سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي پنهنجي مرڪزي سيڪريٽريٽ جي پيڙهه جي پٿر رکڻ واري تقريب

    رپورٽ ۽ تصويرون: نثاراحمدناز ​


    [JUSTIFY]گُذريل سومر 5 مارچ 2012ع تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ جي پيڙهه جو پٿر سنڌ جي خوبصور ت شامن جي شهر حيدرآباد جي اختر ڪاٽيج ڀٽائي ٽائون پُل قاسم آباد ۾ سنڌ جي ثقافت جي وزير محترمه سسئي پليجو رکي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو 55 سالا “سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي پنهنجي سيڪريٽريٽ ” وارو سپنو ساڀيان ڪري ڇڏيو.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]پيڙه جو پٿر تاڙين جي گونج ۾ سنڌ جي ثقافت واري وزير محترما سسئي پليجو صاحبه سان گڏ سنڌ جي ڏاهي اديب ، عالم فاضل محترم ابراهيم جويو سنڌ جي مشهور سماج سُڌارڪ سيد جاويد علي شاهه جيلاني ڏوري ڇڪي رکيو، بعد ۾ مرڪزي سيڪريٽريٽ جي مزڪزي سيڪريٽريٽ واسطي سڀني رب پاڪ جي حضور دعاءِ خير گهري. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل معزز مهمانن کي بنجندڙ مرڪزي سيڪريٽريٽ جي اندران کان به وزٽ ڪرائي.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]پٿر رکڻ جي شاندار تقريب ۽ مرڪزي سيڪريٽريٽ جي بنجندڙ عمارت جي دوري کانپوءِ انهي سلسلي ۾ معزز مهمانن لاءِ پر وقار تقريب آجيان منعقد ڪئي وئي. جنهن جي صدارت نامياري سنڌي ڏاهي محترم محمد ابراهيم جويو ڪئي جڏهن ته خاص مهمان سنڌ جي ثقافتي وزير محترمه سسئي پليجو صاحبه ، اعزازي مهمانن ۾ مشهور سنڌي سماج سُڌارڪ سيد جاويد علي شاهه جيلاني، ڊاڪٽر فهميده حُسين ميمڻ، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي هُئا، جڏهن ته اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض رنگن جا اوجاڳا ڪتاب جي ليکڪه محترما مهرالنساءِ لاڙڪ ادا ڪيا، آجياڻي تقريب جي باظابطه ڪاروائي جو شاهه سائين جي لاجواب بيت

    جيڪي منجهه جهان سو تاري تَڳِيءَ تُنهنجي ،
    لطف جي لطيف چئي تو وٽ ڪمِي ڪانه،
    عدل ڇُٽان آنءُ نه ڦيرو ڪجه ڪو فضل جو

