاعريء جو بهترين مجموعو "دک جي نه پڄاڻي آ " ۽ "سوچون سرها گُل" آهي۔
ميلي جي تنهائيءَ جو مالڪ: اياز گل
روشن شيخ
جيئن مرزا غالب جي شعرن جو ”قرض“ دهليءَ جا ڪيترائي نسل نه لاهي سگهيا آهن. ائين ئي سائين اياز گل، جي شعرن جو قرض.... سنڌ جا ڪيترائي نسل نه لاهي سگهندا. ڇو ته اياز گل جنهن پيار سان سنڌي غزل کي اڳتي آندو آهي، ڀلا پوءِ..... اهڙي محنتي/ محبتي شاعر کي وساڻ معنيٰ زندگيءَ کي وسارڻ برابر آهي.
۽ اسين..... جيڪي ڪالهوڪا ٻارَ ٿي ڪري ويسر جي مرض جا شڪار ٿي پيا آهيون، پر.... پر.... سائين اياز دوستن کي سندن جنم ڏينهن تي ضرور ياد ڪندو آهي ۽ سائين اياز جي اهڙي يادگيريءَ کي آئون ته اڪثر ان پيار سان ڀيٽا ڏيندو آهيان، جيڪو پيار لالچ کان بلڪل پاڪ هوندو آهي.
امداد سومري صاحب! هنن ئي صفحن تي ڪي سال اڳ ۾ هڪڙو سوال اٿاريو هو ته ”لکڻ مان ڇا ٿو ٿئي!؟“ پر آئون ڪافي سال گذرڻ کانپوءِ.... امداد صاحب کي اُهو عرض ٿو ڪيان ته ”سائين لکڻ مان گهڻو ڪُجهه ٿئي ٿو!!“ لکڻ ذريعي ئي هن سينوارجي ويل سماجَ ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف، هيئن به چئي سگهجي ٿو،
مسيحا! سنڌ جي سورن جو ڪو علاجُ به ڳول
رڳو بيان نه ڏي ۽ رڳو خطاب نه ڪر
ڇا اياز گل جي اها مٿين شاعري ان سوسائٽيءَ کان نفرت جو جو چٽو عڪس ناهي!؟ جنهن سوسائٽيءَ ۾ مسيحا عزرائيل جو ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙي ئي ”سوڳوار صورتحال“ جي حوالي سان سائين اياز گل هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ”بيان ۽ خطاب ڪلچر، اسان سڀني کي جاهليت، نالائقيت، مايوسيءَ، منفي سوچ ۽ تباهيءَ ۽ برباديءَ جي ڌٻڻ ڏانهن ڌڪيندو پيو وڃي“ ۽ واقعي ئي اڄ اسان وٽ گهڻو علم هوندي به جاهليت سان گڏ ”زنده باد مرده باد“ وارو ڪلچر عام ٿي ويو آهي ۽ اهو ڪلچر (زنده باد، مرده باد) اسان جي هن ديس لاءِ هڪ هاڃيڪار ڪلچر آهي. مسيحائن کان ويندي ٽي وي چئنلن جي مالڪن تائين سڀ ڪنهن کي پنهنجو پيٽ پيارو آهي. مسيحا پيٽ لاءِ قاتل ٿو بڻجي. جڏهن ته ٽي وي مالڪ وري ديس جي ڪلچر کي لوڙهيندي دير ئي نٿو ڪري ۽ اهڙي هاڃيڪار ڪلچر لاءِ ڇا اياز جون سٽون؟ (رڳو بيان نه ڏي....) هن سماج کان نفرت جو هڪ انوکو مثال ناهن؟
ديس لاءِ سائين اياز جا لکيل هيءُ ٽيڙو اوهان پڙهي ڏسو....
ديس وسارين ٿو؟
سؤلو آ، ان کان گهڻو
پاڻ نه مارين ٿو؟
ديس وسارين ٿو!
اندر ۾ ڄڻ متقل
نانگ ويهارين ٿو
۽ اڄ 6 مارچ هن لاڏلي شاعر جو جنم ڏينهن، آئون کيس دل جي گهراين سان سائين اياز کي جنم جون واڌايون پيش ڪيان ٿو ۽ زندگيءَ جي 53 هين سال ۾ قدم رکندڙ سائين اياز ڪو عام شاعر ناهي. متان اوهين سمجهو ته آئون ڪو سائين اياز وٽ پاڻ وڻائڻ لاءِ هيءُ سٽون لکي رهيو آهيان.
پر اصل حقيقت هيءُ آهي ته اسان وٽ سياست تي لکندڙ کوڙ سارا دوست ويٺا آهن ۽ ڪالهه... رات مون اِهو سوچيو ته ڇو نه هن هفتي سنڌي ٻوليءَ جي اُن شاعر کي ياد ڪجي، جنهن لاءِ سڀ ڪجهه ”پرينءَ“ جو پيار ئي آهي (ياد رهي ته سائين اياز جي پُٽ جو نالو به ”پرين“ آهي)
جي تنهنجي پيار جو پاڇو انهيءَ تي ناهي ني!
هي زندگي ته رڳو رُڃَ، رُڃَ آهي ني!
پري جو آهيون ته ڄڻ، درد جي سفر ۾ هئون
ٻنهي کي وقت پيو ڳاههَ وانگي ڳاهي ني!
سڄي حياتي جنين رات ۾ گُذاري آ
ڪڏهن ته ڪوئي، انهن تي به ڏينهن لاهي ني!
وِصال پنهنجو مقدر به ٿي سگهي ٿو پر
سوال آهي اهو، هوءَ ڀي ته چاهي ني!
گرمين جي حوالي سان مشهور شهر ”سکر“ ۾ پيدا ٿيندڙ اياز گل جي طبيعت بلڪل ”گُل“ جهڙي آهي. وڏي ڳالهه ته مهان ڪويءَ شيخ اياز جي ”سالگرهه“ به هن ئي مهيني جي شروعاتي تاريخ ۾ آهي. ائين کڻي چئون ته مارچ مهينو اسان جي ”ادبي استادن/ مرشدن جو مهينو آهي ته ان ۾ ڪو حرجُ ناهي. شيخ اياز جي شاعريءَ جو تسلسل اياز گل به آهي، جنهن هن مهل تائين سنڌي ادب کي شاهوڪار شاعري ڏني آهي. پنهنجي پهرين شعري مجموعي ”سوچون سرها گل“ کان ويندي.... ”ڏک جي نه پڄاڻي آ“ اياز گل جيڪو پورهيو ڪيو آهي، اهو سڄو پورهيو، پيار جو پورهيو آهي.... ۽ هاڻ.... اُهو پيار جو پورهيو سائين اياز ”ميلي جي تنهائي“ تائين اچي پهچايو آهي. اسان جون اکيون ”ميلي جي تنهائي“ لاءِ منتظر آهن.
اوهان کان پري ڀي نهاري سگهان ٿو!
مان اهڙيون اکيون، ڪيئن ڌاري سگهان ٿو!
ڀلي مان حسابن ۾ ڪمزور پوءِ ڀي
سندءِ مهربانيون شماري سگهان ٿو!
نئون نانءُ دل تي، لکان ڪيئن ٻيو ڪو؟
ٻريل کي وري ڪيئن ٻاري سگهان ٿو؟
۽ سائين اياز جي سالگرهه جي ڪيڪ تي ”ميڻ بتيون“ نه پر اسان جون ”نينهن بتيون“ ٻرنديون. ڇاڪاڻ ته سائين اياز جي شاعريءَ جون پاڙون، هن ڌرتيءَ ۾ کتل آهن.
پري ٿي سگهان ٿو، سڀن موسمن کان
مگر ڪيئن ڌرتي ڌُتاري سگهان ٿو
سو ڌرتيءَ جي هن دادلي شاعر لاءِ ڪالم جي ڪلائيمڪس..... ۾ به ايترو چوندس ته، ”سائين! هيپي برٿ ڊي!!“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
روزانه عبرت تان ورتل

اياز گُل جي شاعري مختلف فنڪارن جي آواز ۾
اياز گُل بسنت مشاعري ۾ شاعري پيش ڪندي