[JUSTIFY]هڪ پوڙهي هاري پنهنجي بيگناهه قيدي ڏاهي پُٽ کي جيل ۾ خط لکيو ته پُٽ هاڻ مان گهڻو ڪمزور ٿي ويو آهيان ۽ زمين جي کيڙي يا گُڏ ڪرڻ جي قابل به ناهيان، تنهنڪري هن سال پٽاٽن جي پوک ڪونه ڪري سگهندس۔ ڪاش تون گڏ هجين هان ته اسان کيڙي ڪري سٺي پوک ڪيون هان۔ سندس نوجوان قيدي پُٽ جيل اندران پنهنجي پيء کي جوابي خط موڪليو ته بابا توهان ڀُلجي به پنهنجي ٻنين جي کيڙي يا گُڏ نه ڪجو، ڇو ته پنهنجي زمين ۾ مان هٿيار ۽ اسلحو پوريو آهي، ڪٿي اهو ظاهر نه ٿي پوي !!! اڳئين ڏينهن سڄي شهر جي پوليس ان پوڙهي جي زمين تي پهتي ۽ ڪوڏرون، بيلچا کڻي زمين اٿلائڻ لڳي ۽ هٿيار ڳولڻ لڳي۔ هنن سموري زمين اٿلائي ڇڏي پر هنن کي ڪي به هٿيار نه مليا۔ پر ان بهاني پوڙهي جي ٻنيء جي کيڙي ٿي وئي۔ اڳئين ڏينهن پُٽ ٻيهر پنهنجي پوڙهي پيء ڏانهن خط لکيو ته بابا اميد ته هاڻ پنهنجي ٻني پوک لائق ٿي وئي هوندي ۽ اوهان پٽاٽن جي پوک سولائي سان ڪري سگهندا۔ معاف ڪجو بابا سائين مان اوهان جي ايتري ئي مدد ڪري سگهيس۔ اوهان جو بيگناهه قيدي پُٽ۔[/JUSTIFY]
جواب: پوڙهو هاري ۽ سندس ڏاهو قيدي پُٽ بهترين سائين۔۔ بزگن جي خدمت جنت جي ضمانت۔۔ اهڙو دماغ ۽ ڏاهو، سو وري قيد ۾ ۔۔ هاءِ ڙي زمانا تنهنجو انصاف
جواب: پوڙهو هاري ۽ سندس ڏاهو قيدي پُٽ سلطان سائين لک ٿورا گهڻن ڏينهن کانپوء اوهان جي تحرير پڙهڻ لاء ملي آهي۔ سائين ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو ۔۔۔۔۔۔۔ بس سائين اهائي ته زماني جي نا انصافي آهي جو اعلى ذهن سدائين اهڙي عتاب جو شڪار رهيا آهن۔