• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسلام وعليڪم جئي سنڌ

عبدالستارچنا

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي پوري سنگت کي هن حقير پاران اسلام وعليڪم
اميد ته هن محبتي اڱڻ جا سمورا ساٿي مالڪ جي ٻاجھ سان خيريت سان هوندا۔
هڪ وڏي عرضي کان پوء هن محبتي اڱڻ تي اچي دل ڏاڍي خوش ٿي آهي۔
سچ پڇو ته ڪجه مصروفيتن جي ڪري هن اڱڻ تي نه پئي اچي سگهيس ٻيو ته ڪجه پنهنجي به سستي آهي ان لاء سموري سٿ کان هي حقير بندو معافي جو طلبگار آهيان۔
سنڌ سلامت جي انتظاميان منهنجي نالي کان ته واقف آهي پر پوء به مان سمجهان ٿو ته پنهنجو تعارف ڪرايان ۔۔۔۔

سائين منهنجو تعلق دادو ضلعي جي هڪ قديم ڳوٺ پاٽ شريف سان آهي۔ پر والد صاحب جو روزگار ڪراچي ۾ هجڻ ڪري شروع کان رهائش به ڪراچي ۾ آهي۔ مالڪ جي ڪرم سان گريجوئشن کان پوء ڪراچي ۾ پرائيوٽ سيڪٽر ۾ مزدوري ڪندو آهيان۔۔۔ بس مالڪ سائين جي انيڪ احسانن سان تمام سٺو وقت گذري پيو۔ اميد ته هن حقير کي هن اوطاق جي سموري سنگت جي اها پهرين واري موٽ ملندي۔۔۔

ڌڻي سائين اوهان سڀني کي خوش و آباد ڪري پنهنجن پيارن سان،
مالڪ سائين سنڌ سلامت جي هن اڱڻ کي به شال سدا آباد ڪري۔ ثم آمين

نياز مند
خاڪسار عبدالستارچنه
aschanna84@gmail.com
 
جواب: اسلام وعليڪم جئي سنڌ

وعليڪم سلام ۽ سدا جيئي سنڌ

محترم دوست عبدالستار چنه صاحب سڀ کان پهرين ته اوهان کي سنڌ سلامت تي ٻيهر اچڻ تي ڀليڪار۔ سنڌ سلامت جا سڀ دوست اسان سان هر تحرير ۾ گڏ رهندا آهن۔ پوء به اوهان جهڙن دوستن کي فورم جو ساٿ ڇڏڻ ڪيئن گوارا ٿيو۔ اصل ۾ سنڌ سلامت مختلف خوشبوئن وارن گلن جو گڏيل گلدستو آهي جنهن ۾ اوهان جي به مهڪ شامل آهي۔

اوهان روزگار سانگي ڪراچي ۾ سيٽل آهيو، اها سٺي روايت آهي۔ ڪراچي به اسان جو شهر آهي ۽ مان پڻ هتي سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ پيو رهان۔ اميد ته اوهان سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀريندا رهندا ۽ هن ساٿ ۾ گڏ هوندا۔

اوهان کي ٻيهر دلي ڀليڪار ڪجي ٿي۔

5cxhdd.jpg
 
جواب: اسلام وعليڪم جئي سنڌ

سنڌ سلامت جي پوري سنگت کي هن حقير پاران اسلام وعليڪم
اميد ته هن محبتي اڱڻ جا سمورا ساٿي مالڪ جي ٻاجھ سان خيريت سان هوندا۔
هڪ وڏي عرضي کان پوء هن محبتي اڱڻ تي اچي دل ڏاڍي خوش ٿي آهي۔
سچ پڇو ته ڪجه مصروفيتن جي ڪري هن اڱڻ تي نه پئي اچي سگهيس ٻيو ته ڪجه پنهنجي به سستي آهي ان لاء سموري سٿ کان هي حقير بندو معافي جو طلبگار آهيان۔
سنڌ سلامت جي انتظاميان منهنجي نالي کان ته واقف آهي پر پوء به مان سمجهان ٿو ته پنهنجو تعارف ڪرايان ۔۔۔۔

سائين منهنجو تعلق دادو ضلعي جي هڪ قديم ڳوٺ پاٽ شريف سان آهي۔ پر والد صاحب جو روزگار ڪراچي ۾ هجڻ ڪري شروع کان رهائش به ڪراچي ۾ آهي۔ مالڪ جي ڪرم سان گريجوئشن کان پوء ڪراچي ۾ پرائيوٽ سيڪٽر ۾ مزدوري ڪندو آهيان۔۔۔ بس مالڪ سائين جي انيڪ احسانن سان تمام سٺو وقت گذري پيو۔ اميد ته هن حقير کي هن اوطاق جي سموري سنگت جي اها پهرين واري موٽ ملندي۔۔۔

ڌڻي سائين اوهان سڀني کي خوش و آباد ڪري پنهنجن پيارن سان،
مالڪ سائين سنڌ سلامت جي هن اڱڻ کي به شال سدا آباد ڪري۔ ثم آمين

نياز مند
خاڪسار عبدالستارچنه
aschanna84@gmail.com

اوهان ته اسانجي دل ۾ آهيو، ڀلا اوهانکي ڪيئن وساربو ۔۔۔ عبدالستار چنو، سنڌ سلامت جي بنيادي ۽ شروعاتي دوستن منجهان آهي، سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌيت سان پيار ڪندڙ آهي ۔۔۔ سندس جا کنيل پير ۽ رستا ساڳيا ئي آهن جيڪي هن اوطاق جي دوستن جا آهن ۔۔۔

هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۽ اميد ته هاڻ ڀيرو نه ڀڃندا ۔۔۔۔

جيئن مينهن ڪنڍي ڪور، تيئن دوست وارڪو دل سين۔
 
جواب: اسلام وعليڪم جئي سنڌ

محترم ساٿي عبدالستار چنا صاحب توھان کي سنڌسلامت جي اڱڻ تي دل جي گھراين سان ڀليڪار
 
جواب: اسلام وعليڪم جئي سنڌ

وعليڪم السلام پيارا ڀاءُ عبدالستار چنا صاحب سچ پڇو ته اوهانجي اچڻ سان دل کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي آهي ۔ توهانکي دل جي گهرائي سان ڀليڪار ، اميد ته پنهنجون پياريون تحريرون موڪليندا رهندا والسلام اوهانجو ڀاءُ
 
Back
Top