ادا سائين مون وٽ هڪ ڪال آئي آهي جنهن ۾ ۔Private no لکيل هو هن آئي ڊي جو نمبر شو نه پيو ٿئي ۽ نه ئي ڪال وڃي ٿي ڪال اسٽوري ۾ نو نمبر لکيل آهي اهو ڪال ڪندڙ منهنجي ٽوٽل بايو ڊيٽا ٻڌائي ٿو ۽ ڌمڪائي رهيو آهي پليز ان جو ڪو حل ٻڌايو ته ان مان ڪيئن جان ڇڏايان۔
جواب: ان نون ڪالر آئي ڊي ادا توهان ان سان اخلاق سان ڳالهايو ۽ چئوس ته مونکان غلطي ٿي وئي آهي پاڻ ڀائر آهيون اهڙي ڳالهه نه آهي ، ته هو پاڻهين سمجهي ويندو ، جيڪڏهن اڃان به نٿو سمجهي ته تون ڳالهائينس ئي نه ، ڀلي تڏي فون ڪري
جواب: ان نون ڪالر آئي ڊي ادا توهان ان سان اخلاق سان ڳالهايو ۽ چئوس ته مونکان غلطي ٿي وئي آهي پاڻ ڀائر آهيون اهڙي ڳالهه نه آهي ، ته هو پاڻهين سمجهي ويندو ، جيڪڏهن اڃان به نٿو سمجهي ته تون ڳالهائينس ئي نه ، ڀلي تو ڏي فون ڪري
جواب: ان نون ڪالر آئي ڊي ادا توهانکي اها ڪال انٽرنيٽ تان آئي آهي ۔ اسانوٽ به ڪافي اهڙا سافٽويئر آهن جن تان اسان پاڪستان ڳالهائيندا آهيون ڇو ته تمام سستي ڪال پوندي آهي ۔ ادا ممڪن آهي ته توهانجو رانگ نمبر ڪنهن کان لڳي ويو هوندو
جواب: ان نون ڪالر آئي ڊي ادا عبدالغني صاحب اگر رانگ نمبر لڳي ته اهو ماڻهو مونکي پنهنجي رهائش ۽ نالو ته نٿو ٻڌائي سًگهي پر هو مونکي چڱي طرح سڃاڻي پيو ڇا پاڪستان مان انٽرنيٽ تان ڪال پاڪستان ۾ ڪري سًگهجي ٿي اگر هان ته ان جو سافٽويئر ٻڌايو۔۔۔
جواب: ان نون ڪالر آئي ڊي ادا ان مان ظاهر آهي ته هو توهانکي سڃاڻي ٿو ، ٻيو ته پاڪستان مان پاڪستان يا دنيا مان ڪٿان به ڪٿي به نيٽ تان ڪال ڪري سگهجي ٿي۔ ڪال ڪرڻ وارو چاهي ته پنهنجو نمبر ظاهر ڪري وڻيس ته ان نون ڪال ڪري جنهن تان پرائيويٽ نمبر يا نو نمبر لکيل ايندو آ ، ادا اهڙي قسم جا سافٽويئر ته کوڙ آهن ۔ اسان اڪثر وائيپ ڪالز وارا سافٽويئر استعمال ڪندا آهيون ۔
جواب: ان نون ڪالر آئي ڊي اهڙي قسم جو ڪو آزمايل سافٽ ويئر جي لنڪ دوستن کي گذارش آهي ته شيئر ڪن سدائين گڏ
جواب: ان نون ڪالر آئي ڊي ادا عبدالغني صاحب توهان کي گذارش آهي ته اهڙي قسم جي سافٽويئر جي لنڪ ڏيو جنهن تان صرف ڪالر آئي ڊي اچي نمبر شو نه ٿئي۔۔
جواب: ان نون ڪالر آئي ڊي ادا عرفان پاڪستان جا ڪجھ حساس ادارا اھڙا آھن جن جا پي ٽي سي ايل نمبر ھائيڊ ھوندا آھن۔ توھان ڳولھيو ته اوھان جو ڪو دوست يا رشتيدار آئي ايس آئي ۾، آئي بي ۾، ايف آئي اي ۾، يا وري ايم آئي ۾ جاب ڪري ٿو جيڪڏھن ھا ته يقينن اھو ئي اوھان کي ڪال ڪندو ھوندو ۔ اوھان کي پريشان ڪندو ھوندو۔ اسان وٽ آفيس ۾ به اھڙا نمبر آھن جيڪي Private no جي نالي سان شو ٿيندا آھن۔ ان۾پريشان ٿيڻ جي ڳالھ نه آھي
جواب: ان نون ڪالر آئي ڊي جي ادا عرفان پرِيشان ٿيڻ جي ڳالهه نه آهي منهنجو هڪ شاگرد فوج ۾ آهي اهو مون ڏي ڪال ڪندو آهي ته پرائيويٽ نمبر لکجي ويندو آهي يا وري 000000 لکيل هوندو آهي توهان جو ڪو دوست ئي هوندو جيڪو اوهان سان مزاڪ ڪري اوهان تنگ ڪرڻ چاهي ٿو۔
ادا اهڙي ڪال سرڪاري يا ڳجهن اداران جي ب ٿي سگهي ٿي ، انهن لاءِ اوهان جي معلومات معمولي ڳاله آهي “ يا وري ڪال ڪرڻ وارو توهان جو پنهجو ب ٿي سگھي ٿو.