ڪهاڻي ” گُلان “ نسيم حيدري [JUSTIFY]هوءَ ذات جي شيدڻ هئي … سندس ڀريل ڀريل جسم ۽ اڀريل ڇاتيون ... جوانيءَ جو ڀرپور احساس ڏياريندڙ ... ننڍي هوندي کان ئي ڳوٺ جي حويليءَ ۾، جنهنکي سڀ ”بنگلو“ چوندا هئا، ماءُ جو هٿ ونڊائڻ ايندي هئي ... ماڻهس سان گڏ ٻيون به سندس ذات واريون پورهيت مايون ڪم ڪرڻ بنگلي ۾ اينديون هيون ... جوانيءَ ۾ پير پيس ته سڄي بنگلي ۾ هرڻيءَ جيئان ڇالون ڏيندي، هِنَ هُنَ جو ڪم ڪندي وتندي هئي ... ننڍي توڙي وڏي جي وات گلان ۽ گلان هوندو هو ... ” ائي مرين! گلان ڪيڏانهن وئينءَ “ ”مرين ! ٻه ٽي ڪپ چانهن جا ته ڪري وٺُ “ ” گلان او گلان ! ڳالهيون ڇڏ، منجھند ٿي وئي آهي ، ڪم ڇڏاءِ “ ” گلان ! وڃڻ وقت ڪراچي وارن مهمانن جا ڪپڙا ته واهه تي ڌوئڻ لاءِ کنيون وڃجانءِ “ اسانجو ڳوٺ ڏانهن وڃڻ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن خاص موقعي تي ٿيندو هو ... گلان کي آءُ اڪثر رڌوڻي ۾ ماني پچائيندي ڏسندي هيس ... هڪ ته آڪهه وڏي ٻيو هميشه مهمانن جي ڀري لٿل ... گھر ۾ ٻن ٽن ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن جي هئڻ ڪري پري پري جي ڳوٺن کان آيل مريض به هوندا ئي هوندا هيا ... محرم مهيني جي آشورن واري عرصي ۾ ته ماڻهن جي وڏي پيهه هوندي هئي، مٽن مائٽن جا ڪٽنب اچي ترسندا هئا، انکان علاوه نياز ونذر ۽ کاڌو پيتو هر وقت پيو هلندو هو ... مولوين ۽ ذاڪرن جي خاص ماني الڳ ته عام ماڻهن لاءِ الڳ .... ويچاريون پوڙهيون پورهيت مايون ٿانوَ مليندي، ڪم ڪندي ٿڪجي پونديون هيون پر گلان پنهنجي جوانيءَ جي جوش ۾ ڪاٺين جي باهه تي مانين جي بٺن جي مٿان بٺا پچائيندي ٿڪ جو احساس تائين نه ڏيکاريندي هئي ... ستت ئي مائٽن سندس شادي ڪرائي ڇڏي ... پاڻ کان تمام وڏي عمر جو پوڙهو مڙس مليس ... هاڻ هوءَ بنگلي ۾ ڪجھه گھٽ ايندي هئي ... منجھس پهرين واري شوخي ۽ ڦڙتي نه رهي هئي ... جيترو جلد هن جوانيءَ ۾ قدم رکيو اوتروئي جلد هوءَ پنهنجي جواني وڃائي رهي هئي ... جڏهن به ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو ته کيس پهرين کان وڌ ضعيف ۽ ڪمزور ڏسندي هيس ... هن ڀيري ڪئي سالن کانپوءِ ڳوٺ وڃڻ ٿيو ته هوءَ نه فقط ڪمزور ۽ سست پر پريشان ۽ منجھيل پڻ نظر آئي ... رڌوڻي ۾ مانيون ٿڦي رهي هئي ... سندس سامهون صندلي رکي وڃي ويٺس ... ” گلان “ ” جيءُ “ ورندي ڏنائين ” تو هي ڪهڙا حال ڪيا آهن؟ “ مون ساڻس همدردي ڪندي پڇيو ” ڇا ٿيو آهي حالن کي ... مڙوئي خئير آهي “ ڀڳل دل سان جواب ڏنائين ” ڪا پيڙا ... ڪو ڏک ... ڪجھه به! مونسان سَلِ ته من آءُ ڪا تنهنجي مدد ڪريان ... ۽ ها توکي ته ڄاڻ آهي ته آءُ ڪهاڻيون پڻ لکان سو تنهنجي ڪهاڻي پڻ لکندس .... ” ائي ادي ! اسانجون ڪهڙيون ڪهاڻيون ... ڪير اسانجي ڪهاڻي پڙهندو ۽ ٻڌندو ... ۽ ڪير پڙهندو ۽ ٻڌندو به کڻي ته ڇا ڪندو ؟ “ سئو فيصد ڳوٺاڻو لهجو ... شڪايتي ۽ ڏکويل انداز ... مون کيس زور ڀريندي چيو ... ” نه نه ! توکي پنهنجي پيڙا ، پنهنجو ڏک ۽ رنج ٻڌائڻو ئي پوندو ... هونءَ به اندر جي ئي اندر ۾ ڪڙهڻ ۽ پچڻ ڪو سٺو آهي ڇا؟ ... ڪنهن سان حال اورڻ ۾ مزو به آهي ته سڪون به ملندو آهي ۽ آءُ ته تنهنجي گھڻي وقت کان .... “ ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين ” ائي ادي! بيشڪ تون ته منهنجي سائڻ آهين ... توکي ته سڀ خبر آهي “ ايئن چئي گھري سوچ ۾ پئجي وئي ... ڪجھه گھڙين کانپوءِ ٿڌو ساهه ڀريندي پنهنجي ڪهاڻي شروع ڪيائين ... آءُ به صندلي تي ويٺي ويٺي سندس چيل لفظ پنهنجي ذهن جي ڦرهيءَ تي چٽيندي رهيس ... ” ننڍپڻ هن بنگلي ۾، جوانيءَ جا ڏينهن هن بنگلي ۾ ۽ عمر جا آخري ڏينهن به هن ئي بنگلي ۾ ڪم ڪندي گذرندا ... زندگيءَ جو ڳچ عرصو گذري ويو آهي ۽ باقي به ايئن ئي گذري ويندو ... مائٽن مڙس ڏنو به ته پوڙهو ۽ موالي ... سڄو ڏينهن کٽ تي پيو ڪجھندو ڪرڪندو هو ... اُن نڀاڳي جو بار به منهنجن ڪلهن تي وجھي ڇڏيائون ... “ ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي ڳيت ڏنائين ۽ رئي جي پلئه سان نڪ اگھيائين ... سندس اکين جي آلاڻ ۾ ڪئي افسانا لڪل هئا ... انسان جي اندر جو ڏک جڏهن نڙيءَ ۾ اٽڪي پوندو آهي ته انکي ڳيتڻ ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ هوندو آهي !!! سگريٽ ڦوڪي ڦوڪي مون ورارو مڙس سلهه جو مريض ٿي پيو ... سڄو ڏينهن کنگھه ڪونه بيهندي هيس ... آخر ۾ ته وات مان رت جا گُراڙا پيا نڪرندا هيس ... کيس ڪلهن تي کڻي اسپتالن جا چڪر هڻندي رهيس ... ڪيترائي جتن ڪيم پر بچائي نه سگھيس ... سندس جيئري ۽ مئي کانپوءِ به ڪنهن مائٽ مٽ سار سنڀال نه لڌي ... ٽن ڏينهن تائين گھر ۾ باهه ڪونه ٻري ڪنهن اهو احساس نه ڪيو ته ڪو گھر ۾ بکيو آهي ... بس اڳ به سڄو ڏينهن پورهيو ڪري ٻارن لاءِ شام جو مانيءَ ڳڀو کڻي ويندي هيس ۽ هاڻ به ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه ... نوران جي اکين جو پاڻي هلندو ئي رهيو ... ٿڌو ساهه ڀريندي اکيون اگھندي چيائين ” مون وارو وڏو پٽ بکن ۽ بيمارين ۾ مري ويو ... پنهنجي پيار جي نشاني کي به بچائي نه سگھيس “ ” پيار جي نشاني؟ “ مون حيرت گاڏڙ سوال ڪيو ... ” ائي ادي توکان ڇا لڪائڻ! جوانيءَ ۾ ماڻهونءَ کي ڪنهن ڳالهه جي نتيجي جي خبر ڪا ٿوريءَ پوندي آهي ... ”منون“ هن بنگلي مان پاڻي ڀرڻ ايندو هو ... هو شيدي نه هو ... خوبصورت گورو چٽو نوجوان هو ... پنهنجو پيار ٿي ويو ... لڪي لڪي ملڻ لڳاسين ... شيدي براداريءَ کان ٻاهر شاديون نه ٿين بلڪه سوچڻ به ڏوهه! ... ٻئي مجبور ٿي پياسون ... بدقسمتيءَ سان مائٽن کي به ڪا اسانجي پيار جي کڙڪ ٿي وئي ۽ منهنجي شادي جلد ڪرائي ڇڏيائون ... پاڻکي جڏهن پوڙهين ۽ ڪمزور ٻانهنِ ۾ پاتم تڏهن اندر جا سڀ جذبا ۽ خواب ٽٽي پيا ... بدناميءَ جي ڀئوَ ۾ ڪجھه ڪڇي ڪونه سگھيس ... بيجان جسم جيئان پاڻکي ان شخص جي حوالي ڪري ڇڏيم جنهن وٽ ڪي جذبا ڪونه هئا ... منهنجي من کيس ڪڏهن ڪونه قبوليو ... محنت مزوريءَ جا پئسه ملندا هئا سي به انجي بيماري ۽ پرهيزي کاڌي تي خرچ ٿي ويندا هئا ... جيستائين جيئرو هو کٽ تي ويهاري کارايومانس جو کيس ڪنهن ڪم ڪرڻ جي سگھه جو ڪونه هئي ... سندس بيماريءَ جو علاج ڪندي ڪندي اهو نڀاڳو مرض مونکي به لڳي ويو ... ڇا مليو؟ مرض ۽ محرومي ! وڏو پٽ جنهنجي ڪنهنکي به ڄاڻ نه هئي ته ڪو هو ”منونءَ “ مان هيو، بيمار ٿيو ته کيس چڱيءَ طرح علاج ڪرائي بچائي نه سگھيس ۽ هنن هٿن ۾ مري ويو ...“ ” ان جي خبر منونءَ کي آهي؟ “ مون سوال ڪيو رازدارانه انداز اختيار ڪندي چيائين ” ها ! کيس هر ڳالهه جي خبر آهي ... ڪڏهن ڪڏهن هتي ايندو آهي ۽ اسرار ڪندو آهي ته ساڻس گڏجي رهان ... ڀر واري ڳوٺ ۾ رهي ٿو ... سندس ننڍي نيٽي زال آهي ۽ ٻار پڻ ... پر الائجي منونءَ جي ساڻس لڳي نٿي... “ ” پوءِ تو ڇا سوچيو آهي؟ “ مون کائنس وڌيڪ پڇيو ” سوچڻ ڇا ! پر اعتماد لهجي ۾ ” ايترن سارن ٻارن جي ماءُ ... ڌيءُ ذري گھٽ اچي جوان ٿي اٿم ... جيڪا ٿوري گھڻي عزت اٿم سا به وڃايان ! ٻي جي ڪلهن تي پنهنجن ٻارن جو بار وجھان ... عورت ٿي ڪري ٻي عورت تي پهاڄ بڻجي ظلم ڪريان، مونکان اهو ڪونه ٿيندو ادي ! گذري ويندي باقي عمر ...“ اوچتو ماما وڏو ڪنهن ڪم سانگي رڌوڻي ۾ آيو ۽ گلان جي اکين ۾ آلان ڇڏي ٻاهر نڪتس ... پنهنجي ان ملاقات جي ڪجھه عرصي کانپوءِ ۽ ٿورا ڏينهن اڳ پنهنجي ماسيءَ جي گھر وڃڻ ٿيو ... ويهڻ واري ڪمري ۾ ڪجھه تحفا نظر آيا ... مون ماساتِ کان پڇيو ”هي تحفا ڪنهن لاءِ ... ؟“ ”گلان جي ڌيءَ جي شادي آهي ... امڙ کي خاص دعوت ڏني اٿائين ... “ ورندي ڏنائين ” گلان شيدڻ جي ڌيءَ ! “ حيرت ۾ منهنجي رڙ نڪري وئي ... ” پر هوءَ ته اڃان ڪچي عمر جي آهي ... بالغ به ٿي هوندي الائجي نه ... ڪنهن سان شادي پئي ٿئيس ؟ “ مون ماسات کان سوال ڪيو ... ” پنهنجي ئي برادريءَ جو ڪو وڏي عمر جو پوڙهو اٿن ... امان ٻڌايو پئي ... “ ” اڙي گلان نڀاڳي ! هي تو ڇا ڪيو؟ پنهنجي معصوم ڌيءَ کي هڪ پوڙهي جي حوالي ڪندي کيس ڪو احساس ڪونه ٿيو .... کانئس ڪهڙي ڏوهه جو بدلو ورتائين ... پنهنجو حشر سامهون هيس پوءِ به ايئن ڇو؟ ڇا ان تسلسل کي ٽوڙي نه ٿي سگھي؟ گلان توکي ايئن ڪرڻ نه جڳائي ها ...“ ذهن ۾ ڪئي سوالن جنم ورتو ... حيرت ۽ ڏک جي گڏيل جذبن سان ڏينهن پورو سوچيندي رهيس ... ”آخر ڪنهن کي ته سنڌ جي معاشري ۾ اهڙن ڏوهن جي پڄاڻيءِ لاءِ ڪو ممڪن حل ڳولهڻو پوندو ... ظلم ۽ مجبوريءَ جي زنجيرن کي ٽوڙڻو پوندو ... اهو ڪڏهن ممڪن [/JUSTIFY]ٿيندو به يا نه ؟؟؟
جواب: گُلان ۔۔۔ نسيم حيدري پنهنجي ئي برادريءَ جو ڪو وڏي عمر جو پوڙهو اٿن ... امان ٻڌايو پئي ... “ ” اڙي گلان نڀاڳي ! هي تو ڇا ڪيو؟ پنهنجي معصوم ڌيءَ کي هڪ پوڙهي جي حوالي ڪندي کيس ڪو احساس ڪونه ٿيو .... کانئس ڪهڙي ڏوهه جو بدلو ورتائين ... پنهنجو حشر سامهون هيس پوءِ به ايئن ڇو؟ ڇا ان تسلسل کي ٽوڙي نه ٿي سگھي؟ گلان توکي ايئن ڪرڻ نه جڳائي ها ...“ ذهن ۾ ڪئي سوالن جنم ورتو ... حيرت ۽ ڏک جي گڏيل جذبن سان ڏينهن پورو سوچيندي رهيس ... ,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,, سوال جو جواب مون وٽ آهي ته گلان کي ٻين ٻارن جي پالن ڪري پئسو کپندو هو سو پنهنجي ڌيء کي ڪجھ پئسن اعوض پرڙائي ٻين ٻارن جي لاء چار ڏينهن جو کاڌو رکيو اٿس. ،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،، هي اسان جي معاشري جي ڪهاڻي آهي، بلڪه منهنجي پنهنجي ڳوٺ ۾ اهڙي قسم جا اصل واقعا منهنجي نظر اڳيان گذريا آهن.
جواب: گُلان ۔۔۔ نسيم حيدري تمام بھترين ڪھاڻي! اسان وٽ تقريبن بروچ سنڌي قبيلن جي ماڻھن وٽ اڃان تائين ائين ٿئي ٿو ننڍي عمر جي ڇوڪري پيسن عيوض وڏي عمر جي مرد کي وڪڻي ڏيندا آھن، ڇوڪريون پو پوڙھن مڙسن کي پالڻ لا گھر کان نڪري محنت مزدوي ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي بيمار پوڙھي مڙس جو پيٽ پالينديون آھن۔
جواب: گُلان ۔۔۔ نسيم حيدري سائين نثار سلام مونکي ياد آهي ته جڏهن ننڍو هوس ڀانيان ٿو ته ڇهين درجي ۾ هوس تڏهن کان مسلسل سنڌي ڪهاڻيون پڙهندو اچان۔ اخبارن ۾، رسالن ۾ ۽ ڪهاڻي ڊائجسٽ ۾ پر گُلان جي ڪهاڻي ان وقت به ساڳي هئي ۽ اڄ انٽرنيٽ تي پڙهندي به گُلان جي ڪهاڻي ۾ ڪا تبديلي نظر ڪانه آئي۔ سنڌ جو معاشرو ۽ معاشي حالتون بهتر ٿيڻ بجاء پوئتي وڃي رهيون آهن۔ طبقن جو فرق وڌندو وڃي۔ هڪڙو طبقو وڌيڪ طاقتور ته ٻيو وڌيڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي۔ تعليم جي حالت پهريان کان خراب ٿيندي وڃي۔ ادا نسيم حيدري جا احساس ۽ جذبا لفظي روپ ۾ وقت بوقت پڙهڻ لاء ملندا رهندا آهن۔ ڪاش سنڌ جي حالت تبديل ٿي ۽ گُلان جي ڪهاڻي ۾ ڪو نئون انداز اچي۔