حالات جِي رَمزَ!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏9 مارچ 2012۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    دوستو هي آرٽيڪل 2 مارچ تي شايع ٿيو انٽرنيٽ سهولت نه هئڻ ڪري ونڊ نه ڪري سگهيس۔ هي آرٽيڪل سوڀ، هلال پاڪستان، تعمير سنڌ، گراف، مقدمو، فاسٽ ٽائمز، پاڪ ۾ شايع ٿيو۔


    حالات جِي رَمزَ!!!

    اسان ٻنهي جو پاڻ ۾ بحث جاري هيو ته هن هڪ سوال ڪيو ادا هاڻي هڪڙي ڳالهه سمجهاءِ ته اليڪشن ڪڏهن ٿيندي؟؟ مون وراڻيو ته جڏهن حڪومت چاهي تڏهن…!! هن چيو مطلب ته سينيٽ اليڪشن کانپوءِ ..؟؟؟ مون ٻيهر وراڻيو ته اهو وري ڪيئن؟؟ تنهن تي هن چيو صدر، وزير اعظم ، وزير مشير سڀ ان ڳالهه جو اشارو ڏئي رهيا آهن ته جنرل اليڪشن سينيٽ اليڪشن کانپوءِ به ٿي سگهي ٿي..!!! مون چيو ته ڇاتون ڪرڪيٽ سيريز کان اڳ سعيد اجمل جي دوُسرا ۽ تيسرا جو ذڪر ٻڌو هيو؟؟ هن چيو ها بلڪل… مون چيو ته سعيد اجمل سندس ساڳئي بالنگ هلائي پر سندس تيسرا جي اعلان جو انگلينڊ تي نفسياتي دٻاءُ (Mental Pressure/ Tactics) پئجي ويو ۽ هو 6 وڪيٽون وٺي ويو. هن حيرانگيءَ مان پڇيو ته ان جو سياسي معاملن سان ڪهڙو تعلق..؟؟ مون چيو ته هاڻي سوال جواب جو سلسلو بند ڪر هاڻي ڪجهه منهنجي ناچيز ذهن جو تجزيو ٻڌ...... هن وقت حڪومت هر پاسي کان مسئلن ۾ ڦاٿل آهي پر صدر زرداريءَ جي (Mental Tactics) نفسياتي ترڪيبن سبب هو ايئن محسوس ڪرائي رهيا آهن ته انهن وٽ ڪو وڏ پتو (Card) رکيل آهي جيڪو وقت اچڻ تي هو استعمال ڪري ٻيهر چونڊجڻ جي قابل ٿي ويندا.. ميمو گيٽ اسڪينڊل سان جيترو فائدو حڪومت کي ٿيو آهي يا ٿيندو اهو شايد ڪنهن اندازو لڳايو هجي يا نه..؟ پر اها ڳالهه واضع آهي ته اهو معاملو جيترو اٿاريو ويو اوترو وقت حڪومت کي رليف مليو ..!!! ڇاڪاڻ ته معاملن کي تعطل ۾ وجهڻ جي لاءِ حڪومت هر موقعي کي ڪارآمد ڄاڻندي ان (Delaying Tactics) مان فائدو حاصل ڪندي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ توحين عدالت ڪيس پهريان ته حڪومت جي لاءِ پريشان ڪندڙ هيو پر هاڻي اهو پڻ حڪومت لاءِ هڪ پتو (Card) بڻجي چڪو آهي. هن حڪومت تمام مسئلن کي ڪهڙي طرح منهن ڏنو اهو شايد اندروني معاملا ڪجهه ٻيا هجن ۽ تجزيي نگارن جا تجزيه ڪجهه ٻيا هجن. توحين عدالت ڪيس کي حڪومت بلڪل آرام سان ۽ چالاڪيءَ سان وڙهي رهي آهي. جيڪڏهن وزير اعظم کي سزا ٿي ته سياسي شهيد ٿي ويندو ۽ گذريل سانحن کي هن سزا سان ڀيٽائي مٿن ذيادتين جو ذڪر شروع ڪيو ويندو ته اسان جي هڪ وزير اعظم کي ڦاسي هڪ جي حڪومت ڪرائي ويئي ۽ هاڻي ٽئين کي سزا ڏني ويئي آهي. ۽ موجوده حڪمران پارٽيءَ هميشه قربانيون ڏنيو آهن.!!! منهنجي منع ڪرڻ باوجود هن سوال ڪيو ته ڇا هيءَ حڪومت پاڻ کي ئي ڪيرائڻ ٿي چاهي؟؟؟؟ منهنجي سوچ جو تسلسل ٽٽي ويو ۽ منهنجو ڌيان ٻئي پاسي ڦري ويو ۽ اليڪشن جي مسئلي ڏانهن سوچڻ لڳس ڪجهه دير جي خاموشيءَ کانپوءِ ان کي جواب ڏنم ته شايد حڪومت پنهنجا پنج سال پورا ڪري...!! پر ان دوران هر قسم جو انتهائي فيصلو ((Risk ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته جيئن ان کي شهيد ٿيڻ جو موقعو ملي وڃي. صدر زرداري نواز ليگ ۽ وڏي در کي الائجي ڪهڙي پٽي پڙهائي آهي يا وري ڪو اهڙو خوف ڏياريو آهي جنهن سبب هو غير يقيني طور تي سينيٽ اليڪشن جي لاءِ تيار ٿي ويا. نواز ليگ سان ڪيل طئي ٿيل تازن اشوز ۾ شايد وقت کان پهريان چونڊون (Early Elections) ڪرائڻ، آزاد اليڪشن ڪميشن قائم ڪرڻ ۽ شايد جعلي دوائن واري معاملي کي دٻائڻ پڻ انهن ڳالهين ۾ شامل هيون. جن کي مڃڻ لاءِ حڪومت وقتي طور هاڪر ۾ ڪنڌ هلايو آهي. ان لاءِ ئي نواز ليگ چپ آهي.... نه ته سندس اسيمبلين کان استعفن وارو فيصلو ڪنهن هد تائين آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو هيو. پر مخدوم جاويد هاشمي جيڪو ان استعيفن جو سخت مخالف هيو ان جي پارٽي ڇڏڻ سبب نواز ليگ کي سر جي لڳي ۽ ٻين دوستن جي الڳ ٿيڻ جي ڊپ کان استعيفن جي معاملي کي في الحال چُپ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلي ڇڏيو آهي. صرف ٽي مهينا اڳ هڪ اليڪشن جو سجيل ڪيل ميدان اجڙي ويو ۽ سونامي خان به پريشانين جي ور چڙهي ويو آهي. هن جلد اليڪشن جي چمڪي تي مسلسل بندوق هلائيندو رهيو..! مطلب ته سندس پارٽي م داخلي جا در ايترا ته کولي ڇڏيا جو انهن کي بند ڪندي ڪندي ڪجهه اوپرا چئجن يا ڪجهه اڻ ڄاتا يا وري نقاب پوش داخل ٿي ويا جن جي سڃاڻ هليل ڪارتوسن جي طور تي ٿي. جهڙي وقت اهي ماڻهون سونامي خان جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويا ته سندس نوجوانن جي پارٽي سڏائڻ جو دعوو پاڻيءَ تي ليڪو ثابت ٿيو ۽ سندس ڪجهه دل وارا پيروڪار ان ڳالهه کي ايئن چئي دفاع ڪرڻ لڳا ته اليڪشن جو انتظار ڪيو وڃي ۽ پارٽي ٽڪيٽ جي ورڇ ۾ نوجوانن کي اڳي آندو ويندو...!!!! هڪ سوال آهي ته سونامي خان جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندڙ ڪجهه گڙنگ صرف چونڊ مهم (Election Camping) ۾تقريرون ڪرڻ جي لاءِ يا ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ پارٽيءَ کي جي دفاع جي لاءِ شامل ٿيا آهن..؟؟؟ جيڪڏ جواب ها آهي ته پوءِ به ڳالهه ڳري آهي. ڇا اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ پارٽي ٽڪٽ نه ملڻ کانپوءِ هو سونامي خان سان گڏ رهي سگهندا...؟؟؟ – خير حالات ۽ تجزيو ٻئي هڪ ٻئي سان ڪونه ٺهندا آهن. ڪڏهن ته وري حالات ۽ تجزيي جي اهڙي لڳندي آهي جو جيئن چئجي حالات اهڙي طرح هلندا آهن. ڏسجي ته حڪومت هلي ٿي يا نه...؟؟؟ غلط سوال ٺيڪ اهو آهي ته حڪومت شهيد ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي يا نه؟؟؟. اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حالات جِي رَمزَ!!!

    درويش سائين تمام سٺو تجزيو ۔۔۔۔

    پر پوء به گهڻا سوال اڃان سوال ئي رهجي ويا آهن۔ مان سمجهان ٿو ته وقت کان اڳ اليڪشن ٿيندي نظر ڪونه پئي اچي۔ مان ته ٻڌو آهي ته عمران خان جي پاارٽي مان ڪجهه خاص ماڻهو واپسي چاهين ٿا ۽ شايد اهي کيس الوداع ڪن۔

    پ پ پ حڪومت لاء اصغر خان ڪيس به هڪ ٽانڪ طور ثابت ٿي رهيو آهي۔ جنهن ۾ گهڻن ئي چهرن جا نقاب هٽي رهيا آهن ته ڪيئن پ پ پ کي اليڪشن مان ٻاهر ڪرڻ لاء فوج ۽ آء ايس آء پيسا استعمال ڪيا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو