اڄڪلهه اها ڳالهه ميڊيا ۽ چينلن تي ڇانيل آهي ته هڪ طاقتور شمسي طوفان جو زمين سان ٽڪراء جو انديشو آهي۔ ماهر چون ٿا ته هڪ زوردار شمسي طوفان ڌماڪي سان زمين سان ٽڪرائجي رهيو آهي، جنهن سبب بجلي، مواصلات ۽ فضائي ٽريفڪ جي متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي۔ سائنسدانن مطابق هي گذريل پنجن سالن ۾ زمين سان ٽڪرائجندڙ سڀ کان وڏو ۽ طاقتور شمسي طوفان هوندو۔
آمريڪي محڪمه موسيات موجب اهو شمسي طوفان زمين سان 64 لک ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ٽڪرائبو ۽ ان سان تابڪاري اثر پڻ ٿي سگهن ٿا ۽ ويجهو لگهندڙ جهاز ۽ مواصلاتي نظام تباهه ٿي سگهي ٿو ڇو ته هي طوفان سنئون سڌو ٽڪرائجي رهيو آهي۔
اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته 1972 ۾ آمريڪي رياست الينوئي ۾ فون لائنون متاثر ٿيون هيون جڏهن ته 2003 ۾ ايندڙ شمسي طوفان ۽ ان مان اٿندڙ مقناطيسي شعاعن سبب جپان جو هڪ مصنوعي سيارو تباهه ٿيو هو۔

حوالو : بي بي سي اردو
ترجمو : محمد سليمان وساڻ