ادا آحمد صديقي صاحب اسلام عليڪم۔اسان توهان کي هن محبتي اڳڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون۔ادا سليمان وساڻ جيڪو هن فورم جو روح روان آهي سو به اوهان جي ڊسٽرڪٽ خيرپور ميرس سان تعلق رکي ٿو۔اسان کي اميد آهي ته اوهان انهن جي تلقيد ڪندي پنهنجي سٺن ليکن ۽ ويچارن سان هن فورم کي سينگاريندا۔
گڏيجي ضلع خيرپور جي سهڻي دوست احمد صديقي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔
تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي۔ اوهان جهڙي سڄاڻ دوستن جي راين، صلاحن ۽ لکڻين جو انتظار رهندو۔ ڀلي ڪري آيا جي ڪري آيا۔ منهنجو تعلق ڪوٽڏجي ضلع خيرپور سان آهي ۽ راڻيپور ، هنڱورجه ويجهو هجڻ ڪري اتي گهڻي اچ وڃ رهي آهي۔ گڏيجي سنڌ جو پراڻو ۽ تاريخي ڳوٺ يا شهر آهي جيڪو راڻيپور جي ويجهو قومي شاهراهه تي واقع آهي۔ گڏيجي جا صديقي سونارڪي ڪم سبب به گهڻو مشهور رهيا آهن۔ مان پڻ گڏيجي ۾ پنهنجي دوست غلام سرور جوکيو سان گڏ آيو آهيان جيڪو هن وقت ته اسان سان گڏ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رهي ٿو پر اصل گڏيجي جو آهي۔