    ڪيو ويو ان کانپوءِ لالڻ لاکيڻي لطيف جي وائي ٻُڌائي سموري محفل کي جهومائي ڇڏيو.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦُل چيو ته اڄ الله سائين جي فضل ۽ ڪرم سان سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ جي آفيس جي پيڙهه جو پٿر رکجي چُڪو آهي، هي سپنو جڏهن کان سنڌي ادبي سنگت وجود ۾ آئي تڏهن کان ڏٺو ويو هو ته سنگت جي پنهنجي مرڪزي آفيس هُجي ، جتي سنڌ جا اديب ليکڪ ، شاعر پنهنجي ادبي چُرپُر کي آساني سان سرانجام ڏيئي سگهن ، ڪڏهن سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس کي پلاٽ مليو ته ڪڏهن انهيءَ پلاٽ لاءِ دلاسو مليو، ڪڏهن هن سيڪريٽريٽ لاءِ اڌو لاڙو ڪم هليو وري بند ٿِي ويو ، ڪيئن مرڪزي سيڪريٽري آيا انهن مرڪزي سيڪريٽريٽ واسطي ڪافي ڪوششون به ڪيون پر اهو سپنو دوستن جي اڻٿڪ محنتن ۽ دُعائن سان 55 سالن کان پوءِ سندس مرڪزي سيڪريٽري جي دور ۾ ساڀيان ٿِي ويو، هي آفيس تقريبن پنجاهه فيصد تياري جا مرحلا طئه ڪري چُڪي آهي .ان سلسلي ۾ سنڌ جي ثقافتي وزير محترما سسئي پليجو صاحبه ثقافتي فنڊ مان پنج لک روپيا اڳ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي تعمير ٿيندڙ هن مرڪزي سڪيريٽريٽ لاءِ ڏئي چُڪِي آهي، ان کان علاوه ڪافي سارن سنڌ جي سانڃهه وند ماڻهن به هن ڪار خير ۾ حصو ورتو آهي ، جڏهن هي آفيس جُڙي راس ٿيندي ته هن پيڙهه واري پٿر سان گڏ هڪ ٻيو بورڊ به ضرور هن مرڪزي سيڪريٽريٽ جي ديوار تي لڳل هوندو جنهن تي هن خالص ادبي ڪار خير ۾ حصووٺندڙ هر دوست جو نالو پڻ لکيل هوندو، پوءِ جنهن پنج لک روپيه ڏنا هوندا ، ان جو به نالو هوندو ۽ جنهن هن مرڪزي آفيس واسطي صرف هڪ سئو روپيه ڏنو هوندو ان جو به نالو لکيل هوندو، اسان سنڌ جا اديب محبتون ورهائڻ وارا آهيون ، ۽ پيار ورهائڻ جو هي آستانو اسان جو پنهنجو آستانو جلدي تعمير ٿيڻ وارو آهي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦل مشهور سماج سُڌارڪ سيد جاويد علي شاهه جا ٿورا مڃيندي چيو ته اڄ سائين جاويد شاهه جيلاني سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽريٽ واسطي ڪيش جي صورت ۾ ڪجهه رقم منهنجي صدريءَ جي کيسي ۾ وڌي آهي ، سائين جاويد شاهه جيلاني اهو ادب دوست ۽ سانڃهه وند دوست آهي جنهن بنا گُهرڻ جي بنا ڪنهن تقاظا ڪرڻ جي سنڌي ادبي سنگت جي تعمير ٿيندڙ هن سيڪريٽريٽ لاءِ جيڪا رقم دان ڪئي آهي اها اندازي موجب ٻه لک يا ٽي لک روپيه آهي ، ڊاڪٽر مشتاق پنهنجي کيسي مان اخبار ۾ ويڙهيل نوٽن جي ٿهي ڪڍي ڏيکاري، جنهن تي پنڊال ۾ ويٺل سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين ۽ اسٽيج تي ويٺل معزز مهمانن تاڙيو وڄائي سيد جاويد شاهه جيلاني ءَ جا ٿورا مڃيا، آخر ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦل سڀني معزز مهمانن ۽ پنهنجي سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين جا ٿورا مڃيا جن اڄوڪي هن تاريخي تقريب ۾ شرڪت ڪري سنگت جو مان مٿاهون ڪيو آهي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي هن زبردست خطاب تي سنڌي ادبي سنگت جا ساٿي انتهائي محبتن سان ڪافي دير تاڙيون وڄائي ڊاڪٽر مشتاق کي ڀرپور داد ڏنو ۽ پنهنجا پيار واريا. ان کانپوءِ سماجي سُڌارڪ سائين جاويد شاهه جيلاني کي تقرير لاءِ نينڊ ڏني وئي، جنهن چيو ته سنڌي ادبي سنگت سان سندس روح جو رشتو آهي، ۽ جيئن ته ڊاڪٽر مشتاق ڦُل سنڌي ادبي سنگت جو سالار آهي ، سرواڻ آهي ان سان سندس دوستي ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪونهي هو جڏهن به ڪُنب شهر کان لنگهندو آهي ته ڊاڪٽر مشتاق ڦُل جي مهڪار ڪنهن گُل وانگر کيس محسوس ٿيندي آهي ۽ هو ڊاڪٽر مشتاق ڦل سان ملڻ بغير واپس ڪونه ويندو آهي، سيد جاويد شاهه جيلاني وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر مشتاق جي صدريءَ جي کيسي ۾ هن صرف ٻه لک روپيه وڌا آهن هو قطئي انهي باري ۾ ڪونه ٻُڌائي ها پر ڊاڪٽر مشتاق ڦل بار بار چيو ٿي ته ٻه لک آهن يا ٽي لک آهن سو مجبوريءَ جي ڪري وضاحت ڪرڻي پئجي وئي، سيد جاويد شاهه جيلاني وڌيڪ چيو ته اهو محبت جو سلسلو هُو ڪڏهن به ڪونه ٽوڙيندو، اڃان به جيترو ٿي سگهندو هُو سنڌي ادبي سنگت لاءِ ضرور گهڻو ڪجهه ڪندو. سنڌ جي اديبن جو پنهنجو آستانو هوندو ته هو آزاديءَ سان