عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
فيس بوڪ جي سڏ تي پريس ڪلب ڪراچي فيس بوڪ سنڱت احتجاج ۽ بک ھڙتال ڪئي۔
سنڌ جي مختلف علائقن مان سنڌي هندو نياڻين کي اغوا ڪري زوري مسلمان ڪرڻ، سنڌي هندن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ ۽ انهن کي سنڌ مان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ خلاف ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سنڌي سوشل ميڊيا فورم طرفان رنڪل ڪماري جي اغوا خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. بک هڙتالي ڪئمپ تي اغوا ڪري مسلمان ڪيل رنڪل ڪماري جي امڙ سلڇڻي، سندس ڀينرون صنم ۽ ورشا پڻ بک هڙتالي ڪئمپ تي پهتيون. بک هڙتال ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هيا، جن تي ر نڪل ڪماري کي آزاد ڪريو، سنڌي نياڻيون اغوا ڪرڻ بند ڪريو، سنڌي هندن کي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪرڻ بند ڪريو. ميان مٺو ۽ رنڪل ڪماري کي اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪريو. سنڌي هندن کي تحفظ ڏيو. فضلا سرڪي کي آزاد ڪريو جهڙا نعرا لکيل هئا. بک هڙتال تي ويٺل اهو به مطالبو ڪري رهيا هئا ته ڪنهن کي زبردستي مذهب مٽائڻ تي مجبور نه ڪريو، سنڌ مان اغوائون، ڦرون، ڌاڙا، ڪاروڪاري، قتل عام ۽ جرڳا سسٽم بند ڪريو. بک هڙتالي ڪئمپ تي فيس بڪ استعمال ڪندڙ سنڌي نوجوان سنڌي سوشل ميڊيا فورم جي سڏ تي گڏ ٿيا هيا. جنهن ۾ صحافي، وڪيل، استاد، انجنيئر، ڪلارڪ، ليکڪ ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل هيا. ليکڪ ۽ صحافي اسد چانڊيي ان موقعي تي چيو ته رنڪل ڪماري سميت اغوا ڪري زبردستي مسلمان ڪيل سنڌي نياڻيون موٽايون وڃن. ڪجهه ماڻهو جنت جي شوق ۾ زبردستي اهڙيون ڪارروايون ڪرائي رهيا آهن. هن چيو ته رنڪل ڪماري کي پنهنجي والدين سان ملڻ ڏنو وڃي ۽ ان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري ان جو خوف ختم ڪري پوءِ ان جو بيان ورتو وڃي. صحافي ذوالفقار واهوچو چيو ته گذريل ڪجهه عرصي کان هڪ منظم رٿابندي تحت سنڌي هندن کي سنڌ مان لڏائڻ لاءِ انهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي قانودان ۽ کاٻي ڌر جي اڳواڻ امر لعل چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ قائداعظم چيو هو ته هندو مسلمان، پارسي، سک، عيسائي، يهودي سڀ برابر برابر آهن. هن چيو ته قائداعظم پاڪستاني چوڪ تي خطاب ڪندي اهو به چيو ته مون جيڪو پاڪستان ٺاهيو هيو، اهو ناهي جيڪو اوهان پيش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته صدر وزيراعظم جيڪو سنڌي هندن سان واعدو ڪيو ان تان هو ڦري ويا آهن. هن چيو ته رنڪل ڪماري عدالت ۾ چيو ته هو پنهنجي والدين ڏانهن ويندي. هن چيو ته اسان مسلمان ۽ هندو ڇوڻ ڇڏي جڏهن سنڌي چوڻ شروع ڪيو ته پوءِ هي ڪوڙا سردار، مير، پير، وڏيرا سڀ ختم ٿي ويندا. هي رنڪل ڪماري جي اغوا جو مسئلو ناهي هر روز سنڌ ۾ نياڻيون اغوا ڪيون وڃن ٿيون. ڪاروڪاري ۾ قتل ٿين ٿيون، انهن سڀن جو مسئلو آهي اسان کي نياڻيون ۽ سنڌ بچائڻي آهي سنڌ جي موجوده تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو هيو جو سنڌي نوجوان مرد توڙي عورتون سياست کان مٿانهون ٿي وطن ۽ قوم لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان گڏ ٿيا. فيس فڪ جي سڏ تي گڏ ٿيا.
عوامي آواز