• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اياز جاني نينهن جهڙي ڇوڪري راڄ مان نڪري وئي ( وائي : اياز جاني)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڀلوڙ شاعر اياز جاني جي وائي پيش خدمت آهي۔

6zveog.jpg

نينهن جهڙي ڇوڪري
راڄ مان نڪري وئي

ٿي ويو هُل ڳوٺ ۾
شينهن جهڙي ڇوڪري
راڄ مان نڪري وئي

تهمتن جي رات ۾
ڏينهن جهڙي ڇوڪري
راڄ مان نڪري وئي

ڪو ٿريلو عشق هو
مِينهن جهڙي ڇوڪري
راڄ مان نڪري وئي

جواب: نينهن جهڙي ڇوڪري راڄ مان نڪري وئي ( وائي : اياز جاني)

واه واه ۔۔ ڇا ته ڇوڪري آ
 
جواب: نينهن جهڙي ڇوڪري راڄ مان نڪري وئي ( وائي : اياز جاني)

واھ استاد واھ :yahoo: زبردست رنگ

مهرباني

يار عاشق ايئن ته نه ڪر ۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان اوهان جا شاگرد آهيون ، اوهان وري استاد بڻائي ڇڏيو آهي۔

پسند ڪرڻ جي مهرباني
 
جواب: نينهن جهڙي ڇوڪري راڄ مان نڪري وئي ( وائي : اياز جاني)

مان به پيرو کنيون آ، ڪٿي ته ملندي اها ڇوڪري، ڏسان ته اها شينهن جهڙي ڇوڪري ۔۔۔ جنهن راڄن کي رلايو آهي ۔۔۔

باقي اسانجي هڪ شينهن جهڙي ڇوڪري جيڪا پاڻ کي مارئي ملير جي چوندي هئي سا به وڃي پنجاب جي شينهن تي چڙهي ويٺي آ ۔ ان مائِيءَ به راڄن کي رلايو آهي ۔۔۔ الامان مائي آ يا موالڻ ۔۔۔
 
جواب: نينهن جهڙي ڇوڪري راڄ مان نڪري وئي ( وائي : اياز جاني)

صبح سان فيسبڪ کوليندي محترم بيدل مسرور جا خيال هن مٿئين نظم لاءِ پڙهي، ڏاڍو کليو آهيان ۔۔۔ اصل ڏينهن هاڻ واهه جو گذرندو ۔۔۔ بيدل مسرور ڇا ٿو چوي۔

مون وري سمجهيو ته مَينهن جهڙي ڇوڪري، ڌڻ ڇڏي نڪري وئي، خير ، جتي به هجي سلامت هجي“

هههههههههههههه
 
”مون وري سمجهيو ته مَينهن جهڙي ڇوڪري، ڌڻ ڇڏي نڪري وئي، خير ، جتي به هجي سلامت هجي“

هههههههههههههه
 
جواب: نينهن جهڙي ڇوڪري راڄ مان نڪري وئي ( وائي : اياز جاني)

واه واه ۔۔ ڇا ته ڇوڪري آ

ابا شابس اٿئي جو صرف ڇوڪري تي نظر پئي اٿئي ۔۔۔۔۔۔

نه شاعر جي شاعري جي تعريف نه ڊزائن ڪرڻ واري جي تعريف ۔۔۔۔۔۔۔۔ واهه سائين اوهان جي نظر به ڪمال جي آهي۔
 
جواب: نينهن جهڙي ڇوڪري راڄ مان نڪري وئي ( وائي : اياز جاني)

واه يار سليمان صفا ظلم ٿو ڪرين

شاعري به شاعري پر ڇوڪري به ڇوڪري آهي
 
جواب: نينهن جهڙي ڇوڪري راڄ مان نڪري وئي ( وائي : اياز جاني)

واه يار سليمان صفا ظلم ٿو ڪرين

شاعري به شاعري پر ڇوڪري به ڇوڪري آهي

ڪريم سائين ڪڏهن ته سنجيده ٿي جواب لکو ۔۔۔۔ يار هاڻي هن عمر ۾ به اوهان ڇوڪرين جون ڳالهيون پيا ڪيو ؟؟ زور آهيو سائين
 
جواب: نينهن جهڙي ڇوڪري راڄ مان نڪري وئي ( وائي : اياز جاني)

تهمتن جي رات ۾
ڏينهن جهڙي ڇوڪري
راڄ مان نڪري وئي

اياز جاني بهترين وائي + خوبصورت ڊزائين
 
جواب: نينهن جهڙي ڇوڪري راڄ مان نڪري وئي ( وائي : اياز جاني)

صبح سان فيسبڪ کوليندي محترم بيدل مسرور جا خيال هن مٿئين نظم لاءِ پڙهي، ڏاڍو کليو آهيان ۔۔۔ اصل ڏينهن هاڻ واهه جو گذرندو ۔۔۔ بيدل مسرور ڇا ٿو چوي۔

مون وري سمجهيو ته مَينهن جهڙي ڇوڪري، ڌڻ ڇڏي نڪري وئي، خير ، جتي به هجي سلامت هجي“

هههههههههههههه

هاهاهاها

پر سندس جواب ۾ عزيز ڪنگراڻي به واهه جو تجزيو ڪيو۔ هن سائين بيدل جي جواب ۾ لکيو ته :

بيدل سائين جو ڏوهه ناهي سندس مشاهدي ۾ مَينهن جهڙي ڇوڪري گّذري هوندي. اياز جاني جو تخيُل بهترين
 
Back
Top