سنڌ جي ڏُکن سورن، جي باري ۾ نت نيون تخليقون تخليق ڪندا، ظلم ، ڏاڍ ۽ ڏوهه خلاف آواز بڻجي اڀرندا،سنڌ جي خوشحاليءَ جي باري ۾ سوچيندا. ان کانپوءِ مهمان خاص سنڌ جي ثقافتي وزير محترما سسئي پليجو کي دعوت خطاب ڏني ويئي ، محترما سسئي پليجو سنڌي ادبي سنگت جون سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت هر موڙ تي ادبي هُجي، سنڌ دشمن منصوبا هُجن يا سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ واري تحريڪ هُجي ان ۾ پنهنجي ڀرپور جدوجهد ذريعي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي ڌڙڪنن سان سدائين سندس دل جون ڌڙڪنون ڌڙڪنديون آهن، هُوءَ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽريٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ پنهنجي لاءِ هڪڙو ڀرپور اعزاز سمجهي ٿي ۽ تمام گهڻي خوش آهي .هن سنڌي ادبي سنگت لاءِ پهريان جيڪي پنج لک روپيا منظور ڪرايا هُئا اها ڪا ٿوري جي ڳالهه ڪانه هُئي پر اهو هُن جو فرض هو، ڇو جو کيس خبر هُئي ته اها رقم سنڌي ادب تي خرچ ٿيندي، سنڌي اديبن جي آشياني تي خرچ ٿيندي، جيجل سنڌ جي ڏات ڌڻين تي خرچ ٿيندي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل جو ڪردار سنڌي ادبي سنگت لاءِ واکاڻ جوڳو آهي ، محترما سسئي پليجو وڌيڪ چيو ته سنڌي ادبي سنگت جيڪا به سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي هُوءَ ان جدوجهد کي سنڌ جي جدوجهد جي نظر سان ڏسندي آهي.سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ ڪو جرم ڪونهي، سنڌي ادبي سنگت اهو ادارو آهي جنهن سدائين سنڌ لاءِ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ، سنڌي ماڻهن لاءِ عملي جدوجهد ڪئي آهي ، سنڌي ادبي سنگت جي هن سنڌ دوستيءَ واري ڪردار کي سندس سلام آهي. چاهي سسئي پليجو وزير هُجي چاهي حڪومت ۾ نه هُجي پر يقين ٿي ڏياريان ته سنڌي ادبي سنگت سان سندس روح جو رشتو ۽ ناتو سدائين برقرار رهندو. محترما سسئي پليجو صاحبه سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽريٽ جي تعمير واسطي وڌيڪ 10 لک روپيه منظور ڪيا ۽ جلدي اهي پيسا ڏيڻ جو اعلان ڪيو، سندس هن اهم اعلان تي ساري پنڊال ۾ شريڪ ٿيل اديبن ادب دوستن دل کولي محترما سسئي پليجو کي داد ڏنو.
    هن تقريب جي صدارت ڪندڙ سنڌي ڏاهي محترم ابراهيم جويو کي اسٽيج سيڪريٽري محترما مهرالنساءِ لاڙڪ هنن لفظن ته سائين ابراهيم جويو صاحب اسان لاءِ اها هستي آهي جنهن کي ڏسڻ ئي اسان لاءِ ثواب آهي.چئي هن تقريب کي چند لفظ ڳالهائڻ جي نينڊ ڏني جنهن تي ساري پنڊال ڀرپور تاڙيون وڄائي محترما مهرالنساءِ لاڙڪ کي ڀرپور داد ڏنو.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]سنڌي ڏاهي ابراهيم جويو چيو ته کيس خوشي آهي ته سنڌي ادبي سنگت هاڻي مضبوط هٿن ۾ آهي، سنڌي ادبي سنگت هميشهه سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان گهڻو ڪجهه اسان کي مليو آهي ، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽريٽ جو تعمير ٿيڻ انهي ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ هاڻي پنهنجي پيرن تي بيٺي آهي . [/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]ان کانپوءِ ڊاڪٽر مشتاق خصوصي ٿورا مڃيا پنهنجي مرڪزي خزانچي محترم نبي بخش ناز جا جنهن بدين شهر مان اچي ڪري سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽريٽ جي تعمير جي سلسلي ۾ سندس هٿ ونڊايو. ۽ اسپيشلي گُذارش ڪئي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري نبي بخش ناز کي ته هن سرهي تقريب جي اختتام جو اعلان ڪري، نبي بخش ناز پنهنجي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل سان گڏ سڀني معزز مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن عمارت جي تعمير جي سلسلي ۾ سڀ دوست اسان جي شانه بشانه آهن ، سنڌ ادبي سنگت جي سڀني ساٿين هر موڙ تي ساٿ نڀايو آهي ، لکين ٿورا اسان جي مان واري وزير ثقافت محترما سسئي پليجو صاحبه جا جنهن سنڌي ادبي سنگت جي جدوجهد کي مان ڏنو ۽ سنڌ ادبي سنگت جي هن مرڪزي سيڪٽريٽ لاءِ دان ڏنو .هن محترم جاويد شاهه جيلاني جا به ٿورا مڃيا. آخر ۾ هن تقريب جي ڪاروائي هلائيندڙ محترما مهرالنساءِ لاڙڪ شاهه سائين جي لاجواب بيت :[/JUSTIFY]

