عوام آواز جي ٿورن سان اڄ جي خبر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2012۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    74
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    [​IMG]
    رنڪل کي مرضيءَ جو بيان ڏيڻ کان روڪيو پيو وڃي: راج ڪمار
    ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميرپورماٿيلي مان مبينا طور اغوا ٿيل رنڪل ڪماري جي مامي راج ڪمار سنڌ هاءِڪورٽ سکر کي اپيل ڪئي آهي ته رنڪل ڪماري کي دارالامان موڪلڻ سان گڏوگڏ کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حڪم تي 12 مارچ تي هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ حفاظت سان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ڪالهه عوامي آواز سان ڳالهائيندي راج ڪمار چيو ته نياڻي به اسان جي اغوا ٿي آهي ۽ درخواست به اسان جي خلاف داخل ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جنهن جي نياڻي اغوا ٿئي اهو ڪنهن ماڻهو جي لاءِ ڪو خطرو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته رنڪل ڪماري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو ويو ۽ نه فقط هو پر نويد شاهه به ميان مٺي جي تحويل ۾ آهي. هن چيو ته اسان کي ڀرچونڊي شريف جي پيرن ميان عبدالخالق، ميان منان، ميان نظر، ميان شفيق ۽ ٻين سان ڪا به شڪايت نه آهي، پر اسان کي ميان مٺي کان شڪايت آهي، ڇو ته هن هٿيارن جي زور تي اسان جي نياڻي اغوا ڪرائي آهي. هن چيو ته اسان ۽ سنڌ جو عوام صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان سوال ڪري ٿو ته سندن حڪم تي اڃا تائين عمل ڇو نه ٿيو آهي. هن چيو ته رنڪل ڪماري کي 15 ڏينهن دارالامان موڪليو وڃي ۽ 15 ڏينهن کانپوءِ کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پيش ڪري بيان ورتو وڃي ۽ جيڪڏهن هوءَ اتي پنهنجي مرضي سان مسلمان ٿي شادي جو بيان ڏئي ٿي ته اسان ڏاج ڏئي خوشي سان کيس پرڻائي ڏينداسين. هن چيو ته نه صرف هندن پر مسلمانن جون نياڻيون به سنڌ ۾ محفوظ نه آهن، تنهن ڪري حڪومت سنڌ جي نياڻين جي تحفظ لاءِ روايت کان هٽي ڪري قدم کڻي. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ داخل ٿيل درخواست تي ڪارروائي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ڪالهوڪي حڪم جي ڀڃڪڙي برابر آهي. هن چيو ته اڄ اسان جي خاندان مان ڪو به ماڻهو سکر ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيندو. ڇو ته اسان کي پنهنجي حياتي جو خطرو آهي. اسان جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿي موقف اختيار ڪندو ته هاءِ ڪورٽ سکر سرڪٽ بئنچ جي ڪارروائي چيف جسٽس جي حڪمن جي توهين آهي. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ تحفظ جي بهاني داخل ڪيل درخواست دراصل رنڪل ڪماري کي مرضي جو بيان ڏيڻ کان روڪڻ جي سازش آهي. هن چيو ته سنڌ جي 60 لک هندن اهو فيصلو ڪيو آهي ته هو اڳتي ڪنهن به سياسي جماعت کي ووٽ نه ڏيندا. ڇو ته ڪا به سياسي جماعت انهن سان اهڙي ريت نه بيٺي آهي، جيئن سنڌ جون قومپرست جماعتون ۽ سنڌ جو عوام سنڌ جي هندن سان گڏ بيٺو آهي.هن چيو ته سنڌ جو ڪو به هندو پنهنجي ماتر ڀومي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي، پر جڏهن اسان جون عزتون به محفوظ نه هجن ته پوءِ اسان ڇا ڪريون. هن چيو ته سنڌ جا وڏيرا هندن جا ووٽ وٺي ايوانن ۾ ته پهچن ٿا، پر اهي کين تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.
    سکر هاءِ ڪورٽ ۾ رنڪل ۽ نويد اڄ پيش ٿيندا، انتظام سخت
    سکر (رپورٽ؛جاويد ميمڻ) پيارخاطر مذهب مٽائي رنڪل مان فريال بڻجي ويل ميرپور ماٿيلي جي نوجوان ناري ۽ سندس پريمي ور سيد نويد شاه پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ تحفظ لاءِ داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي اڄ هتي ٿي رهي آهي. ٻڌڻيءَ جي موقعي تي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سکر پوليس پاران عدالت جي اندر توڙي ٻاهر سخت حفاظتي اپاءَ ورتا ويا آهن ۽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. پوليس ذريعن موجب پوليس کي خطرو آهي ته عدالت ۾ جوڙي جي پيشيءَ جي موقعي تي ميرپورماٿيلي جيان هٿياربندن جي اچڻ جو خدشو هجڻ سبب حفاظتي اپاءَ ورتا ويا آهن. ٻئي طرف ناري جا وارث اڄوڪي عدالتي ڪارروائي ۾ دلچسپي وٺڻ بدران 12 مارچ تي ڪراچي هاءِ ڪورٽ ۾ رکيل حاضريءَ لاءِ پنهنجون تياريون ڪري رهيا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو