[JUSTIFY] هڪ طرف انسان جي بلندي ڪا حد ناهي ته ٻئي طرف وري انسان جي پستي جي به ڪا حد ناهي ۔ انسان جي ڪرڻ جو ذڪر ڪندي انسان جو خالق هن کي جانور سان تشبيھ ڏيندي چوي ٿو ته هنن جي مثال ته هي جانور جيان آهي نه هي ته جانور کان به بدتر آهن۔ جانور گاه يا پنهنجي خوراڪ جي ڪري اڪنهن جو قتل ناهي ڪندو۔ جانور جنهن جو کائيندو آهي ان کي ڌوڪي سان قتل ناهي ڪندو۔ جوانور بيحيائي جا ڪم ناهي ڪندو، جانور ڪنهن سان ظلم ناهي ڪندو۔ گڏھ جي مٿان بار وجهي ان کي لٺيون به هڻندڙ جي سامان کي ان جي مرضي سان ان جي منزل تي پهچائيندو آهي ۔ ڪڏهن ائين به ناهي ڪندو ته مالڪ کي چوي اڄ جي تون مونکي هي خوراڪ ڏين ته تنهنجي مرضي جي مطابق تنهنجي طلب پوري ڪندس جي تون مونکي منهنجي مرضي جي مطابق خوراڪ نه ڏني ته آءو پنهنجي مرضي جي مطابق تنهنجو ڪم ڪندس، ڪڏهن مڪاري ۽ عياري غداري جهڙي بيماري جي ور جانور ناهي چڙهندو۔ نباتات جو عالم هي آهي ته جنهن وڻ کي اوهان پٿر هڻندو ته هو پنهنجي طرفان اوهان جي خدمت ۾ پنهنجو بهترين ڦل پيش ڪندو۔ هو دوست توڙي دشمن تي برابر ڇانوَ ڪيو بيٺو هوندو آهي ان جي پاڙ وڍيندڙ به ان جي ڇانوَ ۾ ويٺو هوندو آهي۔ پر هن انسان جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي هي ڪهاڻي اڄ جي ناهي هي آدم جي شروع تخليق کان وٺي هلندي پئي اچي ۽ شايد هي ان جي ذات ۾ آخري دم تائين رهندي ۔ قرآن جي سڀ کان وڏي سوره البقره ڇو پيو ان جي وجه ڇا آهي ۔ هي قرآن جي سڀ کان وڏي سوره آهي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ اڍائي سيپارن تي مشتمل آهي۔ ان صوره ۾ ٻيا به گهڻائي سبق آهن پر ان جو نالو البقره هڪ ڳئون جي عجيب و غريب قرباني جي ڪري پيو عربي ۾ بقره ڳئون کي چيو ويندو آهي ۔ ان جي وجه هڪ اهڙو واقعو آهي جنهنجي مثالون اھ اسان جي معاشري ۾ عام جام نظر پيون اچن ۔ ڪٿي عظيم رشتن جو قتل دولت جي حَوس جي ڪري ته ڪٿي دوستي جو قتل پيسي جي پوڄا ۾ ته ڪٿي ڪا معصوم ناري وحشياڻي حَوس جو شڪار ٿي پنهنجو وجود وڃا ويٺي انهن ظلمن جي دستانن کان نه ڪو شهر نه ڪو ڳوٺ نه ڪي وڏو نه ڪي ننڍو محفوظ آهي ۔ اڄ حالت اها آهي جو ڪنهن به ننڍڙي ٻار کي گهران ماءُ ميڊيا تي خبرون ڏسي گهران ڪنهن سودي سلف وٺڻ لاءِ دوڪان تي اڪيلو موڪلڻ لاءِ تيار ناهي ۔ ڪيترائي دوست آهن جي پنهنجي نياڻين کي علم جي زيور کان ان لاءِ محرو رکن پيا ته معاشري ۾ انساني هاڃا اهڙا روزانو سامهون پيا اچن جن کي ڏسندي وجود سُن ٿيو پيا وڃن ۔ ته مون اها ڳالھ پئي ڪئي ته قرآن ۾ سوره البقره ۾ هڪ ڳئون جو اهڙو عجيب واقعو آهي جنهن واقعي جي ڪري سوره البقره جو نالو البقره پيو۔ واقعو هن ريت آهي ته هڪ چاچي پنهنجي سڄي دولت پنهنجي ڀائٽيئي جي نالي وصيت ۾ ڪئي ته جي آءُ مري وڃان ته هن دولت جو وارث منهنجو ڀائيٽيو هوندو۔ ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ڀائٽيو ان دولت لاءِ بيتاب ٿيو ليڪن چاچو هو جو مري ئي ڪو نه پيو۔ آخر ان ڀائيٽيئ جي دل ۾ هڪ خيال آيو سو هن پنهنجي چاچي جو قتل ڪري ان جي لاش کي پاڙي واري ڳوٺ ۾ اڇلي آيو۔ صبح جو اچي شور مچايائين ته منهنجي چاچي کي هنن قتل ڪيو آهي۔ حضرت موسى جي رسالت جو زمانو هو فيصلو حضرت موسى وٽ آيو حضرت موسى کي وهي ٿي ته هنن کي چئو ته ڳئون جي قرباني ڪن ۽ ان جي گوشت جو ٽڪرو کڻي ان جي لاش سان مَسِ ڪن ته مردو زنده ٿي پنهنجي قاتل جي تصديق ڪندو ۔ هاڻي مسئلو اهو پيش آيو ته قرباني ڪير ڪري بحرحال جيئن جيئن سوال ڪندا رهيا تئين ڦاسندا رهيا آخر هنن کي قيمتي ڳئون جي قرباني ڪرڻي پئي جڏهن انجي گوشت جو ٽڪرو کڻي مُردي جي لاش سان مَس ڪيو ويو ته مُردو جيئرو ٿي پيو ۽ ان ٻڌايو ته ان جي ڀائٽيئي ان کي قتل ڪيو آهي ته جيئن هو ان جي دولت کي حاصل ڪري سگهي ۔ هاڻ ياهڙا ڪيترا واقعا آهن جي اسان جي معاشري ۾ جنم ٿا وٺن پيا ان دولت جي حَوس جي ڪري اولاد والدين جا قتل ڪيا آهن جنهن سان اليڪٽرانڪ ميڊيا و پرنٽ ميڊيا ڀري پئي آهي بلڪه جي ائين چئجي ته اهي خبرو ايتريون ته عام ٿي ويون آهن جن کي ماڻهون پڙهڻ به پنهنجي وقت جو زيان ٿو سمجهي جي اڄ معاشري ۾ ڪو اهڙو واقعو رونما ٿئي ٿو ته ان تي گهڙي سوا جو به ڪو بحث ڪرڻ لاءِ تيار ناهي انسان جي اکين مان اها عبرت الائي ڪيڏي اڏامي وئي آهي ، انسان مان انسان جي محبت نڪري وئي آهي ۔ الائي ڪهڙي واء گهُلي پئي آهي ۔ تازو ڪجھ ڏينهن پهريان پنجاب جي هڪ ضلعي ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو ته هڪ همراه پنهنجي گهر جي يارنهن ڀاتين کي چانھ ۾ نشو ڏئي پسٽل سان گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ چيو ته ڌاڙيل گهر ۾ گهڙيا ۽ سڀ گهر ڀاتين کي قتل ڪري ويا بعد ۾ پوليس جي تفتيش ڪئي ته خبر پئي ان همراه ڀينرن ڀائرن ماءُ پيءُ کي دولت حاصل ڪرن لاءِ قتل ڪيو۔ اهڙو هڪڙو ٻيو واقعو اڄ ڪنهن دوست ٻُڌايو ته هڪ چوڪرو ڪنهن گهر ۾ ٽيوشن پڙهائڻ ويندو هو ۔ اهي ماڻهون عربن جا مالڪ هيا ان جي نظر انهن جي دولت تي پئي ۔ هُن پهريان مالڪ جي پُٽ سان دوستي وڌائي پوءِ ان کي اغوا ڪيو پوءِ انتهائي سفاڪي سان قتل ڪيو پهريان ان جي ڳيڄي ۾ انهن تار وجهي پکي سان لٽڪائي پکو هلايو ته هو بيهوش ٿي ويو وري ان بيهوش کي ٻوري ۾ بند ڪري ان کي ٽين منزل تان هيٺ اڇلايو وري به ان ۾ اڃان ساھ هو ته انهن ان کي زنده ئي دفنائي ڇڏيو ۽ ان جي گهر وارن کان پيسن جي گهر ڪندا رهيا بعد ۾ سي پي ايل سي جي مدد سان انهن کي گرفتار ڪيو ويو۔ هڪ ٻي ڳالح ان ٻُڌائي ته جا شايد مون ٽي وي تي نه ڏٺي هئي ته هڪ همراه جيڪو ڪنهن وٽ ڊرائيور هوندو هو ان جي موڪل وڃڻ تي مالڪن جڏهن هڪ بئي همراه کي ڊرائيور رکيو ته هو انهن جي گهر ۾ چوري جي نيت سان ويو جڏهن هڪ عورت ان کي سڃاتو ته ان گهر ۾ مجود پنجن ماڻهن جو قتل ڪيو ۔ اڄ هي واقعا ڏسي انسان جو انسان نيت تان اعتبار کڄندو نظر ٿو اچي ۽ هي معاشرا هن جي لپيٽ ۾ مسلسل گهرندا رهندا ۔ ان جي وجه هن اسان جي معاشري ۾ نه ڪو قانون آهي نه ڪا عبرت ڀري ڪا سزا آهي هاڻي هي سفر ڪهڙو رُخ اختيار ڪندو ان جي آخري منزل ڪهڙي آهي ۽ جهنم جي ڪهڙي طبقي ۾ وڃي پنهنجو مقام ٺاهيندو انلاءِ ڪجھ نه ٿو چئي سگهجي ٿي مڙوئي سوُر اٿيا سي لکي ويٺا سون ۔ وسلام [/JUSTIFY]
جواب: مڙوئي سوُر اٿيا سي لکي ويٺا سون ۔ ڏاڏل سائين لک ٿورا اوهان پنهنجا ويچار ۽ احساس ونڊ ڪيا۔ اسان جي معاشري ۾ قانون ته آهن پر انهن تي عمل ڪير ڪري۔ قانون ٺاهڻ وارا ئي قانون کي ٽوڙين ٿا۔ پوء به مايوسي ڪفر آهي، اميد جو دامن نه ڇڏيو، اوهان قانون تي عمل ڪيو ۽ ٻين کي به تلقين ڪيو، پنهنجون نيتون سٺيون رکو ته ڪاميابي ضرور ملندي۔
جواب: مڙوئي سوُر اٿيا سي لکي ويٺا سون ۔ مون ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي وڏي ڀاءُ کي چيو ته ادا ڇونه هلي سنڌ ۾ رهجي؟ هلو ته گڏجي هلون ۽ پنهنجي ملڪ ۾ رهون ۔۔۔ خبر اٿوَ ڇا جواب ڏنائين؟” چيائين ته عجيب سـڄڻ ڀاءُ آهين جو جنت مان نڪري دوزخ ۾ هلي رهڻ جي صلاح پيو ڏئين۔ سنڌ هن وقت دوزخ مثل آهي جنهن ۾ جو به ماڻهون پنهنجو پٽڪو لاهي بگل ۾ ڪري هلندو سو ڪامياب ٿيندو، نه ته ماڻهون، ماڻهونءَ جي عزت جي اها حالت ڪنٿا جو کيس ڪٿي انصاف ملڻ مشڪل آهي ۔۔۔ قانون جي پاسداري نه قانون ۔۔۔۔ الله ڏاهي مَ ٿيان۔