    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين​


    [JUSTIFY]پڙهي هن ڪامياب تقريب جي پُڄاڻيءَ جو اعلان ڪيو. بعد ۾ آيل معزز مهمانن جي ريفريشمينٽ به ڪرائي وئي. اهڙيءَ طرح هي تقريب جيڪا ڏينهن جو ٻين وڳي کان شروع ٿي شام جو ستين وڳي پنهنجي اختتام تي پهتي. هن تقريب جي آرگنائزنگ ڪاميٽي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جو سيڪريٽري محترم امين لاکو، کان علاوه علي اظهار، خالد آزاد ۽ مشتاق گبول پيش پيش هُئا

    هن پيڙهه رکڻ واري شانائتي ۽ مانائتي تقريب ۾ محترمه سسئي پليجو کان علاوه مشهور سنڌي ڏاهو محترم ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميدا حُسين، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، مشهور سماج سُڌارڪ سيد جاويد علي شاهه جيلاني، ڊائريڪٽر ڪلچرل ڊپارٽمنٽ سنڌ ڊاڪٽر محمدعلي مانجهي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦُل، محترم مشتاق بُخاري، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي جوائينٽ سيڪريٽري فيميل، آپا مهرالنساءِ لاڙڪ ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي خزانچي نبي بخش ناز ، زاهد راڄپر، زاهد باغي۽ سموري سنڌ کان ڪهي آيل سنڌي ادبي سنگت شاخن جا سيڪريٽري ۽ کوڙ سارا سنڌي ادبي سنگت جا ميمبر ان کان علاوه سانڃهه وند اديبن ۽ ادب دوستن شرڪت ڪئي[/JUSTIFY]
    پيش آهن هن تقريب جون تازيون تازيون تصويرون​


    [​IMG]
    هن افتتاحي تقريب جي سلسلي ۾ اسٽيج تي بينر لڳل آهي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت جا مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر مشتاق ڦل ، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، محترم نبي بّخش ناز ۽ محترما مهرالنسا لاڙڪ سنڌ جي ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو جو انتظار ڪري رهيا آهن ۔

    [​IMG]
    محترما سسئي پليجو صاحبه جي آجيان ڪئي پئي وڃي آجيان ڪرڻ واري محترما مهرالنسا لاڙڪ هُئي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    سنڌ جي ثقافت کاتي جي وزير محترما سسئي پليجو صاحبه سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽريٽ جي آفيس جو پيڙهه جو پٿر رکڻ اچي رهي آهي جڏهن ته ان سان گڏ ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پڻ نمايان آهن

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ جي ثقافت کاتي جي وزير محترما سسئي پليجو صاحبه مشهور سنڌي ڏاهو ابراهيم جويو ۽ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل پيڙهه جي پٿر جي ڏور ڇڪي پيڙهه جو پٿر رکي رهيا آهن​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو

    سڀ کان پهريان ته سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سائين مشتاق ڦل ۽ سموري سنگت جي سٿ کي ادبي سنگت جي پنهنجي عمارت جي سنگ بنياد رکڻ واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔

    سائين نثار اوهان کي به شاباس هجي جو اوهان هن تقريب جو سر بستو احوال خوبصورت تصويرن سان گڏ ونڊ ڪيو۔ سنڌي ادبي سنگت ايشيا جي سڀ کان وڏي ادبي تنظيم آهي ۽ سندس 55 سالا تاريخ ۾ هي هڪ وڏو ڪارنامو آهي۔ ادبي سنگت سنڌ لاء جدوجهد ۾ اهم ٿنڀ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اها اميد ته هو اڳي کان بهتر ڪارڪردگي پيش ڪندي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو