نصحيت ڀريا ڏاهن جا قول

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    محترم ميمبرس ڪجھ وڌيڪ نصحيت ڀريا ڏاهن جا قول اوهان لاء :-

    (1) انسان کي انسان ڌوڪو نه ڏيندو آهي۔انسان کي ان جون اُهئي توقعات دوکو ڏينديون آهن جيڪي هو الله پاڪ کان سواء ٻين سان وابسط ڪري ڇڏيندو آهي۔

    (2) هر مسئلي جو حل آهي پنهنجي پيشاني کي زمين جي طرف جهڪائڻ۔ماڻهو جيڪي الله پاڪ جي عطمت ۾ گوڏن ۽ پيشانين سان جهڪن ٿا۔هر مشڪل جي سامهون آرام سان بيهي سگهن ٿا۔

    (3) انسان صرف ان وقت پريشان ٿيندو آهي جڏهن هو وقت کان پهريون ۽ نصيب کان وڌيڪ گهرندو آهي۔

    (4)"جڏهن ماڻهون ڪنهن سان محبت ڪندا آهن ته ان جون برائيون وساري ڇڏيندا آهن ۽ جڏهن نفرت ڪندا آهن ته هن جون سٺايون ۽ خوبيون وساري ڇڏيندا آهن۔زندگي ۾ سڀ کان وڏي تڪليف ڏيڻ واري ڳاله آها آهي ته ڪنهن جي اکين ۾ ڳوڙها اچن [/SIZE][/COLOR]"توهانجي ڪري" ۽ سڀ کان پياري ڳالھ اها آهي ته ڪنهن جي اکين ۾ ڳوڙها اچن"توهانجي لاء"۔
    (5) سڀ پيارا ويجهو نه هوندا آهن ۽ سڀ ويجها پيارا نه هوندا آهن۔اهو آسان آهي ته ويجهن کي ياد رکجي پر تمام مشڪل آهي ته پيارن کي وساريجي۔

    (6) ڪڏهن به پنهنجي اصليت کي ٻين جي خاطر نه بدليو،ڇاڪاڻ ته ڪير به توهان جو رول توهان کان بهتر انداز ۾ ادا نه ٿو ڪري سگهي،توهان بهتر آهيو جڏهن توهان توهان آهيو۔

    (7)
    ماڻهون ٽن ڳالهن جي ڪري توهانجي غيبت ڪندا آهن ِيا پٺيان ڳالهيند آهن۔
    (اي) جڏهن هو توهانجي ليول / اوچائي کي پڄي نه سگهندا آهن۔
    (بي) جڏهن انهن وٽ اهو سڀ ڪجھ نه هوندو آهي جيڪو توهان وٽ آهي۔
    (سي) جڏهن هو توهانجي زندگي گذارڻ جي طريقي جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر ڪامياب نه ٿيندا آهن۔۔ انڪري توهان هر اهو ڪم ڪيو جيڪو توهانجي مستقبل لاء بهتر آهي۔

    (8) مفاصلو ڪنهن رشتي کي ختم نه ڪندو آهي۔۽ ويجهڙائي ڪنهن رشتي کي مضبوط نه ڪندا آهي۔جيڪڏهن احساست سچا ۽ ديانت وارا آهن ته رشتا هميشه مضبوط رهندا آهن چاهي مفاصلو ڪيترو به هجئي۔

    (9) مسڪراهٽ دل جو دروازو تمام جلدي کوليندا آهي بمقابل چاٻي سان دروازو کولڻ جي۔مسڪراهٽ مفت ۾ آهي ، ان کي جمع نه ڪريو۔دنيا کي روشن ڪيو پنهنجي مسڪراهٽ سان۔هميشه مسڪرائيندا رهو۔

    (10) هڪ سٺو عمل بهتر آهي هزار سٺن نيتن کان۔بدقسمتي سان ماڻهون پنهنجي پاڻکي ته پرکن ٿا پنهنجي نيتن سان پر ٻئي کي پرکن ٿا ان جي عمل سان۔

    (11) زندگي جي آرامده سفر لاء پنهنجي خواهشين جي سامان کي گهٽايو۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: نصحيت ڀريا ڏاهن جا قول

    تمام بهترين معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي سائيڻ

    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

    توهان جوڻ ڪوّششوڻ سنڌ سلامت فورم لا۽ واکاڻ لائق آهن

    سدائين گڏ
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نصحيت ڀريا ڏاهن جا قول

    سائين غلام مصطفى صاحب مهربانيون ۔۔۔ تمام سهڻو ليک ، سهڻيون ڳالهيون، دل کي وڻندڙ قول


    مفاصلو ڪنهن رشتي کي ختم نه ڪندو آهي۔۽ ويجهڙائي ڪنهن رشتي کي مضبوط نه ڪندا آهي۔جيڪڏهن احساست سچا ۽ ديانت وارا آهن ته رشتا هميشه مضبوط رهندا آهن چاهي مفاصلو ڪيترو به هجئي۔


    ۽ سنڌ سلامت جا دوست به بلڪل مٿين سٽن تي عمل پيرا آهن، ڪيترا ته اهڙا آهن جيڪي هڪ ٻئي سان مليا به ناهن پر پوء به سندن محبت ۽ پيار اڻ ميو ۽ اڻ کُٽ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    لاجواب پوسٽ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو