مڃان ٿو مون غلطي ڪئي آهي جو پنهنجي هيڏي ساري پياري اوطاق کي ڪافي عرصو پري رهيو آهيان۔۔۔ جنهن جا ڪيترائي سبب آهن۔۔۔ دل نه لاهيو مان اهي سبب هتي شيئر نه ڪندس نه ته توهان چوندا الائي ڇو مولائي پريشان ٿو ڪري۔۔۔۔ پريشان ڪرڻ ته اسانجي فطرت ۾ ئي ڪونهي سائين۔۔۔ خيئر ڪٽي سٽي ڳالهه اها آهي ته جڏهن جڏهن مان اداس هوندو آهيان۔۔۔ يا ڪا پريشاني اچي ويندي آهي ته هي اوطاق ئي مُنهنجو سهارو هوندي آهي يا اوطاق ئي مُنهنجو ٺڪاڻو هوندي آهي۔۔۔ اسان جي اوطاق ۾ ادو وڏو به آهي ته جادوگر به آهي۔۔۔ته وري جهونو به آهي ٻيو سڀ خيئر پر مون وارو مست به آهي۔۔۔ اڃان به ڦلپوٽو فقير زنده باد۔۔۔۔ باقي استاد سائين جو مقام ته سڀني کان مٿي آهي۔۔۔ ايئن سمجهو ته مان اڄ به هڪ پريشاني ۾ آهيان۔۔۔ هڪ ڪشمڪش ۾ آهيان۔۔۔ گهريلو ٽمجهڻ جي ڪري سوچيان ٿو پاڪستان سوري سنڌ ۾ اچي رهان۔۔۔۔ هتي اها ئي ڪار آهي ڪيڏو به ڪرين سينگار ته به مهمان مٽي جو۔۔۔۔ دعائن جو طلبگار۔۔۔ مولائي فقير
جواب: اسانجي اوطاق۔۔۔ڪيڏي پياري اوطاق ابا مولائي فقير ۔۔۔ سنڌ تنهنجو ملڪ آهي ۔۔۔ تنهنجي ڌرتي آهي، جي ايندين ته اسان ڀليڪار چونداسون ۔۔۔ ڏک سک برداشت ته دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ڪرڻا هوندا آهن ۔۔۔ پوءِ اهي ڏک ڇو نه پنهنجي ڌرتيءَ تي برداشت ڪجن ۔۔۔ اسان دوست سنڌ سلامت تي اوهان کي ياد ڪندا آهيون ۔۔۔ سنڌ سلامت جي دوستن ڪڏهن ڪنهن دوست کي وساريو آهي ڇا؟ تون جيڪا چلم، سلفي ۽ ڏنڊو ڪونڊو ڪنڊ ۾ رکي ويو آهين سو اڃان سلامت آهي ۔۔۔ توکان بغير پاڻ به چڪي ڪون چکي آهي ۔۔۔ ايندي ته ملي ويهندا چريا چار ۔۔۔۔ باقي ها ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ زندگي آهي بابا ۔۔۔ ايترو آسان به ناهي ڀلي آيا جي آيا ۔۔۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيان
جواب: اسانجي اوطاق۔۔۔ڪيڏي پياري اوطاق لڳي ٿو فقير پريشانيون ٻڌائي مال ڦٻائڻ جي چڪر ۾ آهيڻ ٻيلي ڏاهو ٿئجا۽ مون کي پنهنجو حصو مڪمل گهرجي هڪ ته يار پاڻ مان اڄ ڪلهه ڪڙڪيڻ ۾ آهيان وري مٿان توهان اهڙيوڻ ڳالهين پيا ڪريو سدائين گڏ
جواب: اسانجي اوطاق۔۔۔ڪيڏي پياري اوطاق يار شڪارپوري فقير! وڏو ڪو لاهه آهين۔۔۔۔ ڌنڌو آهي مندو۔۔۔۔۔ مولا جو جوئا ۾ برڪت وجهي نه ته ڪُل ئي خير۔۔۔
جواب: اسانجي اوطاق۔۔۔ڪيڏي پياري اوطاق پيارا رنجيت عرف سنڌ سلامت جا پپو يار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڀليڪار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سدا خوش هجو يار رنجيت سچ پڇين ته ڏک يا سُک ۾ پنهنجي ديس جي هڪ پنهنجي ئي خوشبو ۽ پنهنجائپ رهندي آهي۔ ڀلي ڏکيائون اچن، مسئلا اچن پر ڪو هڪ ڀاڪر، ڪنهن دوست جي هڪ چمي يا ڪنهن پياري جي هڪ مرڪ سڀ غم مٽائي ڇڏيندي آهي۔ اوهان جي پريشانين جو احساس آهي جيڪي ڪڏهن ڪڏهن اوهان فيسبوڪ چيٽ تي ونڊ ڪندا رهندا آهيو۔ پر پوء به ڏکن سان مقابلو ڪرڻ اصل زندگي آهي۔ جيڪڏهن اوهان جو من اتي نه ٿو لڳي ته پوء پيارا پپو جلد واپس هليو اچ ۽ اچي پنهنجي پراڻي ٿاڪ خيرپور جي گهٽين کي آباد ڪر۔ جي اتي دل نه لڳئي ته پوء سچل ڳوٺ هليو آ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ها پريشان نه ٿجان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جڏهن پريشان ٿين يا ڏکارو هجين ته پوء اکيون ٻوٽي ڇڏ ۽ تصور ڪر ته تون سنڌ سلامت جي دوستن جي حلقي ۾ آهين ۽ پوء اکيون کولي مسڪرائي ڇڏجان۔
جواب: اسانجي اوطاق۔۔۔ڪيڏي پياري اوطاق وساڻ صاحب۔۔۔۔ اهڙيون ڳالهيون ٻڌائي اصلي مُنهنجي دل کي وڏي آٿت ملي آهي۔۔۔ 3 ايڊئٽس۔۔۔ ۾ عامر خان جو هڪ ڊائلاگ آهي ته دل وڏي بزدل هوندي آهي۔۔۔ جڏهن به ڪنهن ڪم ۾ منجهين ته ان دل تي هٿ رکي چئه ته آل از ويل۔۔۔۔ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي۔۔۔۔